سورة الطارق بالسندية
| آسمان جو ۽ رات جي وقت ۾ ايندڙ جو قسم آھي. | 
| ۽ ڪنھن سمجھايئي ته رات جو ايندڙ ڇا آھي؟ | 
| (اُھو) چمڪندڙ تارو آھي. | 
| ته ڪو جيءُ اھڙو ڪونھي جنھن تي ھڪ نگھبان مقرر ٿيل (نه) آھي. | 
| تنھنڪري ماڻھوءَ کي گھرجي ته نھاري ڏسي ته کيس ڇا مان بڻايو ويو آھي. | 
| ٽپي سان نڪرندڙ پاڻي مان بڻايو ويس. | 
| جو پُٺيءَ ۽ اُرھ جي وچ مان نڪرندو آھي. | 
| بيشڪ الله سندس وري موٽائڻ تي وس وارو آھي. | 
| جنھن ڏينھن (ماڻھن جي دلين جا) سڀ ڳُجھ جاچيا ويندا. | 
| پوءِ تنھن ڏينھن ڪانه اُن کي سگھ رھندي ۽ نڪو واھرو (ھوندس). | 
| ۽ مينھن واري آسمان جو قسم آھي. | 
| ۽ ڦاٽن واريءَ زمين جو (به) قسم آھي. | 
| ته بيشڪ قرآن ھڪ فيصلو ڪندڙ ڳالھ آھي. | 
| ۽ ھيُ قرآن ڪا ٺـٺولي (جي ڳالھ) نه آھي. | 
| بيشڪ ڪافر ھڪ (طرح جي) ڳجھي رٿ رٿين ٿا. | 
| ۽ (آءٌ به) ھڪ (طرح جي) رٿ رٿيان ٿو. | 
| پوءِ ڪافرن کي ڍر ڏي ۽ ٿوري مُدت کين ڇڏي ڏي. | 
المزيد من السور باللغة السندية:
تحميل سورة الطارق بصوت أشهر القراء :
قم باختيار القارئ للاستماع و تحميل سورة الطارق كاملة بجودة عالية
 أحمد العجمي
أحمد العجمي
 خالد الجليل
خالد الجليل
 سعد الغامدي
سعد الغامدي
 سعود الشريم
سعود الشريم
 عبد الباسط
عبد الباسط 
 عبد الله الجهني
عبد الله الجهني
 علي الحذيفي
علي الحذيفي
 فارس عباد
فارس عباد
 ماهر المعيقلي
ماهر المعيقلي
 محمد جبريل
محمد جبريل
 المنشاوي
المنشاوي
 الحصري
الحصري
 مشاري العفاسي
مشاري العفاسي
 ناصر القطامي
ناصر القطامي
 ياسر الدوسري
ياسر الدوسري
Friday, October 31, 2025
لا تنسنا من دعوة صالحة بظهر الغيب

 

