La sourate Al-Qiyamah en Sindhi
| قيامت جي ڏينھن جو قسم کڻان ٿو. | 
| ۽ ملامت ڪرڻ واري نفس جو قسم ٿو کڻان (ته قيامت ۾ سڀ اُٿندا). | 
| ماڻھو ڀائيندو آھي ڇا ته سندس ھڏا ڪڏھن گڏ نه ڪنداسون. | 
| ھائو! سنديس آڱرين جي ڏوڏين جي سڌي ڪرڻ تي وسوارا آھيون. | 
| بلڪ ماڻھو ھي گھرندو آھي ته پنھنجي اڳ (جي وقت) لاءِ گناھ ڪري. | 
| پڇي ٿو ته قيامت جو ڏينھن ڪڏھن ٿيندو؟ | 
| پوءِ جڏھن اکيون ڦاٽي وينديون. | 
| ۽ چنڊ گرھبو. | 
| ۽ سج ۽ چنڊ (ھڪ جاءِ) گڏ ڪبا. | 
| (تڏھن) چوندو ماڻھو ته ڀڄڻ جي واھ ڪٿي آھي؟ | 
| نه نه! ڪا واھ ڪانھي. | 
| تنھنجي پالڻھار وٽ اُن ڏينھن ٽڪاءُ جو ھنڌ آھي. | 
| يُنَبَّأُ الْإِنسَانُ يَوْمَئِذٍ بِمَا قَدَّمَ وَأَخَّرَ(13)اُن ڏينھن ماڻھوءَ کي (انھيءَ بابت) خبردار ڪبو جيڪي اڳي موڪليو ھوائين ۽ پوئتي رھايائين. | 
| بلڪ ماڻھو پنھنجي لاءِ (پاڻ) ھڪ حُجت آھي. | 
| توڻيڪ پنھنجا بھانا پيش پيو ڪري. | 
| (اي پيغمبر وحي جي) قرآن پڙھڻ مھل پنھنجي زبان کي (ھن لاءِ) نه چور ته اُھو جلدي (ياد ڪري) وٺين. | 
| ڇوته (تنھنجي سيني ۾) قرآن جو گڏ ڪرڻ ۽ اُن جو پڙھڻ (آسان ڪرڻ) اسان جي ذمي آھي. | 
| پوءِ جڏھن قرآن (ملائڪ کان) پڙھايون تڏھن (پنھنجي دل) اُنجي پڙھڻ جي پٺيان لڳاءِ. | 
| وري بيشڪ اُنجو پڌرو ڪرڻ اسان جي ذمي آھي. | 
| نه نه! بلڪ (اي ڪافرؤ) دنيا کي دوست رکندا آھيو. | 
| ۽ آخرت کي ڇڏيندا آھيو. | 
| ڪي مُنھن اُن ڏينھن سرھا ھوندا. | 
| پنھنجي پالڻھار ڏانھن ڏسندڙ ھوندا. | 
| ۽ ڪي مُنھن اُن ڏينھن ڪارا ٿيل ھوندا. | 
| ڀانئيندا ته ساڻن پٺيءَ توڙ معاملو ڪيو ويندؤ. | 
| نه نه! جڏھن (ساھ) نِڙ گھٽ تي پھچندو. | 
| ۽ چيو ويندو ته ڪو، ڦيڻو رکڻ وارو آھي. | 
| ۽ ڀانئيندو ته (ھاڻي روح جي) جُدا ٿيڻ (جو) وقت اچي ويو. | 
| ۽ ھڪ پِني ٻئي پِنيءَ سان وچڙندي. | 
| اُن ڏينھن تنھنجي پالڻھار وٽ ھلڻو آھي. | 
| پوءِ نڪي (الله جي ڪلام کي) سچو ڪيائين ۽ نڪي نماز پڙھيائين. | 
| پر ڪوڙ ڀانيائين ۽ منھن موڙيائين. | 
| وري پنھنجي گھر وارن ڏانھن آڪڙجي ھليو. | 
| توتي خرابي ھجي پوءِ توتي خرابي ھجي. | 
| وري (ٻيھر چوان ٿو ته) توتي خرابي ھجي. | 
| ماڻھو (ايئن) ڀانئي ٿو ڇا ته (کيس) بيڪار ڇڏي ڏبو. | 
| (اھو) منيءَ جو ٽيپو نه ھو ڇا جو (ماءُ جي ڳڀيرڻ ۾) اڇليو ٿي ويو. | 
| وري (رت ۾) دڳ ھو پوءِ الله (اُن کي) بڻايو ۽ اُن کي سئين لڱين ڪيائين. | 
| پوءِ منيءَ مان ٻه جنسون نَر ۽ مادي بڻايائين. | 
| أَلَيْسَ ذَٰلِكَ بِقَادِرٍ عَلَىٰ أَن يُحْيِيَ الْمَوْتَىٰ(40)اھو الله ھن (ڳالھ) تي وس وارو نه آھي ڇا جو مُئن کي جياري؟ | 
Plus de sourates en Sindhi :
Téléchargez la sourate avec la voix des récitants du Coran les plus célèbres :
Téléchargez le fichier mp3 de la sourate Al-Qiyamah : choisissez le récitateur pour écouter et télécharger la sourate Al-Qiyamah complète en haute qualité.
 Ahmed Al Ajmy
Ahmed Al Ajmy
 Bandar Balila
Bandar Balila
 Khalid Al Jalil
Khalid Al Jalil
 Saad Al Ghamdi
Saad Al Ghamdi
 Saud Al Shuraim
Saud Al Shuraim
 Abdul Basit
Abdul Basit 
 Abdul Rashid Sufi
Abdul Rashid Sufi
 Abdullah Basfar
Abdullah Basfar
 Abdullah Al Juhani
Abdullah Al Juhani
 Fares Abbad
Fares Abbad
 Maher Al Muaiqly
Maher Al Muaiqly
 Al Minshawi
Al Minshawi
 Al Hosary
Al Hosary
 Mishari Al-afasi
Mishari Al-afasi
 Yasser Al Dosari
Yasser Al Dosari
Donnez-nous une invitation valide




