Перевод суры Аль-Инфитар на синдхи язык
| جڏھن آسمان ڦاٽندو. | 
| ۽ جڏھن تارا ڇڻي پوندا. | 
| ۽ جڏھن سمنڊ تمام جوش سان وھائبا. | 
| ۽ جڏھن قبرون پٽبيون. | 
| (تڏھن) سڀڪو شخص اُھو ڄاڻندو جيڪي اڳي موڪليو ھوائين ۽ جيڪي پوئتي ڇڏيو ھوائين. | 
| يَا أَيُّهَا الْإِنسَانُ مَا غَرَّكَ بِرَبِّكَ الْكَرِيمِ(6)اي ماڻھو توکي تنھنجي (انھي) سڳوري پالڻھار کان ڪھڙي شيءَ ٺڳيو؟ | 
| جنھن توکي پيدا ڪيو پوءِ توکي سنئين لڱين ڪيائين پوءِ توکي برابر ڪيائين. | 
| جھڙي صورت ۾ گھريائين (تھڙيءَ ۾) تنھنجو جوڙ جوڙيائين. | 
| ائين نه آھي بلڪ اوھين عملن جي جزا ڏيڻ کي ڪوڙ ڀائيندا آھيو. | 
| ۽ بيشڪ اوھان تي نگھبان (مقرر ٿيل) آھن. | 
| سڳورا لکڻ وارا. | 
| جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو ڄاڻندا آھن. | 
| بيشڪ ڀلارا (بھشت جي) نعمت ۾ ھوندا. | 
| ۽ بيشڪ گنھگار دوزخ ۾ ھوندا. | 
| عملن جي بدلي جي ڏينھن دوزخ ۾ داخل ٿيندا. | 
| ۽ اُن کان اُھي لڪل نه ھوندا. | 
| ۽ ڪنھن سمجھايئي ته عملن جي بدلي جو ڏينھن ڇا آھي؟ | 
| وري (به چئون ٿا ته) ڪنھن سمجھايئي ته عملن جي بدلي جو ڏينھن ڇا آھي؟ | 
| يَوْمَ لَا تَمْلِكُ نَفْسٌ لِّنَفْسٍ شَيْئًا ۖ وَالْأَمْرُ يَوْمَئِذٍ لِّلَّهِ(19)اُھو ھڪ ڏينھن آھي جو ڪو جيءُ ڪنھن جيءَ کي ڪجھ فائدو پھچائي نه سگھندو، ۽ اُن ڏينھن (ساري) حڪومت خاص الله جي ھوندي. | 
Больше сур в синдхи:
Скачать суру Al-Infitar с голосом самых известных рекитаторов Корана:
Сура Al-Infitar mp3: выберите рекитатора, чтобы прослушать и скачать главу Al-Infitar полностью в высоком качестве
 Ahmed Al Ajmy
Ahmed Al Ajmy
 Bandar Balila
Bandar Balila
 Khalid Al Jalil
Khalid Al Jalil
 Saad Al Ghamdi
Saad Al Ghamdi
 Saud Al Shuraim
Saud Al Shuraim
 Abdul Basit
Abdul Basit 
 Abdul Rashid Sufi
Abdul Rashid Sufi
 Abdullah Basfar
Abdullah Basfar
 Abdullah Al Juhani
Abdullah Al Juhani
 Fares Abbad
Fares Abbad
 Maher Al Muaiqly
Maher Al Muaiqly
 Al Minshawi
Al Minshawi
 Al Hosary
Al Hosary
 Mishari Al-afasi
Mishari Al-afasi
 Yasser Al Dosari
Yasser Al Dosari
Помолитесь за нас хорошей молитвой


