سورو ضحی عربي ۽ سنڌي

سورو ضحی مڪمل سنڌي ترجمي سان پڙهو. عربي متن، سنڌي ترجمو ۽ آواز تلاوت. (11 آيت — مكية). ضحی ٻڌو, ضحی ترجمو, ضحی mp3, ضحی pdf.

سورو ضحی پڙهو ۽ ٻڌو

🎧 آيت
M Mishary Rashid Alafasy
M Mahmoud Khalil Al-Husary
A Abdurrahman As-Sudais
M Mohamed Siddiq Al-Minshawi
A Abdul Basit Abdul Samad
A Ali Al-Hudhaify
A Ahmed ibn Ali al-Ajamy
A Abu Bakr Ash-Shaatree
M Muhammad Ayyoub
A Abdullah Basfar
A Abdullah Al-Juhani
M Maher Al Muaiqly
x1
وَالضُّحَىٰ ۝١
📖 ترجمو آيت 1
مٿي آيل ڏينھن جو قسم آھي.
وَاللَّيْلِ إِذَا سَجَىٰ ۝٢
📖 ترجمو آيت 2
۽ رات جو (قسم) آھي، جڏھن ڍَڪي ٿي.
مَا وَدَّعَكَ رَبُّكَ وَمَا قَلَىٰ ۝٣
📖 ترجمو آيت 3
ته (اي پيغمبر) تنھنجي پالڻھار توکي نه ڇڏيو ۽ نڪي ناراض ٿيو.
وَلَلْآخِرَةُ خَيْرٌ لَّكَ مِنَ الْأُولَىٰ ۝٤
📖 ترجمو آيت 4
۽ بيشڪ آخرت تولاءِ دنيا کان گھڻو چڱي آھي.
وَلَسَوْفَ يُعْطِيكَ رَبُّكَ فَتَرْضَىٰ ۝٥
📖 ترجمو آيت 5
۽ تنھنجو پالڻھار سگھوئي توکي (ايترو) ڏيندو جو (تون) خوش ٿيندين.
أَلَمْ يَجِدْكَ يَتِيمًا فَآوَىٰ ۝٦
📖 ترجمو آيت 6
توکي يتيم نه ڏٺائين ڇا پوءِ (توکي) جاءِ ڏنائين.
وَوَجَدَكَ ضَالًّا فَهَدَىٰ ۝٧
📖 ترجمو آيت 7
۽ توکي ناواقف ڏٺائين پوءِ (شريعت جي) رستي لاتائين.
وَوَجَدَكَ عَائِلًا فَأَغْنَىٰ ۝٨
📖 ترجمو آيت 8
۽ توکي مسڪين ڏٺائين پوءِ آسودو ڪيائين.
فَأَمَّا الْيَتِيمَ فَلَا تَقْهَرْ ۝٩
📖 ترجمو آيت 9
تنھنڪري يتيم تي تون ڏاڍ نه ڪر.
وَأَمَّا السَّائِلَ فَلَا تَنْهَرْ ۝١٠
📖 ترجمو آيت 10
۽ سُوالي کي نه جھڻڪ.
وَأَمَّا بِنِعْمَةِ رَبِّكَ فَحَدِّثْ ۝١١
📖 ترجمو آيت 11
۽ پنھنجي پالڻھار جي نعمت جو بيان ڪندو رھ.
→ 92 ضحی (93/114) 94 ←
پڙهو سورو ضحی سنڌي ترجمو – پڙهڻ ۽ ٻڌڻ

93الضحى Ad-Duha 📚 11 آيت مكية

آيت به آيت – سورو ضحی — 11 آيت




قرآن ڪريم


Tuesday, August 18, 2026

Don't forget us in your sincere prayers