Mürselat suresi çevirisi Sindhi dili
| چڱين گُھلندڙن ھيرُن جو قسم آھي. | 
| پوءِ زور سان لڳڻ وارن وائن جو قسم آھي. | 
| ۽ (ڪڪرن کي) کڻندڙن پکيڙيندڙن وائن جو قسم آھي. | 
| پوءِ (ڪڪرن کي) ھڪ ٻئي کان جدا ڪندڙ وائن جو قسم آھي. | 
| پوءِ وحي آڻيندڙن ملائڪن جو قسم آھي. | 
| (جي) عذر وڃائڻ لاءِ يا ڊيڄارڻ لاءِ (وحي) آڻيندا آھن. | 
| ته بيشڪ جنھن (ڳالھ) جو اوھان کي انجام ڏجي ٿو سا ضرور ٿيڻي آھي. | 
| پوءِ جڏھن تارا ميٽي ڇڏبا. | 
| ۽ جڏھن آسمان چيربو. | 
| ۽ جڏھن جبل اڏائبا. | 
| ۽ جڏھن پيغمبر (ٺھرايل وقت تي) گڏ ڪبا. | 
| (تڏھن ثابت ٿيندو ته پيغمبرن کي) ڪھڙي ڏينھن لاءِ ترسايو ويو. | 
| فيصلي جي ڏينھن لاءِ. | 
| ۽ توکي ڪھڙي شيءَ ڄاڻايو ته فيصلو جو ڏينھن ڇا آھي. | 
| اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي. | 
| پھرين کي ھلاڪ نه ڪيو اٿون ڇا؟ | 
| وري (اُن کانپوءِ) پوين کي انھن جي پٺيان آڻيندا آھيون. | 
| ائين ڏوھارين سان ڪندا آھيون. | 
| اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي. | 
| اوھان کي خسيس پاڻي مان نه بڻايو اٿون ڇا؟ | 
| پوءِ اُن کي ھڪ پختي ھنڌ ۾ رکيوسون. | 
| ھڪ مُقرّر وقت تائين. | 
| پوءِ (بڻاوت ۾) پورو ڪيوسون جو (اسين) چڱي سگھ وارا آھيون. | 
| اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي. | 
| زمين کي ماپائڻ واري نه ڪئي اٿون ڇا؟ | 
| (جو) جيئرن ۽ مُئن کي (ماپائي). | 
| وَجَعَلْنَا فِيهَا رَوَاسِيَ شَامِخَاتٍ وَأَسْقَيْنَاكُم مَّاءً فُرَاتًا(27)۽ زمين ۾ اُچا جبل ڪياسون ۽ اوھان کي مٺو پاڻي پياريوسون. | 
| اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي. | 
| (چيو ويندو ته ھاڻي) جنھن (دوزخ) کي اوھين ڪوڙ ڀائيندا ھوا تنھن ڏانھن وڃو. | 
| (چئبن ته) ٽن شاخن واريءَ ڇانوَ ڏانھن وڃو. | 
| نه ٿڌي ڇانوَ ھوندي ۽ نه (باھ جي) توَ کان توکي بچائيندي. | 
| بيشڪ اُھا (باھ) ماڙيءَ جيڏيون چڻنگون اڇليندي آھي. | 
| ڄڻ ته اُھي ھيڊا اُٺ آھن. | 
| اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي. | 
| اُھو ڏينھن اُھو آھي جنھن ۾ نه ڳالھائيندا. | 
| ۽ نڪي کين موڪل ڏبي ته (ڪو) عذر (بيان) ڪن. | 
| اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي. | 
| ھيءُ فيصلي جو ڏينھن آھي، اوھان کي ۽ اڳين کي گڏ ڪيوسون. | 
| پوءِ جيڪڏھن اوھان کي بڇڙي رِٿ ڪرڻي آھي ته منھنجي حق ۾ رٿيو. | 
| اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي. | 
| بيشڪ پرھيزگار ڇانوَن ۽ چشمن ۾ ھوندا. | 
| ۽ جنھن جنس مان گھرندا (تنھن جنس جي) ميون ۾ ھوندا. | 
| (چئبن ته) چڱا ڪم ڪندا ھئو تنھنڪري خوش ٿي کائو ۽ پيئو. | 
| بيشڪ اسين نيڪن کي ائين بدلو ڏيندا آھيون. | 
| اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي. | 
| (اي ڪوڙ ڀائيندڙؤ دنيا ۾) ٿوري دير کائي وٺو ۽ آسودا رھو بيشڪ اوھين ڏوھاري آھيو. | 
| اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي. | 
| ۽ جڏھن کين چئجي ته نماز پڙھو (ته) نماز نه پڙھندا آھن. | 
| اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي. | 
| پوءِ اُن (قرآن) کانپوءِ ڪھڙي ڳالھ تي ويساھ رکندا. | 
Sindhi dili diğer sureler:
En ünlü okuyucuların sesiyle Mürselat Suresi indirin:
Surah Al-Mursalat mp3:  yüksek kalitede dinlemek ve indirmek için okuyucuyu seçerek
 Ahmed El Agamy
Ahmed El Agamy
 Saad Al Ghamdi
Saad Al Ghamdi
 Saud Al Shuraim
Saud Al Shuraim
 Abdul Basit
Abdul Basit 
 Abdullah Basfar
Abdullah Basfar
 Abdullah Al Juhani
Abdullah Al Juhani
 Ali Al Hudhaifi
Ali Al Hudhaifi
 Fares Abbad
Fares Abbad
 Maher Al Muaiqly
Maher Al Muaiqly
 Muhammad Jibril
Muhammad Jibril
 Al Minshawi
Al Minshawi
 Al Hosary
Al Hosary
 Mishari Al-afasi
Mishari Al-afasi
 Nasser Al Qatami
Nasser Al Qatami
 Yasser Al Dosari
Yasser Al Dosari
Bizim için dua et, teşekkürler





