Surah Al-Insan with Sindhi
هَلْ أَتَىٰ عَلَى الْإِنسَانِ حِينٌ مِّنَ الدَّهْرِ لَمْ يَكُن شَيْئًا مَّذْكُورًا(1) ڪڏھن ماڻھوءَ تي زماني مان ھڪ (اھڙو) وقت گذري چڪو آھي جو (ھو اھڙي) ڪا شيءَ نه ھو جا يادگيريءَ ۾ اچي. |
إِنَّا خَلَقْنَا الْإِنسَانَ مِن نُّطْفَةٍ أَمْشَاجٍ نَّبْتَلِيهِ فَجَعَلْنَاهُ سَمِيعًا بَصِيرًا(2) بيشڪ اسان ماڻھوءَ کي ھڪڙي (پاڻ ۾) گڏيل منيءَ مان پيدا ڪيو، ته اُن کي پرکيون پوءِ کيس ٻڌندڙ ڏسندڙ ڪيوسون. |
إِنَّا هَدَيْنَاهُ السَّبِيلَ إِمَّا شَاكِرًا وَإِمَّا كَفُورًا(3) بيشڪ اسان کيس سڌو دڳ ڏسيو (ھاڻي ھو) شُڪر ڪندڙ ٿئي يا بي شُڪر. |
إِنَّا أَعْتَدْنَا لِلْكَافِرِينَ سَلَاسِلَ وَأَغْلَالًا وَسَعِيرًا(4) بيشڪ اسان ڪافرن لاءِ زنجير يا ڳٽ ۽ ٻرندڙ باھ تيار ڪئي آھي. |
إِنَّ الْأَبْرَارَ يَشْرَبُونَ مِن كَأْسٍ كَانَ مِزَاجُهَا كَافُورًا(5) بيشڪ نيڪ بخت ٻانھا (انھي شراب جي) پيالي مان پيئندا جنھن جي ملاوت ڪافور (جي چشمي جي پاڻي) جي ھوندي. |
عَيْنًا يَشْرَبُ بِهَا عِبَادُ اللَّهِ يُفَجِّرُونَهَا تَفْجِيرًا(6) اھو ھڪ چشمو آھي جنھن مان الله جا (پيارا) ٻانھا پيئندا جنھن کي چڱي طرح وھائيندا. |
يُوفُونَ بِالنَّذْرِ وَيَخَافُونَ يَوْمًا كَانَ شَرُّهُ مُسْتَطِيرًا(7) جي (الله جي) باس پوري ڪندا آھن ۽ اُن ڏينھن کان ڊڄندا آھن جنھن جي بڇڙائي (ھر طرف) پڌري ھوندي. |
وَيُطْعِمُونَ الطَّعَامَ عَلَىٰ حُبِّهِ مِسْكِينًا وَيَتِيمًا وَأَسِيرًا(8) ۽ طعام جي احتياج ھوندي مُحتاج ۽ يتيم ۽ قيدي کي کارائيندا آھن. |
إِنَّمَا نُطْعِمُكُمْ لِوَجْهِ اللَّهِ لَا نُرِيدُ مِنكُمْ جَزَاءً وَلَا شُكُورًا(9) (۽ چوندا آھن ته) اسين ته اوھان کي الله جي واسطي کارائيندا آھيون اوھان کان نڪو بدلو ۽ نڪا شڪر گذاري گھرندا آھيون. |
إِنَّا نَخَافُ مِن رَّبِّنَا يَوْمًا عَبُوسًا قَمْطَرِيرًا(10) بيشڪ اسين پنھنجي پالڻھار کان ھڪ ڏکئي ڏينھن کان ڊڄندا آھيون جو تمام سخت آھي. |
فَوَقَاهُمُ اللَّهُ شَرَّ ذَٰلِكَ الْيَوْمِ وَلَقَّاهُمْ نَضْرَةً وَسُرُورًا(11) پوءِ الله اُن ڏينھن جي مدائي کان کين بچايو ۽ اُنھن کي تازگي ۽ خوشي پھچائي. |
۽ سندن صبر ڪرڻ سببان باغ ۽ پَٽ (جو ويس) کين بدلو ڏنائين. |
مُّتَّكِئِينَ فِيهَا عَلَى الْأَرَائِكِ ۖ لَا يَرَوْنَ فِيهَا شَمْسًا وَلَا زَمْهَرِيرًا(13) اُن (باغ) ۾ تختن تي ٽيڪ ڏئي وھندا، اتي نڪي (سج جي) اُتت ۽ نڪي ڪا سخت سردي ڏسندا. |
وَدَانِيَةً عَلَيْهِمْ ظِلَالُهَا وَذُلِّلَتْ قُطُوفُهَا تَذْلِيلًا(14) ۽ اُن (باغ) جون ڇانئون مٿن ويجھيون ٿيل ھونديون ۽ اُن جا ميوا (پٽڻ ۾) چڱي طرح ويجھا ڪبا. |
وَيُطَافُ عَلَيْهِم بِآنِيَةٍ مِّن فِضَّةٍ وَأَكْوَابٍ كَانَتْ قَوَارِيرَا(15) ۽ روپن ٿانون ۽ پيالن سان وٽن اچ وڃ ٿيندي جي شيشن وانگر ھوندا. |
(پر) شيشا (به) چاندي جا جن کي انھن (پياريندڙن) پوري انداز سان ٺھرايو آھي. |
وَيُسْقَوْنَ فِيهَا كَأْسًا كَانَ مِزَاجُهَا زَنجَبِيلًا(17) ۽ اُتي کين شراب جا پيالا پياربا جنھن (جي پاڻي) جي ملاوت سُنڍ (جي چشمي) جي ھوندي. |
اُتي اھو ھڪ چشمو آھي جنھن جو نالو سَلۡسَبِيۡل رکيو وڃي ٿو. |
۞ وَيَطُوفُ عَلَيْهِمْ وِلْدَانٌ مُّخَلَّدُونَ إِذَا رَأَيْتَهُمْ حَسِبْتَهُمْ لُؤْلُؤًا مَّنثُورًا(19) ۽ وٽن ھميشه رھندڙ نينگر پيا گھمندا ڦرندا، (اي ڏسندڙ) جڏھن انھن کي ڏسندين (ته) انھن کي کنڊريل موتي پيو ڀائيندين. |
وَإِذَا رَأَيْتَ ثَمَّ رَأَيْتَ نَعِيمًا وَمُلْكًا كَبِيرًا(20) ۽ جڏھن اُتي نھاريندين (ته) اڻ کٽ نعمت ۽ وڏي بادشاھي پيو ڏسندين. |
مٿانئن سنھي سائي پَٽ ۽ ٿُلھي پَٽ جا ڪپڙا ھوندا، ۽ چاندِيءَ جا ڪنگڻ کين پارايا ويندا، ۽ سندن پالڻھار کين تمام پاڪ شراب پياريندو. |
إِنَّ هَٰذَا كَانَ لَكُمْ جَزَاءً وَكَانَ سَعْيُكُم مَّشْكُورًا(22) بيشڪ اھو اوھان (جي عملن) جو بدلو آھي ۽ اوھان جو سعيو قبول ڪيل آھي. |
بيشڪ اسان توتي قرآن درجي بدرجي لاٿو. |
فَاصْبِرْ لِحُكْمِ رَبِّكَ وَلَا تُطِعْ مِنْهُمْ آثِمًا أَوْ كَفُورًا(24) پوءِ پنھنجي پالڻھار جي حڪم (اچڻ) تائين صبر ڪر ۽ انھن (ماڻھن) مان ڪنھن گنھگار يا بي شڪر جو چيو نه مڃ. |
۽ پنھنجي پالڻھار جو نالو صبح ۽ سانجھيءَ ياد ڪر. |
وَمِنَ اللَّيْلِ فَاسْجُدْ لَهُ وَسَبِّحْهُ لَيْلًا طَوِيلًا(26) ۽ ڪجھ (وقت) رات ۾ اُن لاءِ نماز پڙھ ۽ گھڻي رات سندس پاڪائي ساراھ. |
إِنَّ هَٰؤُلَاءِ يُحِبُّونَ الْعَاجِلَةَ وَيَذَرُونَ وَرَاءَهُمْ يَوْمًا ثَقِيلًا(27) بيشڪ اُھي (ڪافر) دنيا کي پيارو رکندا آھن ۽ ڳوري ڏينھن کي پنھنجي پٺيان ڦٽو ڪندا آھن. |
نَّحْنُ خَلَقْنَاهُمْ وَشَدَدْنَا أَسْرَهُمْ ۖ وَإِذَا شِئْنَا بَدَّلْنَا أَمْثَالَهُمْ تَبْدِيلًا(28) اسان کين پيدا ڪيو ۽ سندن سَنڌ پُختا ڪياسون، ۽ جڏھن گھرون (ته) اھڙا ٻيا عوض ۾ مٽائي آڻيون. |
إِنَّ هَٰذِهِ تَذْكِرَةٌ ۖ فَمَن شَاءَ اتَّخَذَ إِلَىٰ رَبِّهِ سَبِيلًا(29) بيشڪ اھا نصيحت آھي، پوءِ جيڪو گھري سو پنھنجي پالڻھار ڏانھن واٽ وٺي. |
وَمَا تَشَاءُونَ إِلَّا أَن يَشَاءَ اللَّهُ ۚ إِنَّ اللَّهَ كَانَ عَلِيمًا حَكِيمًا(30) ۽ اوھين نه گھرندؤ مگر اُھو جيڪي الله گھري، ڇوته الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي. |
يُدْخِلُ مَن يَشَاءُ فِي رَحْمَتِهِ ۚ وَالظَّالِمِينَ أَعَدَّ لَهُمْ عَذَابًا أَلِيمًا(31) جنھن کي گھري (تنھن کي) پنھنجي رحمت ۾ داخل ٿو ڪري، ۽ ظالمن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿس. |
More surahs in Sindhi:
Download surah Al-Insan with the voice of the most famous Quran reciters :
surah Al-Insan mp3 : choose the reciter to listen and download the chapter Al-Insan Complete with high quality
Ahmed Al Ajmy
Bandar Balila
Khalid Al Jalil
Saad Al Ghamdi
Saud Al Shuraim
Abdul Basit
Abdul Rashid Sufi
Abdullah Basfar
Abdullah Al Juhani
Fares Abbad
Maher Al Muaiqly
Al Minshawi
Al Hosary
Mishari Al-afasi
Yasser Al Dosari
لا تنسنا من دعوة صالحة بظهر الغيب