La sourate Al-Burooj en Sindhi
| بُرجن واري آسمان جو قسم آھي. | 
| ۽ وعدي ڪيل ڏينھن جو قسم آھي. | 
| ۽ حاضر ٿيڻ واري ۽ جنھن وٽ حاضر ڪيو وڃي تنھن جو قسم آھي. | 
| ته کاھين وارا ماريا وڃن. | 
| جا باھ گھڻي ٻَل واري ھئي. | 
| جڏھن اُھي اُنھن باھ جي (کاھين) تي ويٺل ھوا. | 
| ۽ جيڪي اُنھن مسلمانن سان (ظلم) ٿي ڪيو تنھن کي روبرو ڏسڻ وارا ھوا. | 
| وَمَا نَقَمُوا مِنْهُمْ إِلَّا أَن يُؤْمِنُوا بِاللَّهِ الْعَزِيزِ الْحَمِيدِ(8)۽ انھن ھن کانسواءِ (ٻيءَ) ڪنھن ڳالھ جو وير نه ٿي ورتو ته انھن اُنھيءَ غالب ساراھيل الله تي ايمان آندو ھو. | 
| الَّذِي لَهُ مُلْكُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ ۚ وَاللَّهُ عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ شَهِيدٌ(9)جنھن کي آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي آھي، ۽ الله سڀ شيءَ جي خبر رکندڙ آھي. | 
| بيشڪ جن (ماڻھن) مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي ايذايو وري توبه نه ڪيائون تن لاءِ دوزخ جو عذاب آھي ۽ اُنھن لاءِ سڙڻ جو عذاب (به) آھي. | 
| بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اھڙا باغ آھن جن جي ھيٺان واھيون پيون وھن، اھا وڏي مراد ماڻڻ آھي. | 
| بيشڪ تنھنجي پالڻھار جي پڪڙ بلڪل سخت آھي. | 
| بيشڪ اُھو پھريون دفعو بڻائي ٿو ۽ وري ٻيھر موٽائيندو. | 
| ۽ اُھو بخشڻھار پيار رکندڙ آھي. | 
| (جو) عرش جو مالڪ تمام وڏي شان وارو آھي. | 
| جيڪي گھري سو ڪرڻ وارو ئي آھي. | 
| تو وٽ لشڪرن جي خبر (نه) آئي آھي ڇا؟ | 
| (يعني) فرعون ۽ ثمود جي. | 
| بلڪ ڪافر ڪوڙ ڀانئڻ ۾ (لڳا پيا) آھن. | 
| ۽ الله سندن چؤڦير گھيرو ڪندڙ آھي. | 
| بلڪ ھي سڳورو قرآن آھي. | 
| حفاظت ڪيل تختي ۾ لکيل آھي. | 
Plus de sourates en Sindhi :
Téléchargez la sourate avec la voix des récitants du Coran les plus célèbres :
Téléchargez le fichier mp3 de la sourate Al-Burooj : choisissez le récitateur pour écouter et télécharger la sourate Al-Burooj complète en haute qualité.
 Ahmed Al Ajmy
Ahmed Al Ajmy
 Bandar Balila
Bandar Balila
 Khalid Al Jalil
Khalid Al Jalil
 Saad Al Ghamdi
Saad Al Ghamdi
 Saud Al Shuraim
Saud Al Shuraim
 Abdul Basit
Abdul Basit 
 Abdul Rashid Sufi
Abdul Rashid Sufi
 Abdullah Basfar
Abdullah Basfar
 Abdullah Al Juhani
Abdullah Al Juhani
 Fares Abbad
Fares Abbad
 Maher Al Muaiqly
Maher Al Muaiqly
 Al Minshawi
Al Minshawi
 Al Hosary
Al Hosary
 Mishari Al-afasi
Mishari Al-afasi
 Yasser Al Dosari
Yasser Al Dosari
Donnez-nous une invitation valide




