سورو حجرات عربي ۽ سنڌي

سورو حجرات مڪمل سنڌي ترجمي سان پڙهو. عربي متن، سنڌي ترجمو ۽ آواز تلاوت. (18 آيت — مدنية). حجرات ٻڌو, حجرات ترجمو, حجرات mp3, حجرات pdf.

سورو حجرات پڙهو ۽ ٻڌو

🎧 آيت
M Mishary Rashid Alafasy
M Mahmoud Khalil Al-Husary
A Abdurrahman As-Sudais
M Mohamed Siddiq Al-Minshawi
A Abdul Basit Abdul Samad
A Ali Al-Hudhaify
A Ahmed ibn Ali al-Ajamy
A Abu Bakr Ash-Shaatree
M Muhammad Ayyoub
A Abdullah Basfar
A Abdullah Al-Juhani
M Maher Al Muaiqly
x1
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا لَا تُقَدِّمُوا بَيْنَ يَدَيِ اللَّهِ وَرَسُولِهِ ۖ وَاتَّقُوا اللَّهَ ۚ إِنَّ اللَّهَ سَمِيعٌ عَلِيمٌ ۝١
📖 ترجمو آيت 1
اي ايمان وارؤ الله ۽ سندس پيغمبر جي آڏو اڳرائي نه ڪريو ۽ الله کان ڊڄو، بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا لَا تَرْفَعُوا أَصْوَاتَكُمْ فَوْقَ صَوْتِ النَّبِيِّ وَلَا تَجْهَرُوا لَهُ بِالْقَوْلِ كَجَهْرِ بَعْضِكُمْ لِبَعْضٍ أَن تَحْبَطَ أَعْمَالُكُمْ وَأَنتُمْ لَا تَشْعُرُونَ ۝٢
📖 ترجمو آيت 2
اي ايمان وارؤ پنھنجا آواز پيغمبر جي آواز کان مٿي نه ڪريو ۽ جيئن اوھان جو ھڪ ٻئي سان وڏي سڏ ڳالھائڻ آھي (تئين) ساڻس ڳالھ ڏاڍيان نه ڳالھايو جو متان اوھان جا عمل چٽ ٿي وڃن ۽ اوھين نه پروڙيندا ھجو.
إِنَّ الَّذِينَ يَغُضُّونَ أَصْوَاتَهُمْ عِندَ رَسُولِ اللَّهِ أُولَٰئِكَ الَّذِينَ امْتَحَنَ اللَّهُ قُلُوبَهُمْ لِلتَّقْوَىٰ ۚ لَهُم مَّغْفِرَةٌ وَأَجْرٌ عَظِيمٌ ۝٣
📖 ترجمو آيت 3
بيشڪ جيڪي پنھنجن آوازن کي الله جي پيغمبر جي آڏو جھڪو ڪندا آھن اِھي اُھي آھن جن جي دلين کي الله پرھيزگاريءَ لاءِ آزمايو آھي، اُنھن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آھي.
إِنَّ الَّذِينَ يُنَادُونَكَ مِن وَرَاءِ الْحُجُرَاتِ أَكْثَرُهُمْ لَا يَعْقِلُونَ ۝٤
📖 ترجمو آيت 4
بيشڪ جيڪي حُجرن جي ٻاھران توکي سڏيندا آھن تن مان گھڻا بي سمجھ آھن.
وَلَوْ أَنَّهُمْ صَبَرُوا حَتَّىٰ تَخْرُجَ إِلَيْهِمْ لَكَانَ خَيْرًا لَّهُمْ ۚ وَاللَّهُ غَفُورٌ رَّحِيمٌ ۝٥
📖 ترجمو آيت 5
جيڪڏھن اُھي تنھنجي ڏانھُن نڪرڻ تائين صبر ڪن ھا ته اُنھن لاءِ ڀَلو ھُجي ھا، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا إِن جَاءَكُمْ فَاسِقٌ بِنَبَإٍ فَتَبَيَّنُوا أَن تُصِيبُوا قَوْمًا بِجَهَالَةٍ فَتُصْبِحُوا عَلَىٰ مَا فَعَلْتُمْ نَادِمِينَ ۝٦
📖 ترجمو آيت 6
اي ايمان وارؤ جيڪڏھن ڪو بدڪار ڪا خبر اوھان وٽ آڻي ته جاچ ڪريو جو (متان) ڪنھن قوم کي بي خبريءَ سان نقصان پھچايو پوءِ جيڪي اوھان ڪري چڪؤ تنھن تي پشيمان ٿيو.
وَاعْلَمُوا أَنَّ فِيكُمْ رَسُولَ اللَّهِ ۚ لَوْ يُطِيعُكُمْ فِي كَثِيرٍ مِّنَ الْأَمْرِ لَعَنِتُّمْ وَلَٰكِنَّ اللَّهَ حَبَّبَ إِلَيْكُمُ الْإِيمَانَ وَزَيَّنَهُ فِي قُلُوبِكُمْ وَكَرَّهَ إِلَيْكُمُ الْكُفْرَ وَالْفُسُوقَ وَالْعِصْيَانَ ۚ أُولَٰئِكَ هُمُ الرَّاشِدُونَ ۝٧
📖 ترجمو آيت 7
۽ ڄاڻو ته اوھان ۾ الله جو پيغمبر آھي، جيڪڏھن گھڻن ڪمن ۾ ھو اوھان جو چيو مڃيندو ته اوھين ڏکيا ٿيندؤ پر الله اوھان وٽ ايمان کي پيارو ڪرايو ۽ اوھان جي دلين ۾ ان کي چڱو ڪري ڏيکاريائين ۽ اوھان وٽ ڪفر ۽ بي ديني ۽ گناھ کي ناپسند ڪرايائين، اھي سڌي رستي وارا آھن.
فَضْلًا مِّنَ اللَّهِ وَنِعْمَةً ۚ وَاللَّهُ عَلِيمٌ حَكِيمٌ ۝٨
📖 ترجمو آيت 8
الله جي فضل ۽ احسان سان، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.
وَإِن طَائِفَتَانِ مِنَ الْمُؤْمِنِينَ اقْتَتَلُوا فَأَصْلِحُوا بَيْنَهُمَا ۖ فَإِن بَغَتْ إِحْدَاهُمَا عَلَى الْأُخْرَىٰ فَقَاتِلُوا الَّتِي تَبْغِي حَتَّىٰ تَفِيءَ إِلَىٰ أَمْرِ اللَّهِ ۚ فَإِن فَاءَتْ فَأَصْلِحُوا بَيْنَهُمَا بِالْعَدْلِ وَأَقْسِطُوا ۖ إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ الْمُقْسِطِينَ ۝٩
📖 ترجمو آيت 9
۽ جيڪڏھن مؤمنن جون ٻه ٽوليون پاڻ ۾ وڙھن ته سندن وچ ۾ صُلح ڪريو، پوءِ جيڪڏھن انھن مان ھڪڙي ٻي تي زيادتي ڪري ته جيڪا زيادتي ٿي ڪري تنھن سان وڙھو جيسين تائين الله جي حُڪم ڏانھن موٽي اچي، پوءِ جيڪڏھن موٽي آئي ته سندن وچ ۾ انصاف سان صُلح ڪريو ۽ انصاف سان ھلو، ڇوته الله انصاف وارن کي پيارو رکندو آھي.
إِنَّمَا الْمُؤْمِنُونَ إِخْوَةٌ فَأَصْلِحُوا بَيْنَ أَخَوَيْكُمْ ۚ وَاتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُمْ تُرْحَمُونَ ۝١٠
📖 ترجمو آيت 10
مؤمن ته سڀ ڀائر آھن تنھنڪري پنھنجي ٻنھي ڀائرن جي وچ ۾ صلح ڪريو، ۽ الله کان ڊڄو ته مانَ اوھان تي ٻاجھ ڪئي وڃي.
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا لَا يَسْخَرْ قَوْمٌ مِّن قَوْمٍ عَسَىٰ أَن يَكُونُوا خَيْرًا مِّنْهُمْ وَلَا نِسَاءٌ مِّن نِّسَاءٍ عَسَىٰ أَن يَكُنَّ خَيْرًا مِّنْهُنَّ ۖ وَلَا تَلْمِزُوا أَنفُسَكُمْ وَلَا تَنَابَزُوا بِالْأَلْقَابِ ۖ بِئْسَ الِاسْمُ الْفُسُوقُ بَعْدَ الْإِيمَانِ ۚ وَمَن لَّمْ يَتُبْ فَأُولَٰئِكَ هُمُ الظَّالِمُونَ ۝١١
📖 ترجمو آيت 11
اي ايمان وارؤ ڪا ٽولي ڪنھن ٽولي تي ٺـٺولي نه ڪري جو متان اُھي اُنھن کان ڀلا ھجن ۽ نه زالون ٻـين زالن سان (ٺـٺوليون ڪن) جو متان اُھي اُنھن کان ڀَليون ھجن، ۽ نڪي پاڻ ۾ (ھڪ ٻئي کي) عيب لايو ۽ نڪي ھڪ ٻئي کي بڇڙن لقبن سان سڏيو، (جو) ايمان آڻڻ کانپوءِ بي دينيءَ جو نالو (پوڻ) خراب آھي، ۽ جن توبه نه ڪئي سي ئي ظالم آھن.
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا اجْتَنِبُوا كَثِيرًا مِّنَ الظَّنِّ إِنَّ بَعْضَ الظَّنِّ إِثْمٌ ۖ وَلَا تَجَسَّسُوا وَلَا يَغْتَب بَّعْضُكُم بَعْضًا ۚ أَيُحِبُّ أَحَدُكُمْ أَن يَأْكُلَ لَحْمَ أَخِيهِ مَيْتًا فَكَرِهْتُمُوهُ ۚ وَاتَّقُوا اللَّهَ ۚ إِنَّ اللَّهَ تَوَّابٌ رَّحِيمٌ ۝١٢
📖 ترجمو آيت 12
اي ايمان وارؤ گھڻو ڪري گمان کان بچو، بيشڪ ڪي گمان گناھ آھن ۽ نڪي جاسوسي ڪريو ۽ نڪو ڪو اوھان مان ھڪ ٻئي جي گلا ڪري، ڀلا اوھان مان ڪو ھڪڙو پنھنجي مُئي ڀاءُ جو گوشت کائڻ پسند ڪندو آھي ڇا جنھن کان نفرت ڪندا آھيو، ۽ الله کان ڊڄو، بيشڪ الله توبه قبول ڪندڙ مھربان آھي.
يَا أَيُّهَا النَّاسُ إِنَّا خَلَقْنَاكُم مِّن ذَكَرٍ وَأُنثَىٰ وَجَعَلْنَاكُمْ شُعُوبًا وَقَبَائِلَ لِتَعَارَفُوا ۚ إِنَّ أَكْرَمَكُمْ عِندَ اللَّهِ أَتْقَاكُمْ ۚ إِنَّ اللَّهَ عَلِيمٌ خَبِيرٌ ۝١٣
📖 ترجمو آيت 13
اي ماڻھؤ بيشڪ اسان اوھان کي ھڪ مڙس ۽ ھڪ زال مان پيدا ڪيو ۽ اوھان کي ذاتيون ۽ پاڙا ڪيوسون ته ھڪ ٻئي کي سڃاڻو، بيشڪ اوھان مان تمام عزت وارو الله وٽ اُھو آھي جيڪو اوھان مان ڏاڍو پرھيزگار آھي، بيشڪ الله ڄاڻندڙ خبر رکندڙ آھي.
۞ قَالَتِ الْأَعْرَابُ آمَنَّا ۖ قُل لَّمْ تُؤْمِنُوا وَلَٰكِن قُولُوا أَسْلَمْنَا وَلَمَّا يَدْخُلِ الْإِيمَانُ فِي قُلُوبِكُمْ ۖ وَإِن تُطِيعُوا اللَّهَ وَرَسُولَهُ لَا يَلِتْكُم مِّنْ أَعْمَالِكُمْ شَيْئًا ۚ إِنَّ اللَّهَ غَفُورٌ رَّحِيمٌ ۝١٤
📖 ترجمو آيت 14
جھنگلي چوندا آھن ته ايمان اندو اٿون، (اي پيغمبر کين) چؤ ته (حقيقت ڪري) ايمان نه آندو اٿو پر (ايئن) چؤ ته اسين مُسلمان ٿيا آھيون ۽ اڃا اوھان جي دلين ۾ ايمان گھڙيو (ئي) نه آھي، ۽ جيڪڏھن الله ۽ سندس پيغمبر جو چيو مڃيندؤ ته اوھان جي عملن مان اوھان کي ڪجھ (به) نه گھٽائيندو، بيشڪ الله بخشڻھار مھربان آھي.
إِنَّمَا الْمُؤْمِنُونَ الَّذِينَ آمَنُوا بِاللَّهِ وَرَسُولِهِ ثُمَّ لَمْ يَرْتَابُوا وَجَاهَدُوا بِأَمْوَالِهِمْ وَأَنفُسِهِمْ فِي سَبِيلِ اللَّهِ ۚ أُولَٰئِكَ هُمُ الصَّادِقُونَ ۝١٥
📖 ترجمو آيت 15
مؤمن رڳو اُھي آھن جن الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آندو وري (ڪو) شڪ نه ڪيائون ۽ الله جي واٽ ۾ پنھنجن مالن ۽ پنھنجن جُسن سان جھاد ڪيائون، اھي ئي سچا آھن.
قُلْ أَتُعَلِّمُونَ اللَّهَ بِدِينِكُمْ وَاللَّهُ يَعْلَمُ مَا فِي السَّمَاوَاتِ وَمَا فِي الْأَرْضِ ۚ وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيْءٍ عَلِيمٌ ۝١٦
📖 ترجمو آيت 16
(اي پيغمبر کين) چؤ ته پنھنجو دين الله کي ڄاڻائيندا آھيو ڇا؟ ۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو سڀ الله ڄاڻندو آھي، ۽ الله سڀڪنھن شيءَ کي ڄاڻندڙ آھي.
يَمُنُّونَ عَلَيْكَ أَنْ أَسْلَمُوا ۖ قُل لَّا تَمُنُّوا عَلَيَّ إِسْلَامَكُم ۖ بَلِ اللَّهُ يَمُنُّ عَلَيْكُمْ أَنْ هَدَاكُمْ لِلْإِيمَانِ إِن كُنتُمْ صَادِقِينَ ۝١٧
📖 ترجمو آيت 17
(اي پيغمبر) اسلام آڻڻ جو توتي احسان رکندا آھن، چوينِ ته مون تي پنھنجي اسلام (آڻڻ) جو احسان نه رکو، بلڪ اوھان تي الله احسان رکندو آھي جو اوھان کي ايمان جي ھدايت ڪيائين جيڪڏھن سچا آھيو.
إِنَّ اللَّهَ يَعْلَمُ غَيْبَ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ ۚ وَاللَّهُ بَصِيرٌ بِمَا تَعْمَلُونَ ۝١٨
📖 ترجمو آيت 18
بيشڪ الله آسمانن ۽ زمين جو ڳجھ ڄاڻندو آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي.
→ 48 حجرات (49/114) 50 ←
پڙهو سورو حجرات سنڌي ترجمو – پڙهڻ ۽ ٻڌڻ

49الحجرات Al-Hujurat 📚 18 آيت مدنية

آيت به آيت – سورو حجرات — 18 آيت




قرآن ڪريم


Tuesday, August 18, 2026

Don't forget us in your sincere prayers