La sourate Al-Alaq en Sindhi
| (اي پيغمبر) پنھنجي پالڻھار جي نالي سان پڙھ جنھن (سارو جڳ) خلقيو. |
| ماڻھوءَ کي رت جي دِڳ مان بڻايائين. |
| پڙھ ۽ تنھنجو پالڻھار ڏاڍو سڳورو آھي. |
| جنھن (ماڻھوءَ کي علم) قلم سان سيکاريو. |
| ماڻھوءَ کي اُھو سيکاريائين جو نه ڄاڻندو ھو. |
| سچ آھي ته بيشڪ ماڻھو سرڪشي ڪندو آھي. |
| جڏھن اُھو پاڻ کي بي پرواھ ڏسندو آھي. |
| بيشڪ تنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽي وڃڻو آھي. |
| اُھو ڏٺو اٿئي ڇا جيڪو جھليندو آھي. |
| (منھنجي) ٻانھي کي جڏھن اھو نماز پڙھندو آھي. |
| ڏٺو اٿئي ڇا ته جيڪڏھن (اُھو ماڻھو) سڌي رستي تي ھجي ھا. |
| يا پرھيزگاريءَ جو حڪم ڪري ھا. |
| ڏٺو اٿئي ڇا ته جيڪڏھن ڪوڙ ڀانيائين ۽ پٺيرو ٿيو. |
| ته (ھيُ) نه ڄاتائين ڇا ته الله ڏسي ٿو. |
| ائين نه آھي! قسم آھي ته جيڪڏھن پاڻ نه پليندو، ته ضرور پيشانيءَ جي وارن کان وٺي گھلينداسونس. |
| اُھا پيشاني جا ڪوڙي گنھگار آھي. |
| پوءِ ڀلي ته پنھنجي ڪچھريءَ وارن کي سڏي. |
| اسين به دوزخ جي داروغن کي سڏينداسون. |
| ائين نه آھي، تون چيو نه مڃيس ۽ سجدو ڪر ۽ (الله کي) ويجھو ٿيءُ. |
Plus de sourates en Sindhi :
Téléchargez la sourate avec la voix des récitants du Coran les plus célèbres :
Téléchargez le fichier mp3 de la sourate Al-Alaq : choisissez le récitateur pour écouter et télécharger la sourate Al-Alaq complète en haute qualité.
Ahmed Al Ajmy
Bandar Balila
Khalid Al Jalil
Saad Al Ghamdi
Saud Al Shuraim
Abdul Basit
Abdul Rashid Sufi
Abdullah Basfar
Abdullah Al Juhani
Fares Abbad
Maher Al Muaiqly
Al Minshawi
Al Hosary
Mishari Al-afasi
Yasser Al Dosari
Donnez-nous une invitation valide




