La sourate Al-Mursalat en Sindhi
چڱين گُھلندڙن ھيرُن جو قسم آھي. |
پوءِ زور سان لڳڻ وارن وائن جو قسم آھي. |
۽ (ڪڪرن کي) کڻندڙن پکيڙيندڙن وائن جو قسم آھي. |
پوءِ (ڪڪرن کي) ھڪ ٻئي کان جدا ڪندڙ وائن جو قسم آھي. |
پوءِ وحي آڻيندڙن ملائڪن جو قسم آھي. |
(جي) عذر وڃائڻ لاءِ يا ڊيڄارڻ لاءِ (وحي) آڻيندا آھن. |
ته بيشڪ جنھن (ڳالھ) جو اوھان کي انجام ڏجي ٿو سا ضرور ٿيڻي آھي. |
پوءِ جڏھن تارا ميٽي ڇڏبا. |
۽ جڏھن آسمان چيربو. |
۽ جڏھن جبل اڏائبا. |
۽ جڏھن پيغمبر (ٺھرايل وقت تي) گڏ ڪبا. |
(تڏھن ثابت ٿيندو ته پيغمبرن کي) ڪھڙي ڏينھن لاءِ ترسايو ويو. |
فيصلي جي ڏينھن لاءِ. |
۽ توکي ڪھڙي شيءَ ڄاڻايو ته فيصلو جو ڏينھن ڇا آھي. |
اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي. |
پھرين کي ھلاڪ نه ڪيو اٿون ڇا؟ |
وري (اُن کانپوءِ) پوين کي انھن جي پٺيان آڻيندا آھيون. |
ائين ڏوھارين سان ڪندا آھيون. |
اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي. |
اوھان کي خسيس پاڻي مان نه بڻايو اٿون ڇا؟ |
پوءِ اُن کي ھڪ پختي ھنڌ ۾ رکيوسون. |
ھڪ مُقرّر وقت تائين. |
پوءِ (بڻاوت ۾) پورو ڪيوسون جو (اسين) چڱي سگھ وارا آھيون. |
اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي. |
زمين کي ماپائڻ واري نه ڪئي اٿون ڇا؟ |
(جو) جيئرن ۽ مُئن کي (ماپائي). |
وَجَعَلْنَا فِيهَا رَوَاسِيَ شَامِخَاتٍ وَأَسْقَيْنَاكُم مَّاءً فُرَاتًا(27) ۽ زمين ۾ اُچا جبل ڪياسون ۽ اوھان کي مٺو پاڻي پياريوسون. |
اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي. |
(چيو ويندو ته ھاڻي) جنھن (دوزخ) کي اوھين ڪوڙ ڀائيندا ھوا تنھن ڏانھن وڃو. |
(چئبن ته) ٽن شاخن واريءَ ڇانوَ ڏانھن وڃو. |
نه ٿڌي ڇانوَ ھوندي ۽ نه (باھ جي) توَ کان توکي بچائيندي. |
بيشڪ اُھا (باھ) ماڙيءَ جيڏيون چڻنگون اڇليندي آھي. |
ڄڻ ته اُھي ھيڊا اُٺ آھن. |
اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي. |
اُھو ڏينھن اُھو آھي جنھن ۾ نه ڳالھائيندا. |
۽ نڪي کين موڪل ڏبي ته (ڪو) عذر (بيان) ڪن. |
اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي. |
ھيءُ فيصلي جو ڏينھن آھي، اوھان کي ۽ اڳين کي گڏ ڪيوسون. |
پوءِ جيڪڏھن اوھان کي بڇڙي رِٿ ڪرڻي آھي ته منھنجي حق ۾ رٿيو. |
اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي. |
بيشڪ پرھيزگار ڇانوَن ۽ چشمن ۾ ھوندا. |
۽ جنھن جنس مان گھرندا (تنھن جنس جي) ميون ۾ ھوندا. |
(چئبن ته) چڱا ڪم ڪندا ھئو تنھنڪري خوش ٿي کائو ۽ پيئو. |
بيشڪ اسين نيڪن کي ائين بدلو ڏيندا آھيون. |
اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي. |
(اي ڪوڙ ڀائيندڙؤ دنيا ۾) ٿوري دير کائي وٺو ۽ آسودا رھو بيشڪ اوھين ڏوھاري آھيو. |
اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي. |
۽ جڏھن کين چئجي ته نماز پڙھو (ته) نماز نه پڙھندا آھن. |
اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي. |
پوءِ اُن (قرآن) کانپوءِ ڪھڙي ڳالھ تي ويساھ رکندا. |
Plus de sourates en Sindhi :
Téléchargez la sourate avec la voix des récitants du Coran les plus célèbres :
Téléchargez le fichier mp3 de la sourate Al-Mursalat : choisissez le récitateur pour écouter et télécharger la sourate Al-Mursalat complète en haute qualité.















Donnez-nous une invitation valide