سورة البلد بالسندية
ھن شھر (مڪي) جو قسم کڻان ٿو. |
۽ تون ھن شھر ۾ (ته) رھندڙ آھين. |
۽ ڄڻيندڙ جو (قسم کڻان ٿو) ۽ ان جو جيڪو ڄايو. |
ته بيشڪ ماڻھو کي ڏک ۾ (پوڻ لاءِ) خلقيوسون. |
(ماڻھو) ڀانئيندو آھي ڇا ته مٿس ڪوبه غالب نه ٿيندو؟ |
چوي ٿو ته مون تمام گھڻو مال کپايو. |
ڀانئيندو آھي ڇا ته ڪنھن ڪونه ڏٺو اٿس؟ |
کيس ٻه اکيون نه ڏنيون اٿون ڇا؟ |
۽ ڄڀ ۽ ٻه چَپ به؟ |
۽ ٻه رستا ڏيکارياسونس. |
پوءِ ڪوبه سخت لَڪ نه لنگھيو. |
۽ ڪنھن سمجھايئي ته سخت لَڪّ ڇا آھي؟ |
فَكُّ رَقَبَةٍ(13) ٻانھو آجو ڪرڻ آھي. |
يا بُک جي ڏينھن ۾ کاڄ کارائڻ. |
مائٽي واري ڇوري ٻار کي. |
يا مٽيءَ ۾ رُلندڙ محتاج کي. |
ثُمَّ كَانَ مِنَ الَّذِينَ آمَنُوا وَتَوَاصَوْا بِالصَّبْرِ وَتَوَاصَوْا بِالْمَرْحَمَةِ(17) ان کانپوءِ (اُھو) مؤمنن مان ھجي ۽ ھڪ ٻئي کي صبر جي وصيت ڪيائون ۽ (پڻ) ھڪ ٻئي کي (خلق تي) ٻاجھ ڪرڻ جي وصيت ڪيائون. |
اُھي نيڪ بخت سڄي پاسي وارا آھن. |
وَالَّذِينَ كَفَرُوا بِآيَاتِنَا هُمْ أَصْحَابُ الْمَشْأَمَةِ(19) ۽ جن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو سي بدبخت کٻي وارا آھن. |
مٿن دميل باھ چوڌاري ويڙھيل (موڪلبي) آھي. |
المزيد من السور باللغة السندية:
تحميل سورة البلد بصوت أشهر القراء :
قم باختيار القارئ للاستماع و تحميل سورة البلد كاملة بجودة عالية
أحمد العجمي
خالد الجليل
سعد الغامدي
سعود الشريم
عبد الباسط
عبد الله الجهني
علي الحذيفي
فارس عباد
ماهر المعيقلي
محمد جبريل
المنشاوي
الحصري
مشاري العفاسي
ناصر القطامي
ياسر الدوسري
Wednesday, January 22, 2025
لا تنسنا من دعوة صالحة بظهر الغيب