سورو کہف عربي ۽ سنڌي

سورو کہف مڪمل سنڌي ترجمي سان پڙهو. عربي متن، سنڌي ترجمو ۽ آواز تلاوت. (110 آيت — مكية). کہف ٻڌو, کہف ترجمو, کہف mp3, کہف pdf.

سورو کہف پڙهو ۽ ٻڌو

🎧 آيت
M Mishary Rashid Alafasy
M Mahmoud Khalil Al-Husary
A Abdurrahman As-Sudais
M Mohamed Siddiq Al-Minshawi
A Abdul Basit Abdul Samad
A Ali Al-Hudhaify
A Ahmed ibn Ali al-Ajamy
A Abu Bakr Ash-Shaatree
M Muhammad Ayyoub
A Abdullah Basfar
A Abdullah Al-Juhani
M Maher Al Muaiqly
x1
الْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي أَنزَلَ عَلَىٰ عَبْدِهِ الْكِتَابَ وَلَمْ يَجْعَل لَّهُ عِوَجًا ۜ ۝١
📖 ترجمو آيت 1
سڀ ساراھ انھي الله کي جڳائي جنھن پنھنجي ٻانھي (ﷴ ﷺ) تي ڪتاب لاٿو ۽ ان ۾ ڪو ڏِنگ نه رکيائين.
قَيِّمًا لِّيُنذِرَ بَأْسًا شَدِيدًا مِّن لَّدُنْهُ وَيُبَشِّرَ الْمُؤْمِنِينَ الَّذِينَ يَعْمَلُونَ الصَّالِحَاتِ أَنَّ لَهُمْ أَجْرًا حَسَنًا ۝٢
📖 ترجمو آيت 2
ھن لاءِ سڌو ڪيائين ته الله وٽان سخت مُصيبت کان ڪافرن کي ڊيڄاري ۽ اُنھن مؤمنن کي خوشخبري ڏي جيڪي چڱا ڪم ڪندا آھن ته اُنھن لاءِ چڱو اجر آھي.
مَّاكِثِينَ فِيهِ أَبَدًا ۝٣
📖 ترجمو آيت 3
منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.
وَيُنذِرَ الَّذِينَ قَالُوا اتَّخَذَ اللَّهُ وَلَدًا ۝٤
📖 ترجمو آيت 4
۽ انھن کي ڊيڄاري جيڪي چون ٿا ته الله (پاڻ لاءِ) پُٽ ورتو آھي.
مَّا لَهُم بِهِ مِنْ عِلْمٍ وَلَا لِآبَائِهِمْ ۚ كَبُرَتْ كَلِمَةً تَخْرُجُ مِنْ أَفْوَاهِهِمْ ۚ إِن يَقُولُونَ إِلَّا كَذِبًا ۝٥
📖 ترجمو آيت 5
جنھن جو نڪي کين ۽ نڪي سندن پيءُ ڏاڏن کي ڪو علم آھي، وڏي (گناھ جي) ڳالھ آھي جا سندن واتان نڪري ٿي، اھي ڪوڙ کانسواءِ (ٻيو ڪي) نه چوندا آھن.
فَلَعَلَّكَ بَاخِعٌ نَّفْسَكَ عَلَىٰ آثَارِهِمْ إِن لَّمْ يُؤْمِنُوا بِهَٰذَا الْحَدِيثِ أَسَفًا ۝٦
📖 ترجمو آيت 6
جيڪڏھن اھي ھن ڳالھ کي نه مڃن ته متان تون ارمان کان سندن پويان پاڻ کي ھلاڪ ڪرين.
إِنَّا جَعَلْنَا مَا عَلَى الْأَرْضِ زِينَةً لَّهَا لِنَبْلُوَهُمْ أَيُّهُمْ أَحْسَنُ عَمَلًا ۝٧
📖 ترجمو آيت 7
جيڪي زمين تي آھي سو اسان ان جي سينگار لاءِ ھن ڪري ڪيو ته سندن آزمائش وٺون ته انھن مان عملن ۾ ڏاڍو چڱو ڪير آھي.
وَإِنَّا لَجَاعِلُونَ مَا عَلَيْهَا صَعِيدًا جُرُزًا ۝٨
📖 ترجمو آيت 8
۽ ان زمين تي جيڪا (ساول) آھي سا اسين چٽي پٽي ڪرڻ وارا آھيون.
أَمْ حَسِبْتَ أَنَّ أَصْحَابَ الْكَهْفِ وَالرَّقِيمِ كَانُوا مِنْ آيَاتِنَا عَجَبًا ۝٩
📖 ترجمو آيت 9
پر ڀانيو اٿيئي ته غار ۽ رقيم وارا اسان جي نشانين مان عجيب آھن.
إِذْ أَوَى الْفِتْيَةُ إِلَى الْكَهْفِ فَقَالُوا رَبَّنَا آتِنَا مِن لَّدُنكَ رَحْمَةً وَهَيِّئْ لَنَا مِنْ أَمْرِنَا رَشَدًا ۝١٠
📖 ترجمو آيت 10
جڏھن غار ۾ ڪيترن جوانن جاءِ ورتي تڏھن چيائون ته اي اسان جا پالڻھار پاڻ وٽان اسان تي ٻاجھ عطا ڪر ۽ اسان جي ڪم ۾ اسان لاءِ چڱائي ڪر.
فَضَرَبْنَا عَلَىٰ آذَانِهِمْ فِي الْكَهْفِ سِنِينَ عَدَدًا ۝١١
📖 ترجمو آيت 11
پوءِ ڪيترائي ورهيه کين غار ۾ ڪَنن ڀر سمھاريوسون.
ثُمَّ بَعَثْنَاهُمْ لِنَعْلَمَ أَيُّ الْحِزْبَيْنِ أَحْصَىٰ لِمَا لَبِثُوا أَمَدًا ۝١٢
📖 ترجمو آيت 12
وري کين ھن لاءِ اٿاريوسون ته ڏيکاريون ته جا مدت رھيا سا ٻنھي ٽولين مان ڪھڙي کي ياد آھي.
نَّحْنُ نَقُصُّ عَلَيْكَ نَبَأَهُم بِالْحَقِّ ۚ إِنَّهُمْ فِتْيَةٌ آمَنُوا بِرَبِّهِمْ وَزِدْنَاهُمْ هُدًى ۝١٣
📖 ترجمو آيت 13
اسين توکي سندن سچي خبر بيان ڪريون ٿا، بيشڪ اھي ڪيترا جوان ھوا جو پنھنجي پالڻھار کي مڃيو ھوائون ۽ کين وڌيڪ ھدايت ڪئي ھئي سون.
وَرَبَطْنَا عَلَىٰ قُلُوبِهِمْ إِذْ قَامُوا فَقَالُوا رَبُّنَا رَبُّ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ لَن نَّدْعُوَ مِن دُونِهِ إِلَٰهًا ۖ لَّقَدْ قُلْنَا إِذًا شَطَطًا ۝١٤
📖 ترجمو آيت 14
۽ سندن دلين تي (سچائي) ٻڌي سون جڏھن اٿيا تڏھن چيائون ته اسان جو پالڻھار آسمانن ۽ زمين جو پالڻھار آھي ان کانسواءِ ٻئي ڪنھن کي معبُود ڪري نه سڏينداسون (جي سڏيوسون ته) ضرور بيشڪ اُنھي مھل بيھودي ڳالھ چئي سون.
هَٰؤُلَاءِ قَوْمُنَا اتَّخَذُوا مِن دُونِهِ آلِهَةً ۖ لَّوْلَا يَأْتُونَ عَلَيْهِم بِسُلْطَانٍ بَيِّنٍ ۖ فَمَنْ أَظْلَمُ مِمَّنِ افْتَرَىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا ۝١٥
📖 ترجمو آيت 15
اسان جي ھن قوم الله کانسواءِ ٻيا معبود ورتا آھن، مٿن ڇونه ڪو پڌرو دليل آڻيندا آھن؟ پوءِ جيڪو الله تي ڪوڙ ٺاھي ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي؟
وَإِذِ اعْتَزَلْتُمُوهُمْ وَمَا يَعْبُدُونَ إِلَّا اللَّهَ فَأْوُوا إِلَى الْكَهْفِ يَنشُرْ لَكُمْ رَبُّكُم مِّن رَّحْمَتِهِ وَيُهَيِّئْ لَكُم مِّنْ أَمْرِكُم مِّرْفَقًا ۝١٦
📖 ترجمو آيت 16
۽ جڏھن انھن (مشرڪن) کان ۽ (اھي) الله کانسواءِ جن کي پوڄيندا آھن تن کان پاسي ٿيو تڏھن غار ڏانھن پناہ وٺو ته اوھان جو پالڻھار اوھان لاءِ ٻاجھ پکيڙيندو ۽ اوھان جي ڪم ۾ اوھان لاءِ سولائي موجود ڪندو.
۞ وَتَرَى الشَّمْسَ إِذَا طَلَعَت تَّزَاوَرُ عَن كَهْفِهِمْ ذَاتَ الْيَمِينِ وَإِذَا غَرَبَت تَّقْرِضُهُمْ ذَاتَ الشِّمَالِ وَهُمْ فِي فَجْوَةٍ مِّنْهُ ۚ ذَٰلِكَ مِنْ آيَاتِ اللَّهِ ۗ مَن يَهْدِ اللَّهُ فَهُوَ الْمُهْتَدِ ۖ وَمَن يُضْلِلْ فَلَن تَجِدَ لَهُ وَلِيًّا مُّرْشِدًا ۝١٧
📖 ترجمو آيت 17
۽ (اي ڏسندڙ) جڏھن سج اڀري (تڏھن) ڏسندين ته (اُس) سندن غار کان سڄي پاسي لڙندي آھي ۽ جڏھن لھي تڏھن سندن کٻي پاسي مڙندي آھي ۽ اُھي ان (غار جي) ويڪرائي ۾ آھن، اِھا الله جي نشانين مان آھي، جنھن کي الله ھدايت ڪري سو ھدايت وارو آھي، ۽ جنھن کي ڀُلائي ان لاءِ ڪوبه دوست واٽ ڏيکارندڙ نه لھندين.
وَتَحْسَبُهُمْ أَيْقَاظًا وَهُمْ رُقُودٌ ۚ وَنُقَلِّبُهُمْ ذَاتَ الْيَمِينِ وَذَاتَ الشِّمَالِ ۖ وَكَلْبُهُم بَاسِطٌ ذِرَاعَيْهِ بِالْوَصِيدِ ۚ لَوِ اطَّلَعْتَ عَلَيْهِمْ لَوَلَّيْتَ مِنْهُمْ فِرَارًا وَلَمُلِئْتَ مِنْهُمْ رُعْبًا ۝١٨
📖 ترجمو آيت 18
۽ تون کين جاڳندڙ ڀائيندين پر اُھي (ننڊ ۾) سمھيل آھن، ۽ کين سڄي پاسي تي ۽ کٻي پاسي تي اٿلائيندا آھيون، ۽ سندن ڪتو چائٺ تي اڳيون ٽنگون ڊگھيريو پيو آھي، جيڪڏھن مٿن بيھي ڏسين ته کانئن ڀڄندڙ ٿي منھن ڦيرين ۽ کانئن دھشت کان ڀرجي وڃين.
وَكَذَٰلِكَ بَعَثْنَاهُمْ لِيَتَسَاءَلُوا بَيْنَهُمْ ۚ قَالَ قَائِلٌ مِّنْهُمْ كَمْ لَبِثْتُمْ ۖ قَالُوا لَبِثْنَا يَوْمًا أَوْ بَعْضَ يَوْمٍ ۚ قَالُوا رَبُّكُمْ أَعْلَمُ بِمَا لَبِثْتُمْ فَابْعَثُوا أَحَدَكُم بِوَرِقِكُمْ هَٰذِهِ إِلَى الْمَدِينَةِ فَلْيَنظُرْ أَيُّهَا أَزْكَىٰ طَعَامًا فَلْيَأْتِكُم بِرِزْقٍ مِّنْهُ وَلْيَتَلَطَّفْ وَلَا يُشْعِرَنَّ بِكُمْ أَحَدًا ۝١٩
📖 ترجمو آيت 19
۽ اھڙي طرح کين ھن لاءِ کڙو ڪيوسون ته پاڻ ۾ پڇن، منجھانئن چوندڙ چيو ته (اوھين ھتي) ڪيترو ٽڪيؤ، چيائون ته ھڪ ڏينھن يا ڏينھن کان گھٽ رھياسون، (ڪن) چيو ته جيڪي اوھين رھيا آھيو سو اوھان جو پالڻھار چڱو ڄاڻندڙ آھي، پوءِ مان پاڻ مان ھڪ کي ھِن پنھنجي رپئي سان شھر ڏانھن موڪليو پوءِ ڀلي ڏسي ته اُن (ڳوٺ) جو ڪھڙو طعام سٺو آھي پوءِ ان مان ڪجھ تعام اوھان وٽ آڻي ۽ جڳائي ته نرمي ڪري ۽ اوھان جو حال ڪنھن ھڪڙي کي نه ڄاڻائي.
إِنَّهُمْ إِن يَظْهَرُوا عَلَيْكُمْ يَرْجُمُوكُمْ أَوْ يُعِيدُوكُمْ فِي مِلَّتِهِمْ وَلَن تُفْلِحُوا إِذًا أَبَدًا ۝٢٠
📖 ترجمو آيت 20
ڇوته جيڪڏھن اھي اوھان تي غالب ٿيندا ته اوھان کي سنگسار ڪندا يا پنھنجي مذھب ۾ اوھان کي موٽائيندا ۽ اُن مھل اوھين ھرگز نه ڇٽندؤ.
وَكَذَٰلِكَ أَعْثَرْنَا عَلَيْهِمْ لِيَعْلَمُوا أَنَّ وَعْدَ اللَّهِ حَقٌّ وَأَنَّ السَّاعَةَ لَا رَيْبَ فِيهَا إِذْ يَتَنَازَعُونَ بَيْنَهُمْ أَمْرَهُمْ ۖ فَقَالُوا ابْنُوا عَلَيْهِم بُنْيَانًا ۖ رَّبُّهُمْ أَعْلَمُ بِهِمْ ۚ قَالَ الَّذِينَ غَلَبُوا عَلَىٰ أَمْرِهِمْ لَنَتَّخِذَنَّ عَلَيْهِم مَّسْجِدًا ۝٢١
📖 ترجمو آيت 21
۽ اھڙي طرح (تڏھن) ماڻھن کي ھن لاءِ مٿن خبردار ڪيوسون ته ڄاڻن ته الله جو انجام سچو آھي ۽ بيشڪ قيامت (ٿيڻي) آھي ان ۾ ڪو شڪ نه آھي، تڏھن انھن جي ڳالھ بابت پاڻ ۾ جھڳڙو ڪرڻ لڳا پوءِ چيائون ته انھن جي (غار) تي ڪا اڏاوت اڏيو، سندن پالڻھار کين ڄاڻندڙ آھي، جيڪي پنھنجي ڳالھ ۾ غالب ٿيا تن چيو ته انھن (جي غار) تي مسجد ضرور بڻائينداسون.
سَيَقُولُونَ ثَلَاثَةٌ رَّابِعُهُمْ كَلْبُهُمْ وَيَقُولُونَ خَمْسَةٌ سَادِسُهُمْ كَلْبُهُمْ رَجْمًا بِالْغَيْبِ ۖ وَيَقُولُونَ سَبْعَةٌ وَثَامِنُهُمْ كَلْبُهُمْ ۚ قُل رَّبِّي أَعْلَمُ بِعِدَّتِهِم مَّا يَعْلَمُهُمْ إِلَّا قَلِيلٌ ۗ فَلَا تُمَارِ فِيهِمْ إِلَّا مِرَاءً ظَاهِرًا وَلَا تَسْتَفْتِ فِيهِم مِّنْهُمْ أَحَدًا ۝٢٢
📖 ترجمو آيت 22
(ڪي) چوندا ته (اُھي) ٽي آھن چوٿون سندن ڪتو آھي، ۽ (ڪي) چوندا ته پنج آھن ڇھون سندن ڪتو آھي ڳُجھ بابت اٽڪل ھڻندا آھن، ۽ چوندا آھن ته ست آھن اٺون سندن ڪتو آھي، (اي پيغمبر) چؤ ته سندن ڳاڻيٽو منھنجو پالڻھار وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي انھن کي رڳو ڪي ٿورا ڄاڻندا آھن، پوءِ انھن بابت سرسري جھڳڙي ڪرڻ کانسواءِ جھڳڙو نه ڪر، ۽ نڪي انھن بابت ڪافرن مان ڪنھن ھڪ کان پڇا ڪر.
وَلَا تَقُولَنَّ لِشَيْءٍ إِنِّي فَاعِلٌ ذَٰلِكَ غَدًا ۝٢٣
📖 ترجمو آيت 23
۽ ڪنھن ڪم لاءِ انشاءالله کانسواءِ نه چؤ ته آءٌ ھي سڀاڻي ڪندس.
إِلَّا أَن يَشَاءَ اللَّهُ ۚ وَاذْكُر رَّبَّكَ إِذَا نَسِيتَ وَقُلْ عَسَىٰ أَن يَهْدِيَنِ رَبِّي لِأَقْرَبَ مِنْ هَٰذَا رَشَدًا ۝٢٤
📖 ترجمو آيت 24
۽ جڏھن پنھنجي پالڻھار کي وسارين (تڏھن تون اُن کي) ياد ڪر ۽ چؤ ته سگھوئي منھنجو پالڻھار ھن کان به ڏاڍي ويجھي سڌي ھدايت ڪندو.
وَلَبِثُوا فِي كَهْفِهِمْ ثَلَاثَ مِائَةٍ سِنِينَ وَازْدَادُوا تِسْعًا ۝٢٥
📖 ترجمو آيت 25
۽ اُھي پنھنجي غار ۾ ٽن سون ورھن کان وڌيڪ نَو ورھ رھيا.
قُلِ اللَّهُ أَعْلَمُ بِمَا لَبِثُوا ۖ لَهُ غَيْبُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ ۖ أَبْصِرْ بِهِ وَأَسْمِعْ ۚ مَا لَهُم مِّن دُونِهِ مِن وَلِيٍّ وَلَا يُشْرِكُ فِي حُكْمِهِ أَحَدًا ۝٢٦
📖 ترجمو آيت 26
(جيڪڏھن اُھي نه مڃين ته) چئو ته جيڪي رھيا سو الله وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي، اُن کي آسمانن ۽ زمين جو ڳجھ (معلوم) آھي، ڪھڙو عجيب ڏسندڙ ۽ ڪھڙو عجيب ٻڌندڙ آھي، اُن کانسواءِ ڪو انھن جو مددگار نه آھي، ۽ پنھنجي حُڪم ۾ ڪنھن ھڪ کي ڀائيوار نه ڪندو آھي.
وَاتْلُ مَا أُوحِيَ إِلَيْكَ مِن كِتَابِ رَبِّكَ ۖ لَا مُبَدِّلَ لِكَلِمَاتِهِ وَلَن تَجِدَ مِن دُونِهِ مُلْتَحَدًا ۝٢٧
📖 ترجمو آيت 27
۽ تنھنجي پالڻھار جي ڪتاب مان جيڪي توڏانھن وحي ڪيو ويو سو پڙھ، سندس حُڪم کي ڪا ڦير ڦار نه آھي، ۽ اُن کانسواءِ تون ڪا واھ نه لھندين.
وَاصْبِرْ نَفْسَكَ مَعَ الَّذِينَ يَدْعُونَ رَبَّهُم بِالْغَدَاةِ وَالْعَشِيِّ يُرِيدُونَ وَجْهَهُ ۖ وَلَا تَعْدُ عَيْنَاكَ عَنْهُمْ تُرِيدُ زِينَةَ الْحَيَاةِ الدُّنْيَا ۖ وَلَا تُطِعْ مَنْ أَغْفَلْنَا قَلْبَهُ عَن ذِكْرِنَا وَاتَّبَعَ هَوَاهُ وَكَانَ أَمْرُهُ فُرُطًا ۝٢٨
📖 ترجمو آيت 28
۽ پاڻ کي انھن سان صبر ۾ رک جيڪي پنھنجي پالڻھار کي صُبح ۽ سانجھيءَ جو ياد ڪندا آھن (۽) سندس رضا مندي گھرندا آھن ۽ (گھرجي ته) تنھنجون اکيون دُنيا جي حياتيءَ جي سينگار جو ارادو رکي انھن (ياد ڪندڙن) کان (ٻئي پاسي) نه واجھائين، ۽ انھيءَ جي فرمانبرداري نه ڪر جنھن جي دل اسان پنھنجي ياد ڪرڻ کان غافل ڪئي ۽ پنھنجي خواھش جي پٺيان لڳو ۽ سندس ڪم حد کان وڌيل آھي.
وَقُلِ الْحَقُّ مِن رَّبِّكُمْ ۖ فَمَن شَاءَ فَلْيُؤْمِن وَمَن شَاءَ فَلْيَكْفُرْ ۚ إِنَّا أَعْتَدْنَا لِلظَّالِمِينَ نَارًا أَحَاطَ بِهِمْ سُرَادِقُهَا ۚ وَإِن يَسْتَغِيثُوا يُغَاثُوا بِمَاءٍ كَالْمُهْلِ يَشْوِي الْوُجُوهَ ۚ بِئْسَ الشَّرَابُ وَسَاءَتْ مُرْتَفَقًا ۝٢٩
📖 ترجمو آيت 29
۽ چؤ ته (اھو سخن) اوھان جي پالڻھار وٽان (آيل) سچ آھي، پوءِ جنھن کي وڻي سو ايمان آڻي ۽ جنھن کي وڻي سو نه مڃي، اسان ظالمن لاءِ باھ تيار ڪئي آھي (۽) اُن جا پردا اُنھن کي ويڙھيندا، ۽ جيڪڏھن فرياد ڪندا ته انھن جي فرياد اھڙي پاڻيءَ سان ورائي ويندي جو پگھاريل ٽامي وانگر ھوندو سندن منھن کي ڀڃندو، اُھو بڇڙو پيڻ آھي، ۽ بڇڙو آرام جو ھنڌ آھي.
إِنَّ الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ إِنَّا لَا نُضِيعُ أَجْرَ مَنْ أَحْسَنَ عَمَلًا ۝٣٠
📖 ترجمو آيت 30
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ته جنھن چڱو ڪم ڪيو آھي تنھن جو اجر اسين نه وڃائينداسون.
أُولَٰئِكَ لَهُمْ جَنَّاتُ عَدْنٍ تَجْرِي مِن تَحْتِهِمُ الْأَنْهَارُ يُحَلَّوْنَ فِيهَا مِنْ أَسَاوِرَ مِن ذَهَبٍ وَيَلْبَسُونَ ثِيَابًا خُضْرًا مِّن سُندُسٍ وَإِسْتَبْرَقٍ مُّتَّكِئِينَ فِيهَا عَلَى الْأَرَائِكِ ۚ نِعْمَ الثَّوَابُ وَحَسُنَتْ مُرْتَفَقًا ۝٣١
📖 ترجمو آيت 31
اِھي (اُھي) آھن جن لاءِ ھميشگيءَ جا بھشت (ھوندا) جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھس سونن ڪنگڻن جا زيور انھن کي پارايا ويندا ۽ سَنھي ۽ ٿُلھي پٽ جي سائي پوشاڪ ڍڪيندا (۽) اتي تختن تي تڪيو لائي وھندا، اِھو بدلو چڱو آھي، ۽ آرام جي جاءِ به چڱي آھي.
۞ وَاضْرِبْ لَهُم مَّثَلًا رَّجُلَيْنِ جَعَلْنَا لِأَحَدِهِمَا جَنَّتَيْنِ مِنْ أَعْنَابٍ وَحَفَفْنَاهُمَا بِنَخْلٍ وَجَعَلْنَا بَيْنَهُمَا زَرْعًا ۝٣٢
📖 ترجمو آيت 32
۽ (اي پيغمبر) کين ٻن مڙسن جو قصو بيان ڪر ۽ انھن مان ھڪڙي لاءِ ڊاکن جا ٻه باغ پيدا ڪيا ھئاسون ۽ انھن جي چوڌاري کجيون پيدا ڪيو ھيوسون ۽ انھن جي وچ ۾ پوک پيدا ڪئي ھئي سون.
كِلْتَا الْجَنَّتَيْنِ آتَتْ أُكُلَهَا وَلَمْ تَظْلِم مِّنْهُ شَيْئًا ۚ وَفَجَّرْنَا خِلَالَهُمَا نَهَرًا ۝٣٣
📖 ترجمو آيت 33
ٻنھين باغن پنھنجا ميوا پچايا ۽ منجھانئن ڪجھ گھٽ نه ڪيائون ۽ انھن جي وچ ۾ واھيون وھايون سون.
وَكَانَ لَهُ ثَمَرٌ فَقَالَ لِصَاحِبِهِ وَهُوَ يُحَاوِرُهُ أَنَا أَكْثَرُ مِنكَ مَالًا وَأَعَزُّ نَفَرًا ۝٣٤
📖 ترجمو آيت 34
۽ ان کي (گھڻو) ڦر مليو، پوءِ پنھنجي سنگتيءَ سان ڳالھائيندي ان کي چيائين ته آءٌ توکان مال ۾ وڌيڪ آھيان ۽ ماڻھن جي ڪري (به) وڌيڪ عِزّت وارو آھيان.
وَدَخَلَ جَنَّتَهُ وَهُوَ ظَالِمٌ لِّنَفْسِهِ قَالَ مَا أَظُنُّ أَن تَبِيدَ هَٰذِهِ أَبَدًا ۝٣٥
📖 ترجمو آيت 35
۽ پنھنجي باغ ۾ گھڙيو ۽ ھو پاڻ لاءِ ظالم ھو، چيائين ته مون کي ھن (باغ) جي ناس ٿيڻ جو ڪڏھن به گمان نه آھي.
وَمَا أَظُنُّ السَّاعَةَ قَائِمَةً وَلَئِن رُّدِدتُّ إِلَىٰ رَبِّي لَأَجِدَنَّ خَيْرًا مِّنْهَا مُنقَلَبًا ۝٣٦
📖 ترجمو آيت 36
۽ نڪي قيامت جي قائم ٿيڻ جو مون کي ڪو گمان آھي ۽ جيڪڏھن پنھنجي پالھڻار ڏانھن موٽيس (ته) ھن کان (به) ڀلي جاءِ لھندس.
قَالَ لَهُ صَاحِبُهُ وَهُوَ يُحَاوِرُهُ أَكَفَرْتَ بِالَّذِي خَلَقَكَ مِن تُرَابٍ ثُمَّ مِن نُّطْفَةٍ ثُمَّ سَوَّاكَ رَجُلًا ۝٣٧
📖 ترجمو آيت 37
سندس سنگتي ساڻس گفتگو ڪندي کيس چيو ته جنھن توکي مٽيءَ مان بڻايو وري نطفي سان وري سنئين لڱين مڙس ڪيائين تنھن جو تو ڇو انڪار ڪيو؟
لَّٰكِنَّا هُوَ اللَّهُ رَبِّي وَلَا أُشْرِكُ بِرَبِّي أَحَدًا ۝٣٨
📖 ترجمو آيت 38
(آءٌ ھي ويساھ رکندو آھيان ته) منھنجو پالڻھار الله آھي ۽ آءٌ پنھنجي پالڻھار سان ڪوبه شريڪ نه ڪندس.
وَلَوْلَا إِذْ دَخَلْتَ جَنَّتَكَ قُلْتَ مَا شَاءَ اللَّهُ لَا قُوَّةَ إِلَّا بِاللَّهِ ۚ إِن تَرَنِ أَنَا أَقَلَّ مِنكَ مَالًا وَوَلَدًا ۝٣٩
📖 ترجمو آيت 39
۽ جڏھن تون پنھنجي باغ ۾ گھڙين تڏھن ڇونه چيئي ته جيڪي الله گھريو (سو ٿيڻو آھي) جو الله (جي مدد) کانسواءِ ڪا سگھ نه آھي، جيڪڏھن تون پاڻ کان مون کي مال ۽ اولاد ۾ گھٽ ڏسين ٿو.
فَعَسَىٰ رَبِّي أَن يُؤْتِيَنِ خَيْرًا مِّن جَنَّتِكَ وَيُرْسِلَ عَلَيْهَا حُسْبَانًا مِّنَ السَّمَاءِ فَتُصْبِحَ صَعِيدًا زَلَقًا ۝٤٠
📖 ترجمو آيت 40
ته اُميد آھي جو منھنجو پالڻھار تنھنجي باغ کان چڱو مونکي ڏيندو ۽ اُن (تنھنجي باغ) تي آسمان کان ڪا آفت موڪلي پوءِ ڦري چِٽي پَٽي ٿي پَوي.
أَوْ يُصْبِحَ مَاؤُهَا غَوْرًا فَلَن تَسْتَطِيعَ لَهُ طَلَبًا ۝٤١
📖 ترجمو آيت 41
يا سندس پاڻي سُڪي وڃي پوءِ ان کي ڪڏھن لھي نه سگھين.
وَأُحِيطَ بِثَمَرِهِ فَأَصْبَحَ يُقَلِّبُ كَفَّيْهِ عَلَىٰ مَا أَنفَقَ فِيهَا وَهِيَ خَاوِيَةٌ عَلَىٰ عُرُوشِهَا وَيَقُولُ يَا لَيْتَنِي لَمْ أُشْرِكْ بِرَبِّي أَحَدًا ۝٤٢
📖 ترجمو آيت 42
۽ سندس ڦر کي ڇٽ ڪيو ويو پوءِ اُن (جي بڻائڻ) ۾ جيڪي خرچيو ھوائين تنھن تي پنھنجا ھٿ مَليندو رھيو ۽ اُھو (باغ) پنھنجين (بڻايلن) ڇتين سميت ڪريل ھو ۽ چيائين ٿي ته افسوس آھي پنھنجي پالڻھار سان ڪنھن کي شريڪ مُقرر نه ڪريان ھا (ته چڱو ھو).
وَلَمْ تَكُن لَّهُ فِئَةٌ يَنصُرُونَهُ مِن دُونِ اللَّهِ وَمَا كَانَ مُنتَصِرًا ۝٤٣
📖 ترجمو آيت 43
۽ نڪي ان لاءِ ڪا ٽولي ھئي جو الله کانسواءِ کيس مدد ڏئي ۽ نڪي (پاڻ) بدلو وٺڻ وارو ھو.
هُنَالِكَ الْوَلَايَةُ لِلَّهِ الْحَقِّ ۚ هُوَ خَيْرٌ ثَوَابًا وَخَيْرٌ عُقْبًا ۝٤٤
📖 ترجمو آيت 44
ھن ھنڌ الله جي سچي بادشاھي آھي، اُھو ثواب (ڏيڻ) ۾ ڀلو ۽ بدلي ڏيڻ ۾ (به) ڀلو آھي.
وَاضْرِبْ لَهُم مَّثَلَ الْحَيَاةِ الدُّنْيَا كَمَاءٍ أَنزَلْنَاهُ مِنَ السَّمَاءِ فَاخْتَلَطَ بِهِ نَبَاتُ الْأَرْضِ فَأَصْبَحَ هَشِيمًا تَذْرُوهُ الرِّيَاحُ ۗ وَكَانَ اللَّهُ عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ مُّقْتَدِرًا ۝٤٥
📖 ترجمو آيت 45
۽ (اي پيغمبر) انھن کي دُنيا جي حياتيءَ جو مثال بيان ڪر جا انھي پاڻيءَ وانگر آھي جنھن کي آسمان کان وسايوسون پوءِ اُن سان زمين جا اوڀڙ گھاٽا ڄميا پوءِ ڦري ڀُريل ڪک ٿيا اُنھن کي وائن اُڏايو، ۽ الله سڀڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي.
الْمَالُ وَالْبَنُونَ زِينَةُ الْحَيَاةِ الدُّنْيَا ۖ وَالْبَاقِيَاتُ الصَّالِحَاتُ خَيْرٌ عِندَ رَبِّكَ ثَوَابًا وَخَيْرٌ أَمَلًا ۝٤٦
📖 ترجمو آيت 46
مال ۽ اولاد دنيا جي حياتيءَ جو سينگار آھي، ۽ سدائين رھندڙ چڱايون تنھنجي پالڻھار وٽ ثواب ڪري ڀليون ۽ اُميد ڪري چڱيون آھن.
وَيَوْمَ نُسَيِّرُ الْجِبَالَ وَتَرَى الْأَرْضَ بَارِزَةً وَحَشَرْنَاهُمْ فَلَمْ نُغَادِرْ مِنْهُمْ أَحَدًا ۝٤٧
📖 ترجمو آيت 47
۽ (ياد ڪر) جنھن ڏينھن جبلن کي ھلائينداسون ۽ زمين کي صفا پٽي ڏسندين ۽ ماڻھن کي گڏ ڪنداسون پوءِ منجھانئن ڪنھن ھڪ کي نه ڇڏينداسون.
وَعُرِضُوا عَلَىٰ رَبِّكَ صَفًّا لَّقَدْ جِئْتُمُونَا كَمَا خَلَقْنَاكُمْ أَوَّلَ مَرَّةٍ ۚ بَلْ زَعَمْتُمْ أَلَّن نَّجْعَلَ لَكُم مَّوْعِدًا ۝٤٨
📖 ترجمو آيت 48
۽ (اُھي) تنھنجي پالڻھار وٽ صفون ڪري پيش ڪيا ويندا (چونداسون ته) جھڙي طرح اوھان کي پھريون ڀيرو پيدا ڪيوھوسون (تھڙي طرح) اسان وٽ آيا آھيو، بلڪ ڀائيندا ھيؤ ته اوھان جي لاءِ انجام جو ھنڌ نه ڪنداسون.
وَوُضِعَ الْكِتَابُ فَتَرَى الْمُجْرِمِينَ مُشْفِقِينَ مِمَّا فِيهِ وَيَقُولُونَ يَا وَيْلَتَنَا مَالِ هَٰذَا الْكِتَابِ لَا يُغَادِرُ صَغِيرَةً وَلَا كَبِيرَةً إِلَّا أَحْصَاهَا ۚ وَوَجَدُوا مَا عَمِلُوا حَاضِرًا ۗ وَلَا يَظْلِمُ رَبُّكَ أَحَدًا ۝٤٩
📖 ترجمو آيت 49
۽ اعمالنامون رکيو ويندو پوءِ جيڪي منجھس ھوندو تنھن کان ڏوھارين کي ڊڄندڙ ڏسندين ۽ چوندا ته اسان لاءِ ارمان آھي ھن اعمالنامي جو ڇا حال آھي جو نڪي ننڍي (گناھ) ۽ نڪي وڏي کي ڳاڻيٽي کانسواءِ ڇڏيو اٿس، ۽ جيڪي ڪيائون سو حاضر لھندا، ۽ تنھنجو پالڻھار ڪنھن ھڪڙي تي به ظلم نه ڪندو.
وَإِذْ قُلْنَا لِلْمَلَائِكَةِ اسْجُدُوا لِآدَمَ فَسَجَدُوا إِلَّا إِبْلِيسَ كَانَ مِنَ الْجِنِّ فَفَسَقَ عَنْ أَمْرِ رَبِّهِ ۗ أَفَتَتَّخِذُونَهُ وَذُرِّيَّتَهُ أَوْلِيَاءَ مِن دُونِي وَهُمْ لَكُمْ عَدُوٌّ ۚ بِئْسَ لِلظَّالِمِينَ بَدَلًا ۝٥٠
📖 ترجمو آيت 50
۽ جڏھن ملائڪن کي چيوسون ته آدم کي سجدو ڪريو تڏھن ابليس کانسواءِ ٻـين سجدو ڪيو، اھو جِنّن مان ھو پوءِ پنھنجي پالڻھار جي حُڪم جي نافرماني ڪيائين، پوءِ اوھين کيس ۽ سندس اولاد کي مون کانسواءِ ڇو دوست وٺندا آھيو حالانڪ اُھي اوھان جا ويري آھن، (شيطان) ظالمن لاءِ بڇڙو بدلو آھي.
۞ مَّا أَشْهَدتُّهُمْ خَلْقَ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَلَا خَلْقَ أَنفُسِهِمْ وَمَا كُنتُ مُتَّخِذَ الْمُضِلِّينَ عَضُدًا ۝٥١
📖 ترجمو آيت 51
نڪي آسمانن ۽ زمين جي بڻائڻ مھل اُنھن (شيطانن) کي حاضر ڪيو ھوم ۽ نڪي سندن جيئن بڻائڻ مھل به، ۽ نڪي گمراھن کي مددگار وٺندڙ آھيان.
وَيَوْمَ يَقُولُ نَادُوا شُرَكَائِيَ الَّذِينَ زَعَمْتُمْ فَدَعَوْهُمْ فَلَمْ يَسْتَجِيبُوا لَهُمْ وَجَعَلْنَا بَيْنَهُم مَّوْبِقًا ۝٥٢
📖 ترجمو آيت 52
۽ جنھن ڏينھن الله چوندو ته (اي مشرڪؤ!) اوھين انھن کي سڏيو جن کي منھنجا شريڪ ڄاڻندا ھيؤ ۽ پوءِ انھن کي سڏيندا ۽ اُھي کين ورندي نه ڏيندا ۽ سندن وچ ۾ ھلاڪت جو ھنڌ ڪنداسون.
وَرَأَى الْمُجْرِمُونَ النَّارَ فَظَنُّوا أَنَّهُم مُّوَاقِعُوهَا وَلَمْ يَجِدُوا عَنْهَا مَصْرِفًا ۝٥٣
📖 ترجمو آيت 53
۽ ڏوھاري باھ کي ڏسندا پوءِ ڀائيندا ته اُھي اُن ۾ ڪرندا ۽ کانئس موٽڻ جي واھ نه لھندا.
وَلَقَدْ صَرَّفْنَا فِي هَٰذَا الْقُرْآنِ لِلنَّاسِ مِن كُلِّ مَثَلٍ ۚ وَكَانَ الْإِنسَانُ أَكْثَرَ شَيْءٍ جَدَلًا ۝٥٤
📖 ترجمو آيت 54
۽ بيشڪ ھن قرآن ۾ ھر طرح جا مثال ماڻھن لاءِ بيان ڪياسون، ۽ ماڻھو سڀ شيء کان گھڻو جھيڙاڪار آھي.
وَمَا مَنَعَ النَّاسَ أَن يُؤْمِنُوا إِذْ جَاءَهُمُ الْهُدَىٰ وَيَسْتَغْفِرُوا رَبَّهُمْ إِلَّا أَن تَأْتِيَهُمْ سُنَّةُ الْأَوَّلِينَ أَوْ يَأْتِيَهُمُ الْعَذَابُ قُبُلًا ۝٥٥
📖 ترجمو آيت 55
۽ ماڻھن وٽ جڏھن ھدايت آئي تڏھن کين ايمان آڻڻ ۽ پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرڻ کان ھن ڌاران ڪنھن نه جھليو جو اڳين جي رسم (جھڙي پاڙ پَٽ سزا) وٽن اچي يا وٽن سامھون عذاب پُھچي.
وَمَا نُرْسِلُ الْمُرْسَلِينَ إِلَّا مُبَشِّرِينَ وَمُنذِرِينَ ۚ وَيُجَادِلُ الَّذِينَ كَفَرُوا بِالْبَاطِلِ لِيُدْحِضُوا بِهِ الْحَقَّ ۖ وَاتَّخَذُوا آيَاتِي وَمَا أُنذِرُوا هُزُوًا ۝٥٦
📖 ترجمو آيت 56
۽ پيغمبرن کي رڳو خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليون ٿا، ۽ ڪافر ڪوڙو جھڳڙو ھن لاءِ ڪندا آھن ته ان سان سچ کي ٿيڙين ۽ منھنجين نشانين کي ۽ جنھن سان ڊيڄاريا ويا تنھنکي ٺـٺولي ڪري ورتائون.
وَمَنْ أَظْلَمُ مِمَّن ذُكِّرَ بِآيَاتِ رَبِّهِ فَأَعْرَضَ عَنْهَا وَنَسِيَ مَا قَدَّمَتْ يَدَاهُ ۚ إِنَّا جَعَلْنَا عَلَىٰ قُلُوبِهِمْ أَكِنَّةً أَن يَفْقَهُوهُ وَفِي آذَانِهِمْ وَقْرًا ۖ وَإِن تَدْعُهُمْ إِلَى الْهُدَىٰ فَلَن يَهْتَدُوا إِذًا أَبَدًا ۝٥٧
📖 ترجمو آيت 57
۽ اُن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي جنھن کي سندس پالڻھار جي نشانين سان نصيحت ڏني وڃي ته اُن کان مُنھن موڙي ۽ جيڪي سندس ھٿن اڳي ڪري موڪليو سو وساري؟ اسان ان جي سمجھڻ کان سندين دلين تي پردا ڪيا ۽ سندن ڪنن ۾ گھٻرائي (وڌي سون) ۽ جيڪڏھن تون کين ھدايت ڏانھن سڏين ته اُن وقت سِڌو رستو ڪڏھن به نه لھندا.
وَرَبُّكَ الْغَفُورُ ذُو الرَّحْمَةِ ۖ لَوْ يُؤَاخِذُهُم بِمَا كَسَبُوا لَعَجَّلَ لَهُمُ الْعَذَابَ ۚ بَل لَّهُم مَّوْعِدٌ لَّن يَجِدُوا مِن دُونِهِ مَوْئِلًا ۝٥٨
📖 ترجمو آيت 58
۽ تنھنجو پالڻھار بخشڻھار ٻاجھارو آھي، جيڪڏھن کين سندن ڪيتي سببان پڪڙي ھا ته انھن لاءِ عذاب تڪڙو موڪلي ھا، (نه!) بلڪ انھن لاءِ انجام ٿيل آھي جو اُن کانسواءِ ڪا واھ نه لھندا.
وَتِلْكَ الْقُرَىٰ أَهْلَكْنَاهُمْ لَمَّا ظَلَمُوا وَجَعَلْنَا لِمَهْلِكِهِم مَّوْعِدًا ۝٥٩
📖 ترجمو آيت 59
۽ اھي ڳوٺ آھن جو انھن کي (تڏھن) ناس ڪيوسون جڏھن ظلم ڪيائون ۽ انھن جي ناس ڪرڻ لاءِ (ھڪ) انجام مقرر ڪيوسون.
وَإِذْ قَالَ مُوسَىٰ لِفَتَاهُ لَا أَبْرَحُ حَتَّىٰ أَبْلُغَ مَجْمَعَ الْبَحْرَيْنِ أَوْ أَمْضِيَ حُقُبًا ۝٦٠
📖 ترجمو آيت 60
۽ (ياد ڪر) جڏھن موسىٰ پنھنجي سنگتيءَ کي چيو ته سدا پيو پنڌ ڪندس جيسين ٻن دريائن جي گڏ ٿيڻ جي ھنڌ پُھچندس يا ورھن تائين پيو ھلندس.
فَلَمَّا بَلَغَا مَجْمَعَ بَيْنِهِمَا نَسِيَا حُوتَهُمَا فَاتَّخَذَ سَبِيلَهُ فِي الْبَحْرِ سَرَبًا ۝٦١
📖 ترجمو آيت 61
پوءِ جنھن مھل ٻن دريائن جي گڏ ٿيڻ جي ھنڌ کي پُھتا (تنھن مھل) پنھنجي مڇي وساريائون جنھن پنھنجي واٽ درياءَ ۾ سرنگھ جان ورتي.
فَلَمَّا جَاوَزَا قَالَ لِفَتَاهُ آتِنَا غَدَاءَنَا لَقَدْ لَقِينَا مِن سَفَرِنَا هَٰذَا نَصَبًا ۝٦٢
📖 ترجمو آيت 62
پوءِ جڏھن اڳي ھليا (تڏھن موسىٰؑ) پنھنجي سنگتيءَ کي چيو ته اسان کي اسان جو منجھند جو طعام ڏي، بيشڪ اسان جي ھن مسافريءَ ۾ اسان کي اوکائي پُھتي آھي.
قَالَ أَرَأَيْتَ إِذْ أَوَيْنَا إِلَى الصَّخْرَةِ فَإِنِّي نَسِيتُ الْحُوتَ وَمَا أَنسَانِيهُ إِلَّا الشَّيْطَانُ أَنْ أَذْكُرَهُ ۚ وَاتَّخَذَ سَبِيلَهُ فِي الْبَحْرِ عَجَبًا ۝٦٣
📖 ترجمو آيت 63
چيائين ته (نه) ڏٺئي ڇا جڏھن پھڻ وٽ ترسيا ھواسون تڏھن مون (اتي) مڇي وساري، ۽ ان جي يادگيري مون کان شيطان کانسواءِ ٻئي ڪنھن نه وسارائي، ۽ پنھنجي واٽ درياء ۾ عجب طرح ورتائين.
قَالَ ذَٰلِكَ مَا كُنَّا نَبْغِ ۚ فَارْتَدَّا عَلَىٰ آثَارِهِمَا قَصَصًا ۝٦٤
📖 ترجمو آيت 64
(موسىٰؑ) چيو ته اِھو ھنڌ اُھو آھي جنھن کي اسان ڳوليو ٿي، پوءِ ھو پنھنجي پوئين پيرين ڳوليندا موٽيا.
فَوَجَدَا عَبْدًا مِّنْ عِبَادِنَا آتَيْنَاهُ رَحْمَةً مِّنْ عِندِنَا وَعَلَّمْنَاهُ مِن لَّدُنَّا عِلْمًا ۝٦٥
📖 ترجمو آيت 65
پوءِ مُنھنجن ٻانھن مان اُھو ٻانھون لڌائون جنھن کي پاڻ وٽا ٻاجھ ڏني ھئي سون ۽ پاڻ وٽان کيس عِلم سيکاريو ھوسون.
قَالَ لَهُ مُوسَىٰ هَلْ أَتَّبِعُكَ عَلَىٰ أَن تُعَلِّمَنِ مِمَّا عُلِّمْتَ رُشْدًا ۝٦٦
📖 ترجمو آيت 66
موسىٰؑ ان کي چيو ته آءٌ تنھنجي ڪڍ ھلان ھن شرط تي ته توکي جيڪي ھدايت مان سيکاريو ويو اُن مان مون کي به سيکارين.
قَالَ إِنَّكَ لَن تَسْتَطِيعَ مَعِيَ صَبْرًا ۝٦٧
📖 ترجمو آيت 67
(خضرؑ) چيو ته تون مون سان ڪڏھن به صبر ڪري نه سگھندين.
وَكَيْفَ تَصْبِرُ عَلَىٰ مَا لَمْ تُحِطْ بِهِ خُبْرًا ۝٦٨
📖 ترجمو آيت 68
۽ جنھن جي توکي خبر ئي نه آھي تنھن تي تون ڪٿي صبر ڪندين.
قَالَ سَتَجِدُنِي إِن شَاءَ اللَّهُ صَابِرًا وَلَا أَعْصِي لَكَ أَمْرًا ۝٦٩
📖 ترجمو آيت 69
(موسىٰؑ) چيو ته جي الله گھريو ته مون کي صبر ڪندڙ لھندين ۽ آءٌ تنھنجي حُڪم جي نافرماني نه ڪندس.
قَالَ فَإِنِ اتَّبَعْتَنِي فَلَا تَسْأَلْنِي عَن شَيْءٍ حَتَّىٰ أُحْدِثَ لَكَ مِنْهُ ذِكْرًا ۝٧٠
📖 ترجمو آيت 70
(خضرؑ) چيو ته جيڪڏھن منھنجي سنگت ڪرين ته (ايستائين) مون کان ڪنھن ڳالھ بابت نه پُڇج جيسين (آءٌ) پاڻ توسان ان جو بيان (نه) ڪريان.
فَانطَلَقَا حَتَّىٰ إِذَا رَكِبَا فِي السَّفِينَةِ خَرَقَهَا ۖ قَالَ أَخَرَقْتَهَا لِتُغْرِقَ أَهْلَهَا لَقَدْ جِئْتَ شَيْئًا إِمْرًا ۝٧١
📖 ترجمو آيت 71
پوءِ ٻئي (اُٿي) ھليا، تان جو ٻيڙيءَ ۾ چڙھيا تڏھن (خضرؑ) اُن کي سوراخ ڪيو، (موسىٰؑ) چيو ته تو اُن کي انھيءَ لاءِ سوراخ ڪيو ڇا ته ٻيڙي وارن کي ٻوڙين؟ بيشڪ تو اڍنگو ڪم ڪيو.
قَالَ أَلَمْ أَقُلْ إِنَّكَ لَن تَسْتَطِيعَ مَعِيَ صَبْرًا ۝٧٢
📖 ترجمو آيت 72
(خضرؑ) چيو ته توکي نه چيو ھوم ڇا ته تون مون سان صبر ڪري نه سگھندين.
قَالَ لَا تُؤَاخِذْنِي بِمَا نَسِيتُ وَلَا تُرْهِقْنِي مِنْ أَمْرِي عُسْرًا ۝٧٣
📖 ترجمو آيت 73
(موسىٰؑ) چيو ته جيڪي مون وساريو تنھن سببان مون کي نه پڪڙ ۽ منھنجي ڪم ۾ مون تي سختي نه وجھ.
فَانطَلَقَا حَتَّىٰ إِذَا لَقِيَا غُلَامًا فَقَتَلَهُ قَالَ أَقَتَلْتَ نَفْسًا زَكِيَّةً بِغَيْرِ نَفْسٍ لَّقَدْ جِئْتَ شَيْئًا نُّكْرًا ۝٧٤
📖 ترجمو آيت 74
پوءِ ٻئي ھليا، تان جو جڏھن ھڪ ڇوڪر کي مليا تڏھن (خضرؑ) اُن کي ڪُٺو (موسىٰؑ) چيو ته قصاص ڌاران بيگناھ جِيءَ کي ڇو ڪُٺئي؟ بيشڪ تو خراب ڪم ڪيو.
۞ قَالَ أَلَمْ أَقُل لَّكَ إِنَّكَ لَن تَسْتَطِيعَ مَعِيَ صَبْرًا ۝٧٥
📖 ترجمو آيت 75
(خضرؑ) چيو ته توکي نه ھوم ڇا ته تون مون سان (گڏ رھي) ڪڏھن نه صبر ڪري سگھندين؟
قَالَ إِن سَأَلْتُكَ عَن شَيْءٍ بَعْدَهَا فَلَا تُصَاحِبْنِي ۖ قَدْ بَلَغْتَ مِن لَّدُنِّي عُذْرًا ۝٧٦
📖 ترجمو آيت 76
(موسىٰؑ) چيو ته جيڪڏھن ھِن کانپوءِ ڪنھن ڳالھ بابت توکان پڇان ته منھنجي سنگت نه ڪج، بيشڪ منھنجي پاران عذر (جي حد) کي پھتين.
فَانطَلَقَا حَتَّىٰ إِذَا أَتَيَا أَهْلَ قَرْيَةٍ اسْتَطْعَمَا أَهْلَهَا فَأَبَوْا أَن يُضَيِّفُوهُمَا فَوَجَدَا فِيهَا جِدَارًا يُرِيدُ أَن يَنقَضَّ فَأَقَامَهُ ۖ قَالَ لَوْ شِئْتَ لَتَّخَذْتَ عَلَيْهِ أَجْرًا ۝٧٧
📖 ترجمو آيت 77
پوءِ (ٻئي) ھليا، تان جو جنھن مھل ھڪڙي ڳوٺ وارن وٽ آيا (تنھن مھل) ان جي رھاڪن کان طعام گھريائون ته (انھن) سندن مھماني ڪرڻ کان انڪار ڪيو پوءِ اُن (ڳوٺ) ۾ ھڪ ڊھڻ کي ويجھي ڀِت ڏٺائون پوءِ اُھا (خضرؑ) سڌي ڪئي، (موسىٰؑ) چيو ته جيڪڏھن گھرين ھا ته اُن (جي سڌي ڪرڻ) تي مزدوري ضرور وٺين ھا.
قَالَ هَٰذَا فِرَاقُ بَيْنِي وَبَيْنِكَ ۚ سَأُنَبِّئُكَ بِتَأْوِيلِ مَا لَمْ تَسْتَطِع عَّلَيْهِ صَبْرًا ۝٧٨
📖 ترجمو آيت 78
(خضرؑ) چيو ته ھاڻي منھنجي ۽ تنھنجي وچ ۾ جُدائي پئي، ھاڻي توکي انھن ڳالھين جي حقيقت جي سُڌ ڏيان ٿو جن تي تون صبر نه ڪري سگھين.
أَمَّا السَّفِينَةُ فَكَانَتْ لِمَسَاكِينَ يَعْمَلُونَ فِي الْبَحْرِ فَأَرَدتُّ أَنْ أَعِيبَهَا وَكَانَ وَرَاءَهُم مَّلِكٌ يَأْخُذُ كُلَّ سَفِينَةٍ غَصْبًا ۝٧٩
📖 ترجمو آيت 79
پر ٻيڙي (جا ڀڳي ويئي سا) مسڪينن جي ھئي (جنھن تي) ھو درياءَ ۾ پورھيو ڪندا (وتندا) ھوا پوءِ اُن کي عيب دار ڪرڻ گھريم جو سندن پوئتان اھڙو بادشاھ ھو جنھن سڀڪا ٻيڙي بيگر ۾ ٿي ورتي.
وَأَمَّا الْغُلَامُ فَكَانَ أَبَوَاهُ مُؤْمِنَيْنِ فَخَشِينَا أَن يُرْهِقَهُمَا طُغْيَانًا وَكُفْرًا ۝٨٠
📖 ترجمو آيت 80
۽ نينگر (جو ماريو ويو) تنھن جا ماءُ پيءُ مؤمن ھوا تنھنڪري ڊناسون ته نافرمانيءَ ۽ ڪفر ڪرڻ سان ٻنھي کي عاجز ڪندو.
فَأَرَدْنَا أَن يُبْدِلَهُمَا رَبُّهُمَا خَيْرًا مِّنْهُ زَكَاةً وَأَقْرَبَ رُحْمًا ۝٨١
📖 ترجمو آيت 81
پوءِ گھُريوسون ته سندن پالڻھار کين اُن کان به چڱو بدلو سُٺائي جي ڪري ۽ ٻاجھ جي ڪري تمام ويجھو ڏئي.
وَأَمَّا الْجِدَارُ فَكَانَ لِغُلَامَيْنِ يَتِيمَيْنِ فِي الْمَدِينَةِ وَكَانَ تَحْتَهُ كَنزٌ لَّهُمَا وَكَانَ أَبُوهُمَا صَالِحًا فَأَرَادَ رَبُّكَ أَن يَبْلُغَا أَشُدَّهُمَا وَيَسْتَخْرِجَا كَنزَهُمَا رَحْمَةً مِّن رَّبِّكَ ۚ وَمَا فَعَلْتُهُ عَنْ أَمْرِي ۚ ذَٰلِكَ تَأْوِيلُ مَا لَمْ تَسْطِع عَّلَيْهِ صَبْرًا ۝٨٢
📖 ترجمو آيت 82
۽ جا ڀِت (ٺاھي وئي) سا شھر ۾ ٻن ڇورن ٻارن جي ھُئي ۽ ان جي ھيٺان سندن خزانون ھو ۽ سندن ماءُ پيءُ نيڪ ھوا، پوءِ تنھنجي پالڻھار گھريو ته ٻئي پنھنجي جوانيءَ کي پھچن ۽ پنھنجو خزانو تنھنجي پالڻھار جي ٻاجھ سان ڪڍن، ۽ اُھو پنھنجي راءِ سان نه ڪيم، اِھا اُن جي حقيقت آھي جنھن تي تون صبر نه ٿي ڪري سگھئين.
وَيَسْأَلُونَكَ عَن ذِي الْقَرْنَيْنِ ۖ قُلْ سَأَتْلُو عَلَيْكُم مِّنْهُ ذِكْرًا ۝٨٣
📖 ترجمو آيت 83
۽ (اي پيغمبر) توکان ذُوالۡقَرۡنَيۡن بابت پڇن ٿا، چؤ ته اوھان کي ان جو (ڪُجھ) بيان ڪري ٻڌايان ٿو.
إِنَّا مَكَّنَّا لَهُ فِي الْأَرْضِ وَآتَيْنَاهُ مِن كُلِّ شَيْءٍ سَبَبًا ۝٨٤
📖 ترجمو آيت 84
بيشڪ اسان ان کي زمين ۾ ھٿ پھچ ڏني ۽ سڀڪنھن شيء جو سان کيس ڏنوسون.
فَأَتْبَعَ سَبَبًا ۝٨٥
📖 ترجمو آيت 85
پوءِ سامان (جي مدد) سان ھليو.
حَتَّىٰ إِذَا بَلَغَ مَغْرِبَ الشَّمْسِ وَجَدَهَا تَغْرُبُ فِي عَيْنٍ حَمِئَةٍ وَوَجَدَ عِندَهَا قَوْمًا ۗ قُلْنَا يَا ذَا الْقَرْنَيْنِ إِمَّا أَن تُعَذِّبَ وَإِمَّا أَن تَتَّخِذَ فِيهِمْ حُسْنًا ۝٨٦
📖 ترجمو آيت 86
ايترو (سير ڪيائين) جو سچ لھڻ جي ھنڌ پھتو اُن کي گپڙاٺي تلاءُ ۾ لھندو ڏٺائين ۽ اُن (تلاءُ) وٽ ھڪ قوم کي ڏٺائين، چيوسون ته اي ذوالقرنين انھن کي سزا ڏئين يا منجھن ڪو چڱائيءَ جو سڌارو ڪرين (ته توکي اختيار آھي).
قَالَ أَمَّا مَن ظَلَمَ فَسَوْفَ نُعَذِّبُهُ ثُمَّ يُرَدُّ إِلَىٰ رَبِّهِ فَيُعَذِّبُهُ عَذَابًا نُّكْرًا ۝٨٧
📖 ترجمو آيت 87
(ذوالقرنين) چيو ته جيڪو (ماڻھو) ظلم ڪندو تنھن کي سزا ڏينداسون وري پنھنجي پالڻھار ڏانھن ورايو ويندو پوءِ اُھو کيس سخت عذاب جي سزا ڏيندو.
وَأَمَّا مَنْ آمَنَ وَعَمِلَ صَالِحًا فَلَهُ جَزَاءً الْحُسْنَىٰ ۖ وَسَنَقُولُ لَهُ مِنْ أَمْرِنَا يُسْرًا ۝٨٨
📖 ترجمو آيت 88
۽ جيڪو ايمان آڻيندو ۽ چڱا ڪم ڪندو تنھن کي چڱو بدلو ملندو، ۽ پنھنجي معاملي مان اُن کي سولائي (جھڙو ڪم) چونداسون.
ثُمَّ أَتْبَعَ سَبَبًا ۝٨٩
📖 ترجمو آيت 89
وري سامان (جي مدد) سان ھليو.
حَتَّىٰ إِذَا بَلَغَ مَطْلِعَ الشَّمْسِ وَجَدَهَا تَطْلُعُ عَلَىٰ قَوْمٍ لَّمْ نَجْعَل لَّهُم مِّن دُونِهَا سِتْرًا ۝٩٠
📖 ترجمو آيت 90
ايترو (سير ڪيائين) جو جڏھن سج اُڀرڻ جي ھنڌ پھتو ته اُھو ھڪ اھڙي قوم تي اُڀرندو ڏٺائين جنھن لاءِ سج کانسواءِ ڪا اوٽ نه بڻائي ھئي سون.
كَذَٰلِكَ وَقَدْ أَحَطْنَا بِمَا لَدَيْهِ خُبْرًا ۝٩١
📖 ترجمو آيت 91
اھڙي طرح (سندس قِصّوآھي)، ۽ بيشڪ اسان وٽ ان جي ساري خبر آھي.
ثُمَّ أَتْبَعَ سَبَبًا ۝٩٢
📖 ترجمو آيت 92
وري سامان (جي مدد) سان ھليو.
حَتَّىٰ إِذَا بَلَغَ بَيْنَ السَّدَّيْنِ وَجَدَ مِن دُونِهِمَا قَوْمًا لَّا يَكَادُونَ يَفْقَهُونَ قَوْلًا ۝٩٣
📖 ترجمو آيت 93
ايترو جوجڏھن ٻن جبلن جي وچ ۾ پھتو ته انھن جي ھُن پاسي اھڙي قوم ڏٺائين جا ڪابه ڳالھ سمجھي نه ٿي سگھي.
قَالُوا يَا ذَا الْقَرْنَيْنِ إِنَّ يَأْجُوجَ وَمَأْجُوجَ مُفْسِدُونَ فِي الْأَرْضِ فَهَلْ نَجْعَلُ لَكَ خَرْجًا عَلَىٰ أَن تَجْعَلَ بَيْنَنَا وَبَيْنَهُمْ سَدًّا ۝٩٤
📖 ترجمو آيت 94
چيائون ته اي ذوالقرنين بيشڪ ياجوج ۽ ماجوج مُلڪ ۾ فساد وجھندڙ آھن تنھن ڪري تو لاءِ اسين ھن شرط تي ڏن مُقرّر ڪريون ته تون اسان جي ۽ سندن وچ ۾ اَڙ بڻاءِ.
قَالَ مَا مَكَّنِّي فِيهِ رَبِّي خَيْرٌ فَأَعِينُونِي بِقُوَّةٍ أَجْعَلْ بَيْنَكُمْ وَبَيْنَهُمْ رَدْمًا ۝٩٥
📖 ترجمو آيت 95
(ذوالقرنين) چيو ته منھنجي پالڻھار جيڪا مون کي ان بابت سگھ ڏني آھي سا ڀلي آھي پوءِ اوھين مون سان زور بار جي مدد ڪريو ته اوھان جي ۽ سندن وچ ۾ اَڙ بڻايان.
آتُونِي زُبَرَ الْحَدِيدِ ۖ حَتَّىٰ إِذَا سَاوَىٰ بَيْنَ الصَّدَفَيْنِ قَالَ انفُخُوا ۖ حَتَّىٰ إِذَا جَعَلَهُ نَارًا قَالَ آتُونِي أُفْرِغْ عَلَيْهِ قِطْرًا ۝٩٦
📖 ترجمو آيت 96
لوھ جا ٽُڪر مون وٽ آڻيو، جنھن دم ٻنھي جبلن جي وچ ۾ (ڀري) پورائي ڪيائين (تنھن دم) چيائين ته ڌنئون، تان جو جڏھن ان کي (تپائي) باھ ڪيائين (تڏھن) چيائين ته مون وٽ آڻيو ته مٿس پگھاريل ٽامون پلٽيان.
فَمَا اسْطَاعُوا أَن يَظْهَرُوهُ وَمَا اسْتَطَاعُوا لَهُ نَقْبًا ۝٩٧
📖 ترجمو آيت 97
پوءِ (ياجوج ماجوج) نڪي ان تي چڙھي سگھيا ۽ نڪي اُن کي ڪا سرنگھ ھڻي سگھيا.
قَالَ هَٰذَا رَحْمَةٌ مِّن رَّبِّي ۖ فَإِذَا جَاءَ وَعْدُ رَبِّي جَعَلَهُ دَكَّاءَ ۖ وَكَانَ وَعْدُ رَبِّي حَقًّا ۝٩٨
📖 ترجمو آيت 98
چيائين ته ھي منھنجي پالڻھار جي (ھڪڙي) ٻاجھ آھي، جنھن مھل منھنجي پالڻھار جو انجام ايندو (تنھن مھل) ان کي سنئون ڪري ڇڏيندو ۽ منھنجي پالڻھار جو انجام سچو آھي.
۞ وَتَرَكْنَا بَعْضَهُمْ يَوْمَئِذٍ يَمُوجُ فِي بَعْضٍ ۖ وَنُفِخَ فِي الصُّورِ فَجَمَعْنَاهُمْ جَمْعًا ۝٩٩
📖 ترجمو آيت 99
۽ اُن ڏينھن ڇڏينداسون ته ھڪ ٻئي ۾ ڳاھٽ ٿيندا (ايندا) ۽ صُور ۾ ڦوڪيو ويندو پوءِ انھن مِڙني کي گڏ ڪنداسون.
وَعَرَضْنَا جَهَنَّمَ يَوْمَئِذٍ لِّلْكَافِرِينَ عَرْضًا ۝١٠٠
📖 ترجمو آيت 100
۽ اُن ڏينھن اُنھن ڪافرن کي دوزخ آڏو ڪنداسون جئن آڏو ڪجي.
الَّذِينَ كَانَتْ أَعْيُنُهُمْ فِي غِطَاءٍ عَن ذِكْرِي وَكَانُوا لَا يَسْتَطِيعُونَ سَمْعًا ۝١٠١
📖 ترجمو آيت 101
جن جون اکيون منھنجي يادگيريءَ کان ڍَڪ ۾ ھيون ۽ (ساڙ کان ڪجھ) ٻُڌي نه سگھندا ھوا.
أَفَحَسِبَ الَّذِينَ كَفَرُوا أَن يَتَّخِذُوا عِبَادِي مِن دُونِي أَوْلِيَاءَ ۚ إِنَّا أَعْتَدْنَا جَهَنَّمَ لِلْكَافِرِينَ نُزُلًا ۝١٠٢
📖 ترجمو آيت 102
ڪافرن (اڃا پاڻ کي سزا جوڳو) نه ڀانيو آھي ڇا جو مون کان سواءِ منھنجن ٻانھن کي دوست ورتو اٿن؟ اسان ڪافرن جي رھڻ لاءِ دوزخ تيار ڪيو آھي.
قُلْ هَلْ نُنَبِّئُكُم بِالْأَخْسَرِينَ أَعْمَالًا ۝١٠٣
📖 ترجمو آيت 103
(اي پيغمبر) چؤ ته ڪرتوتن جي ڪري ٽوٽي وارن جي اوھان کي سُڌ ڏيون ڇا؟
الَّذِينَ ضَلَّ سَعْيُهُمْ فِي الْحَيَاةِ الدُّنْيَا وَهُمْ يَحْسَبُونَ أَنَّهُمْ يُحْسِنُونَ صُنْعًا ۝١٠٤
📖 ترجمو آيت 104
جن پنھنجي ڪوشش دنيا جي حياتيءَ ۾ اَجائي وڃائي ۽ اُھي (پنھنجي لاءِ) ڀائيندا آھن ته اُھي (پاڻ) چڱو ڪم ڪندا آھن.
أُولَٰئِكَ الَّذِينَ كَفَرُوا بِآيَاتِ رَبِّهِمْ وَلِقَائِهِ فَحَبِطَتْ أَعْمَالُهُمْ فَلَا نُقِيمُ لَهُمْ يَوْمَ الْقِيَامَةِ وَزْنًا ۝١٠٥
📖 ترجمو آيت 105
اِھي اُھي آھن جن پنھنجي پالڻھار جي آيتن ۽ سندن ملڻ جو انڪار ڪيو پوءِ سندن ڪئي ڪمائي چٽ ٿي پوءِ اُنھن لاءِ قيامت جي ڏينھن ڪا تور کڙي نه ڪنداسون.
ذَٰلِكَ جَزَاؤُهُمْ جَهَنَّمُ بِمَا كَفَرُوا وَاتَّخَذُوا آيَاتِي وَرُسُلِي هُزُوًا ۝١٠٦
📖 ترجمو آيت 106
اِھا سندين سزا دوزخ انھي سببان آھي جو ڪفر ڪيائون ۽ منھنجي آيتن ۽ منھنجي پيغمبرن کي ٺـٺولي ڪري ورتائون.
إِنَّ الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ كَانَتْ لَهُمْ جَنَّاتُ الْفِرْدَوْسِ نُزُلًا ۝١٠٧
📖 ترجمو آيت 107
جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ فردوس جا باغ مھماني (جي جاءِ) آھن.
خَالِدِينَ فِيهَا لَا يَبْغُونَ عَنْهَا حِوَلًا ۝١٠٨
📖 ترجمو آيت 108
منجھس سدائين رھڻ وارا آھن کانئس وري اٿلڻ نه گھرندا.
قُل لَّوْ كَانَ الْبَحْرُ مِدَادًا لِّكَلِمَاتِ رَبِّي لَنَفِدَ الْبَحْرُ قَبْلَ أَن تَنفَدَ كَلِمَاتُ رَبِّي وَلَوْ جِئْنَا بِمِثْلِهِ مَدَدًا ۝١٠٩
📖 ترجمو آيت 109
چؤ ته جيڪڏھن منھنجي پالڻھار جي سُخنن (لکڻ) لاءِ درياء مسُ ٿئي ته منھنجي پالڻھار جي سُخنن پوري ٿيڻ کان اڳ درياء کَپي ويندو توڻيڪ جھڙس (ٻيا) مدد لاءِ آڻيون.
قُلْ إِنَّمَا أَنَا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ يُوحَىٰ إِلَيَّ أَنَّمَا إِلَٰهُكُمْ إِلَٰهٌ وَاحِدٌ ۖ فَمَن كَانَ يَرْجُو لِقَاءَ رَبِّهِ فَلْيَعْمَلْ عَمَلًا صَالِحًا وَلَا يُشْرِكْ بِعِبَادَةِ رَبِّهِ أَحَدًا ۝١١٠
📖 ترجمو آيت 110
چؤ ته آءٌ اوھان جي جھڙوئي ماڻھو آھيان مون ڏانھن وحي موڪليو ويندو آھي ته اوھان جو معبود رڳو ھڪ الله آھي، پوءِ جيڪو پنھنجي پالڻھار جي ملڻ جي اميد رکي تنھنکي جڳائي ته چڱا ڪم ڪري ۽ پنھنجي پالڻھار جي عبادت ۾ ڪنھن ھڪڙي کي شريڪ نه ڪري.
→ 17 کہف (18/114) 19 ←
پڙهو سورو کہف سنڌي ترجمو – پڙهڻ ۽ ٻڌڻ

18الكهف Al-Kahf 📚 110 آيت مكية

آيت به آيت – سورو کہف — 110 آيت




قرآن ڪريم


Tuesday, August 18, 2026

Don't forget us in your sincere prayers