Перевод суры Аль-Фаджр на синдхи язык
| وَالْفَجْرِ(1)پرھ جو قسم آھي. | 
| ۽ ڏھن راتين جو قسم آھي. | 
| ۽ ٻڌيءَ ۽ اِڪئيءَ جو قسم آھي. | 
| ۽ رات جو قسم آھي جڏھن ھلي. | 
| ھان ڌيان واري لاءِ ھن (قسمن) ۾ بيشڪ پورو قسم آھي. | 
| نه ڏٺئي ڇا ته (قوم) عاد سان تنھنجي پالڻھار ڪيئن ڪيو. | 
| (جي) ارم وارا وڏن ٿنڀن (جي عمارتن) وارا ھوا. | 
| جن جھڙو شھرن ۾ ڪونه بڻايو ويو آھي. | 
| ۽ (قوم) ثمُود سان (ڪيئن ڪيائين) جن ميدان (قرٰا) ۾ پھڻن جون ڇپون گھڙيون ھيون. | 
| ۽ ميخن واري فرعون سان (ڪئن ڪيائين). | 
| انھن (مڙني ٽولين) جن شھرن ۾ سرڪشي ڪئي. | 
| پوءِ منجھن گھڻو فساد ڪيائون. | 
| تنھنڪري تنھنجي پالڻھار مٿن عذاب جو چھبڪ وھايو. | 
| بيشڪ تنھنجو پالڻھار گھَٽَ (واري ھنڌ) ۾ (عملن کي ڏسندڙ) آھي. | 
| پوءِ ماڻھو کي جڏھن سندس پالڻھار (ھن طرح) پرکيندو آھي جو اُن کي مانوارو ڪندو آھي ۽ نعمت ڏيندو اٿس، ته چوندو آھي ته منھنجي پالڻھار مون کي نوازيو. | 
| وَأَمَّا إِذَا مَا ابْتَلَاهُ فَقَدَرَ عَلَيْهِ رِزْقَهُ فَيَقُولُ رَبِّي أَهَانَنِ(16)۽ جڏھن کيس (ٻئي طرح ھيئن) پرکيندو آھي جو مٿس روزي تنگ ڪندو آھي ته چوندو آھي ته منھنجي پالڻھار مون کي بي مانو ڪيو. | 
| (ھرگز) ائين نه آھي بلڪ ڇوري ٻار کي تعظيم نه ڏيندا آھيو. | 
| ۽ نڪي مسڪينن جي کارائڻ تي ھڪ ٻئي کي رغبت ڏياريندا آھيو. | 
| ۽ مُئن جو مال سموروئي ڳھي ويندا آھيو. | 
| ۽ گھڻي پيار سان مال کي پيارو رکندا آھيو. | 
| ائين نه ڪجي جڏھن زمين (جي اونچاڻ) ڪٽي ڪٽي سنئين ڪئي ويندي. | 
| ۽ تنھنجو پالڻھار ايندو ۽ ملائڪ صِف صِف ٿي (ايندا). | 
| وَجِيءَ يَوْمَئِذٍ بِجَهَنَّمَ ۚ يَوْمَئِذٍ يَتَذَكَّرُ الْإِنسَانُ وَأَنَّىٰ لَهُ الذِّكْرَىٰ(23)۽ اُن ڏينھن دوزخ کي آڻبو، اُن ڏينھن ماڻھو نصيحت وٺندو ۽ اُنھيءَ مھل (اھا نصيحت وٺڻ) اُن کي ڪٿي فائدي واري آھي. | 
| چوندو ته ھاءِ ارمان جيڪر پنھنجي (ھن ھميشه جي) حياتيءَ لاءَ (ڪجھ) اڳي موڪليان ھا. | 
| پوءِ انھيءَ ڏينھن الله جي عذاب جھڙو ڪوبه ڪونه عذاب ڪندو. | 
| ۽ نڪو ڪو الله جي قيد ڪرڻ جھڙو قيد ڪندو. | 
| (مؤمنن کي چئبو ته) اي آرام وٺڻ وارا جيءُ. | 
| تون پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽِ ھل (تون اُن کان) راضي ٿيل آھين (ھو توکان) راضي ٿيل آھي. | 
| تنھنڪري (تون) منھنجي ٻانھن (جي ٽوليءَ) ۾ داخل ٿيءُ. | 
| ۽ منھنجي بھشت ۾ گِھڙ. | 
Больше сур в синдхи:
Скачать суру Al-Fajr с голосом самых известных рекитаторов Корана:
Сура Al-Fajr mp3: выберите рекитатора, чтобы прослушать и скачать главу Al-Fajr полностью в высоком качестве
 Ahmed Al Ajmy
Ahmed Al Ajmy
 Bandar Balila
Bandar Balila
 Khalid Al Jalil
Khalid Al Jalil
 Saad Al Ghamdi
Saad Al Ghamdi
 Saud Al Shuraim
Saud Al Shuraim
 Abdul Basit
Abdul Basit 
 Abdul Rashid Sufi
Abdul Rashid Sufi
 Abdullah Basfar
Abdullah Basfar
 Abdullah Al Juhani
Abdullah Al Juhani
 Fares Abbad
Fares Abbad
 Maher Al Muaiqly
Maher Al Muaiqly
 Al Minshawi
Al Minshawi
 Al Hosary
Al Hosary
 Mishari Al-afasi
Mishari Al-afasi
 Yasser Al Dosari
Yasser Al Dosari
Помолитесь за нас хорошей молитвой


