سورة البينة بالسندية
| ڪتاب وارن ۽ مشرڪن مان جن انڪار ڪيو سي (ايسين تائين پنھنجي رسم کان) الڳ ٿيڻ وارا نه ھوا جيسين تائين وٽن پڌري حُجّت (نه) اچي. | 
| (يعني) الله جو پيغمبر جو پاڪ صحيفا پڙھي. | 
| جن ۾ سڌا سنوان لکيل حُڪم آھن. | 
| وَمَا تَفَرَّقَ الَّذِينَ أُوتُوا الْكِتَابَ إِلَّا مِن بَعْدِ مَا جَاءَتْهُمُ الْبَيِّنَةُ(4)۽ جن کي ڪتاب ڏنو ويو سي پاڻ وٽ پڌري حُجّت جي اچڻ کانپوءِ مُختلف ٿيا. | 
| ۽ ھن کانسواءِ (ٻيو) ڪو حڪم نه ڪيو وين ته باطل کان مُنھن موڙي الله جي عبادت ڪن ۽ نماز پڙھندا رھن ۽ زڪوٰة ڏيندا رھن ۽ اھو آھي سڌو دين. | 
| بيشڪ ڪتاب وارن ۽ مشرڪن مان جن ڪفر ڪيو سي دوزخ جي باھ ۾ پوندا منجھس سدائين رھندڙ ھوندا، اھي ئي (ساريءَ) خلق کان (تمام) بڇڙا آھن. | 
| إِنَّ الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ أُولَٰئِكَ هُمْ خَيْرُ الْبَرِيَّةِ(7)بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا اھي ئي (ساريءَ) خَلق کان ڀَلا آھن. | 
| سندن بدلو سندن پالڻھار وٽ ھميشه جي رھڻ وارا باغ آھن جن جي ھيٺان واھيون پيون وھن انھن ۾ ھميشه سدائين رھندا، الله کائن راضي ٿيو ۽ اُھي کانئس راضي ٿيا، اھو (وعدو) انھيءَ لاءِ جيڪو پنھنجي پالڻھار کان ڊنو. | 
المزيد من السور باللغة السندية:
تحميل سورة البينة بصوت أشهر القراء :
قم باختيار القارئ للاستماع و تحميل سورة البينة كاملة بجودة عالية
 أحمد العجمي
أحمد العجمي
 خالد الجليل
خالد الجليل
 سعد الغامدي
سعد الغامدي
 سعود الشريم
سعود الشريم
 عبد الباسط
عبد الباسط 
 عبد الله الجهني
عبد الله الجهني
 علي الحذيفي
علي الحذيفي
 فارس عباد
فارس عباد
 ماهر المعيقلي
ماهر المعيقلي
 محمد جبريل
محمد جبريل
 المنشاوي
المنشاوي
 الحصري
الحصري
 مشاري العفاسي
مشاري العفاسي
 ناصر القطامي
ناصر القطامي
 ياسر الدوسري
ياسر الدوسري
Friday, October 31, 2025
لا تنسنا من دعوة صالحة بظهر الغيب

 

