La sourate As-Saff en Sindhi
سَبَّحَ لِلَّهِ مَا فِي السَّمَاوَاتِ وَمَا فِي الْأَرْضِ ۖ وَهُوَ الْعَزِيزُ الْحَكِيمُ(1) جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (سڀ) الله جي پاڪائي بيان ڪندو آھي، ۽ اُھو غالب حِڪمت وارو آھي. |
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا لِمَ تَقُولُونَ مَا لَا تَفْعَلُونَ(2) اي ايمان وارؤ جيڪي نه ڪندا آھيو سو ڇو چوندا آھيو. |
كَبُرَ مَقْتًا عِندَ اللَّهِ أَن تَقُولُوا مَا لَا تَفْعَلُونَ(3) الله وٽ اھا (ڳالھ) ڏاڍي ناپسند آھي جو اُھا (ڳالھ) چئو جا نٿا ڪريو. |
إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ الَّذِينَ يُقَاتِلُونَ فِي سَبِيلِهِ صَفًّا كَأَنَّهُم بُنْيَانٌ مَّرْصُوصٌ(4) بيشڪ الله انھن کي دوست رکندو آھي جي سندس واٽ ۾ (اھڙي) صف ٻڌي وڙھندا آھن (جو) ڄڻڪ اُھي ھڪڙي سِيھي پلٽيل ڀِت آھن. |
۽ (ياد ڪر) جڏھن مُوسىٰ پنھنجي قوم کي چيو ته اي منھنجي قوم مون کي ڇو ايذائيندا آھيو ۽ حالانڪ (اوھين) ڄاڻندا آھيو ته آءٌ اوھان ڏانھن الله جو موڪيل آھيان، پوءِ جنھن مھل ڏنگائي ڪيائون ته الله سندن دلين کي ڏنگو ڪيو، ۽ الله بدڪار قوم کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي. |
۽ (اُھو وقت ياد ڪر) جڏھن عيسىٰ پُٽ مريم جي چيو ته اي بني اسرائيلو بيشڪ آءٌ اوھان ڏانھن الله جو موڪليل آھيان جيڪو توريت منھنجي اڳيان آھي تنھنجو سچو ڪندڙ آھيان ۽ ھڪ اھڙي پيغمبر جي خوشخبري ڏيندڙ آھيان جو مُون کانپوءِ ايندو جنھن جو نالو احمد ھوندو، پوءِ جنھن مھل اُھو چِٽن مُعجزن سان وٽن آيو چيائون ته ھي پڌرو جادو آھي. |
۽ اُن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي جنھن الله تي ڪوڙ ٻَڌو حالانڪ ان کي اِسلام ڏانھن سڏيو ويندو آھي، ۽ الله ظالمن جي قوم کي سِڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي. |
(اُھي ڪافر) گھرندا آھن ته الله جي نُور کي پنھنجي واتن سان وِسائين، حالانڪ الله پنھنجي نُور کي پوري ڪرڻ وارو آھي توڻيڪ ڪافر مٺيان ڀانئين. |
(الله) اُھو آھي جنھن پنھنجي پيغمبر کي ھدايت ۽ سچي دين سان موڪليو ته اُن کي سڀني دينن تي غالب ڪري توڻيڪ مشرڪ بڇان ڀانئين. |
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا هَلْ أَدُلُّكُمْ عَلَىٰ تِجَارَةٍ تُنجِيكُم مِّنْ عَذَابٍ أَلِيمٍ(10) اي ايمان وارؤ اوھان کي انھيءَ سوداگريءَ جو ڏس نه ڏيان ڇا جو اوھان کي ڏکوئيندڙ عذاب کان بچائي؟ |
(ته) الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آڻيو ۽ پنھنجن مالن ۽ پنھنجن جندن سان الله جي واٽ ۾ لڙائي ڪريو، جيڪڏھن ڄاڻندا آھيو ته اُھو اوھان لاءِ ڀلو آھي. |
اوھان جا گناھ اوھان کي بخشيندو ۽ اوھان کي (اھڙن) باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن ۽ سُٺين جاين ھميشه (رھڻ) وارن بھشتن ۾، اھا وڏي مراد ماڻڻ آھي. |
وَأُخْرَىٰ تُحِبُّونَهَا ۖ نَصْرٌ مِّنَ اللَّهِ وَفَتْحٌ قَرِيبٌ ۗ وَبَشِّرِ الْمُؤْمِنِينَ(13) ۽ ٻي (نعمت به ڏيندو) جنھن کي دوست رکندا آھيو، الله جي طرف کان مدد ۽ فتح ويجھي، ۽ مؤمنن کي خوشخبري ڏي. |
اي ايمان وارؤ الله جي دين جا مددگار ھجو جھري طرح عيسىٰ پٽ مريم جي پنھنجي خاص يارن کي چيو ته الله جي دين ۾ منھنجا مددگار ڪير آھن؟ انھن خاص يارن چيو ته اسين الله (جي دين) جا مددگار آھيون پوءِ بني اسرائيلن مان ھڪ ٽولي ايمان آندو ۽ ٻئي ٽوليءَ انڪار ڪيو، پوءِ ايمان وارن کي سندن دشمنن تي غلبو ڏنوسون پوءِ غالب ٿيا. |
Plus de sourates en Sindhi :
Téléchargez la sourate avec la voix des récitants du Coran les plus célèbres :
Téléchargez le fichier mp3 de la sourate As-Saff : choisissez le récitateur pour écouter et télécharger la sourate As-Saff complète en haute qualité.
![surah As-Saff Ahmed El Agamy mp3 surah As-Saff Ahmed El Agamy](https://i.pinimg.com/564x/b1/9f/03/b19f03a9f2f09c46afbfd4f03727aee7.jpg)
![surah As-Saff Bandar Balila mp3 surah As-Saff Bandar Balila](https://i.pinimg.com/564x/3e/27/fa/3e27fa5bbbd4d19ee2f4b4975224913e.jpg)
![surah As-Saff Khalid Al Jalil mp3 surah As-Saff Khalid Al Jalil](https://i.pinimg.com/564x/9b/26/36/9b2636f5bbf7ef72abdb817018e96a4d.jpg)
![surah As-Saff Saad Al Ghamdi mp3 surah As-Saff Saad Al Ghamdi](https://i.pinimg.com/564x/85/27/cf/8527cf694f379425e43b9a4fe54b6cfb.jpg)
![surah As-Saff Saud Al Shuraim mp3 surah As-Saff Saud Al Shuraim](https://i.pinimg.com/564x/ad/79/67/ad79679d76062df7166c6e2f52d397d6.jpg)
![surah As-Saff Abdul Basit Abdul Samad mp3 surah As-Saff Abdul Basit Abdul Samad](https://i.pinimg.com/564x/52/95/ae/5295ae7c08e4ebdc7eda3ddb5c6c0a19.jpg)
![surah As-Saff Abdul Rashid Sufi mp3 surah As-Saff Abdul Rashid Sufi](https://i.pinimg.com/564x/80/56/ee/8056ee030160e5c7216811b7b209343c.jpg)
![surah As-Saff Abdullah Basfar mp3 surah As-Saff Abdullah Basfar](https://i.pinimg.com/236x/f5/7b/a1/f57ba14ba4844cee88cdf7cfb2b06510.jpg)
![surah As-Saff Abdullah Awwad Al Juhani mp3 surah As-Saff Abdullah Awwad Al Juhani](https://i.pinimg.com/564x/aa/4d/0b/aa4d0b16c5fbc41efcd692947a4d75ad.jpg)
![surah As-Saff Fares Abbad mp3 surah As-Saff Fares Abbad](https://s-media-cache-ak0.pinimg.com/564x/2b/28/ae/2b28aef3f9678b7cd89315d5ffceba2f.jpg)
![surah As-Saff Maher Al Muaiqly mp3 surah As-Saff Maher Al Muaiqly](https://s-media-cache-ak0.pinimg.com/564x/ab/cc/99/abcc9949d0419ef1f0963a54aef06397.jpg)
![surah As-Saff Al Minshawi mp3 surah As-Saff Muhammad Siddiq Al Minshawi](https://i.pinimg.com/564x/21/76/8d/21768d297bd3460f7339b7b755f53d03.jpg)
![surah As-Saff Mahmoud Khalil Al Hosary mp3 surah As-Saff Al Hosary](https://i.pinimg.com/564x/3f/da/7e/3fda7ed5056347e700cac64d07e164c3.jpg)
![surah As-Saff Mishari Al-afasi mp3 surah As-Saff Al-afasi](https://i.pinimg.com/564x/0a/40/9e/0a409ef09a55700877c20d7195fe9126.jpg)
![surah As-Saff Yasser Al Dosari mp3 surah As-Saff Yasser Al Dosari](https://s-media-cache-ak0.pinimg.com/564x/32/3e/17/323e173f4833680898f51240bedd4973.jpg)
Donnez-nous une invitation valide