Перевод суры Аль-Иншикак на синдхи язык
| جڏھن آسمان ڦاٽندو. | 
| ۽ پنھنجي پالڻھار جو حُڪم ڪن ڏئي ٻڌندو ۽ (ٻڌڻ) حق اٿس. | 
| ۽ جڏھن زمين پکيڙبي. | 
| ۽ جيڪي اُن ۾ ھوندو سو (سڀ) ڪڍي اُڇليندي ۽ خالي ٿيندي. | 
| ۽ پنھنجي پالڻھار جو حُڪم ڪن ڏئي ٻڌندي ۽ (ٻڌڻ) حق اٿس. | 
| يَا أَيُّهَا الْإِنسَانُ إِنَّكَ كَادِحٌ إِلَىٰ رَبِّكَ كَدْحًا فَمُلَاقِيهِ(6)اي ماڻھو تون پنھنجي پالڻھار ڏانھن (پھچڻ ۾) تمام گھڻي تڪليف وٺڻ وارو آھين جو اُن کي (وڃي) ملندين. | 
| پوءِ اُھو (ماڻھو) جنھن کي سندس سڄي ھٿ ۾ سندس اعمالنامو ڏبو. | 
| تنھن سان آسانيءَ طرح سگھوئي حساب ڪبو. | 
| ۽ پنھنجن گھر وارن ڏانھن خوش ٿي موٽندو. | 
| ۽ اُھو ماڻھو جنھن کي سندس اعمالنامو سندس پٺي پويان ڏبو. | 
| سو سگھوئي موت کي سڏيندو. | 
| ۽ دوزخ ۾ گھڙندو. | 
| ڇوته اُھو (دنيا ۾) پنھنجن گھر وارن ۾ خوش (حال) ھو. | 
| بيشڪ انھيءَ ڀانيو ھو ته (الله ڏانھن) ڪڏھن نه موٽندو. | 
| ھائو! (موٽندو) ڇوته سندس پالڻھار اُن کي ڏسندڙ آھي. | 
| پوءِ شفق جو قسم کڻان ٿو. | 
| ۽ رات جو (قسم) ۽ جنھن کي گڏ ڪيو اٿس. | 
| ۽ چنڊ جو (قسم) جڏھن پورو روشن ٿئي. | 
| ته ھڪ حال کان ٻئي حال تي ضرور چڙھندؤ. | 
| پوءِ ھنن (ڪافرن) کي ڇا (ٿيو) آھي جو ايمان نه آڻيندا آھن. | 
| ۽ جڏھن وٽن قرآن پڙھبو آھي (ته) سجدو نه ڪندا آھن. | 
| بلڪ (اھي) ڪافر ڪوڙ ڀانئيندا آھن. | 
| ۽ جيڪي (پنھنجين دلين ۾) سانڀيندا آھن سو الله چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي. | 
| پوءِ کين ڏکوئيندڙ عذاب جي خبر ڏي. | 
| إِلَّا الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ لَهُمْ أَجْرٌ غَيْرُ مَمْنُونٍ(25)پر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اَڻ کُٽ اَجر آھي. | 
Больше сур в синдхи:
Скачать суру Al-Inshiqaq с голосом самых известных рекитаторов Корана:
Сура Al-Inshiqaq mp3: выберите рекитатора, чтобы прослушать и скачать главу Al-Inshiqaq полностью в высоком качестве
 Ahmed Al Ajmy
Ahmed Al Ajmy
 Bandar Balila
Bandar Balila
 Khalid Al Jalil
Khalid Al Jalil
 Saad Al Ghamdi
Saad Al Ghamdi
 Saud Al Shuraim
Saud Al Shuraim
 Abdul Basit
Abdul Basit 
 Abdul Rashid Sufi
Abdul Rashid Sufi
 Abdullah Basfar
Abdullah Basfar
 Abdullah Al Juhani
Abdullah Al Juhani
 Fares Abbad
Fares Abbad
 Maher Al Muaiqly
Maher Al Muaiqly
 Al Minshawi
Al Minshawi
 Al Hosary
Al Hosary
 Mishari Al-afasi
Mishari Al-afasi
 Yasser Al Dosari
Yasser Al Dosari
Помолитесь за нас хорошей молитвой


