Surah As-Sajdah with Sindhi
الم(1) الٓمّٓ. |
تَنزِيلُ الْكِتَابِ لَا رَيْبَ فِيهِ مِن رَّبِّ الْعَالَمِينَ(2) (ھن) ڪتاب جو لاھڻ جنھن ۾ ڪو شڪ ڪونھي جھانن جي پالڻھار وٽان آھي. |
چوندا آھن ڇا ته اُن (قرآن) کي پاڻون ٺاھيو اٿس، (نه!) بلڪ اُھو تنھنجي پالڻھار وٽان سچو (آيل) آھي (ھِن لاءِ) ته اُنھيءَ قوم کي ڊيڄارين جن وٽ توکان اڳ ڪو ڊيڄاريندڙ نه آيو آھي ته مانَ اُھي ھدايت لھن. |
الله اُھو آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آھي سوڇھن ڏينھن ۾ بڻايو وري عرش ڏانھن متوجه ٿيو، اُن کانسواءِ اوھان لاءِ نڪي ڪو سڄڻ ۽ نڪي ڪو پارت ڪندڙ آھي، پوءِ نصيحت نه ٿا وٺو ڇا؟ |
آسمان کان زمين ڏانھن ڪم جو بندوبست ڪندو آھي، وري (اُھو بندوبست) اُن ڏينھن ۾ ڏانھس مٿاھون ويندو آھي جنھن ڏينھن جو اندازو ھزار ورھ جيترو انھيءَ ليکي مان آھي جو ڳڻيندا آھيو. |
ذَٰلِكَ عَالِمُ الْغَيْبِ وَالشَّهَادَةِ الْعَزِيزُ الرَّحِيمُ(6) اِھو آھي جو ڳجھ ۽ ظاھر جو ڄاڻندڙ غالب مھربان آھي. |
الَّذِي أَحْسَنَ كُلَّ شَيْءٍ خَلَقَهُ ۖ وَبَدَأَ خَلْقَ الْإِنسَانِ مِن طِينٍ(7) جنھي جيڪا شيء پيدا ڪئي سا سڀڪا چڱيءَ طرح بڻائي ۽ ماڻھوءَ جي پيدائش کي مٽيءَ مان نئون شروع ڪيائين. |
وري سندس اولاد بي قدر پاڻيءَ جي نچوڙي مان بڻايائين. |
وري کيس سئين لڱين ڪيائين ۽ منجھس پنھنجو روح ڦوڪيائين ۽ اوھان لاءِ ڪن ۽ اکيون ۽ دليون بڻايائين، اوھين ٿورو شڪر ڪندا آھيو. |
۽ چون ٿا ته جڏھن زمين ۾ رلي ملي وياسون (تڏھن به) اسين وري نئين سر بڻباسين ڇا؟ (نه!) بلڪ اُھي پنھنجي پالڻھار جي ملڻ کان منڪر آھن. |
۞ قُلْ يَتَوَفَّاكُم مَّلَكُ الْمَوْتِ الَّذِي وُكِّلَ بِكُمْ ثُمَّ إِلَىٰ رَبِّكُمْ تُرْجَعُونَ(11) (اي پيغمبر کين) چؤ ته جيڪو موت جو فرشتو اوھان تي مقرّر ڪيل آھي سو اوھان جو روح ڪڍندو وري پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽائبؤ. |
۽ (اُنھي مھل) جيڪڏھن ڏسين جنھن مھل گنھگار پنھنجي پالڻھار جي سامھون پنھنجا ڪنڌ اونڌا ڪندڙ ھوندا (ته عجب ڪرين)، (۽ چوندا ته) اي اسانجا پالڻھار ڏٺوسون ۽ ٻڌوسون ھاڻي اسان کي (دُنيا ۾) موٽاءِ ته چڱا ڪم ڪريون بيشڪ اسين يقين ڪندڙ آھيون. |
۽ جيڪڏھن گھُرون ھا ته سڀڪنھن شخص کي ھدايت ڪريون ھا پر مون وٽان (ھي) حُڪم ٺھرائجي چڪو آھي ته جِنّن ۽ ماڻھن (انھن ئي) مڙني مان دوزخ ضرور ڀريندس. |
پوءِ ھن ڏينھن جي ملڻ کي جو وساريو ھيؤ تنھن سببان عذاب چکو، بيشڪ اسان (به) اوھان کي وساريو ۽ جيڪي ڪندا ھيؤ تنھن سببان ھميشگيءَ جو عذاب چکو. |
اسان جي آيتن تي رڳو اُھي ايمان آڻيندا جن کي اُنھن (آيتن) سان جڏھن نصيحت ڏبي آھي تڏھن سجدو ڪندڙ ٿي ڪِرندا آھن ۽ پنھنجي پالڻھار جي ساراھ پاڪائي سان بيان ڪندا آھن ۽ اُھي وڏائي نه ڪندا آھن. |
سندن پاسا سمھڻ جي ھنڌ کان الڳ ٿي پنھنجي پالڻھار کي خوف ۽ اُميد سان سڏيندا آھن، ۽ جيڪا کين روزي ڏني سون تنھن مان خرچيندا آھن. |
فَلَا تَعْلَمُ نَفْسٌ مَّا أُخْفِيَ لَهُم مِّن قُرَّةِ أَعْيُنٍ جَزَاءً بِمَا كَانُوا يَعْمَلُونَ(17) پوءِ جيڪو اکين جو ٺار انھن لاءِ لڪايو ويو آھي سو ڪو جيء نه ڄاڻندو آھي، اُھو بدلو ھنن جيڪي ڪمايو ھو تنھن سببان آھي. |
أَفَمَن كَانَ مُؤْمِنًا كَمَن كَانَ فَاسِقًا ۚ لَّا يَسْتَوُونَ(18) جيڪو مؤمن آھي سو بدڪار جي برابر آھي ڇا؟ (اُھي ٻئي ڪڏھن) برابر نه ٿيندا. |
جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تِن لاءِ بھشت (جا باغ) مھماني طور رھڻ جو ھنڌ آھي اُنھي سببان جو (چڱا) ڪم ڪندا رھيا. |
پر جن بڇڙائي ڪئي تن جي رھڻ جو ھنڌ دوزخ آھي، جنھن مھل منجھانئس نڪرڻ جو ارادو ڪندا (تنھن مھل) منجھس ورائي (پيا وجھبا) ۽ کين چئبو ته اُن باھ جو عذاب چکو جنھن کي اوھين ڪوڙ ڀائيندا ھئؤ. |
وَلَنُذِيقَنَّهُم مِّنَ الْعَذَابِ الْأَدْنَىٰ دُونَ الْعَذَابِ الْأَكْبَرِ لَعَلَّهُمْ يَرْجِعُونَ(21) ۽ کين وڏي عذاب کانسواءِ ھلڪي سزا (دنيا ۾ به) ضرور چکائينداسون ته مانَ اُھي (سڌي واٽ ڏانھن) ورن. |
۽ اُن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي جنھن کي سندس پالڻھار جي آيتن سان نصيحت ڏجي ته وري اُن کان مُنھن موڙي، بيشڪ اسين ڏوھارين کان بدلو وٺندڙ آھيون. |
۽ بيشڪ مُوسىٰ کي ڪتاب ڏنوسون پوءِ تون اُن (قرآن) جي ملڻ کان شڪ ۾ نه ٿج ۽ اُن موسىٰ کي بني اسرائيلن لاءِ ھدايت بڻايوسون. |
منجھانئن پيشوا ڪيا (ھوا) سون جي اسان جي حُڪم سان سڌو رستو ڏيکاريندا ھوا جڏھن جو (اُھي ڏکن تي) صبر ڪندا رھيا، ۽ اُھي اسان جي آيتن تي يقين رکندا ھوا. |
إِنَّ رَبَّكَ هُوَ يَفْصِلُ بَيْنَهُمْ يَوْمَ الْقِيَامَةِ فِيمَا كَانُوا فِيهِ يَخْتَلِفُونَ(25) بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي قيامت جي ڏينھن سندن وچ ۾ انھيءَ (ڳالھ) جو نبيرو ڪندو جنھن بابت جھڳڙو ڪندا ھوا. |
کين پڌرو نه ٿيو آھي ڇا ته کانئن اڳ ڪيترا (ئي) جُڳ ناس ڪياسون جن جي گھرن ۾ (اُھي) گھُمندا آھن، بيشڪ ھن (ڳالھ) ۾ وڏيون نشانيون آھن، پوءِ نه ٻڌندا آھن پا؟ |
نه ڏٺائون ڇا ته اسين اُٻڙٺ زمين ڏانھن پاڻي وھائيندا آھيون پوءِ اُن سان پوک ڄمائيندا آھيون جنھن مان سندن ڍور ۽ اُھي پاڻ کائيندا آھن، پوءِ نه ڏسندا آھن ڇا؟ |
وَيَقُولُونَ مَتَىٰ هَٰذَا الْفَتْحُ إِن كُنتُمْ صَادِقِينَ(28) ۽ چون ٿا ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته اھو فيصلو ڪڏھن ٿيندو؟ |
قُلْ يَوْمَ الْفَتْحِ لَا يَنفَعُ الَّذِينَ كَفَرُوا إِيمَانُهُمْ وَلَا هُمْ يُنظَرُونَ(29) (اي پيغمبر کين) چؤ ته فيصلي جي ڏينھن ڪافرن کي سندن ايمان آڻڻ فائدو نه ڏيندو ۽ نڪي کين مُھلت ڏبي. |
پوءِ کائن مُنھن موڙ ۽ انتظار ڪڍ بيشڪ اُھي (به) انتظار ڪڍندڙ آھن. |
More surahs in Sindhi:
Download surah As-Sajdah with the voice of the most famous Quran reciters :
surah As-Sajdah mp3 : choose the reciter to listen and download the chapter As-Sajdah Complete with high quality
Ahmed Al Ajmy
Bandar Balila
Khalid Al Jalil
Saad Al Ghamdi
Saud Al Shuraim
Abdul Basit
Abdul Rashid Sufi
Abdullah Basfar
Abdullah Al Juhani
Fares Abbad
Maher Al Muaiqly
Al Minshawi
Al Hosary
Mishari Al-afasi
Yasser Al Dosari
لا تنسنا من دعوة صالحة بظهر الغيب