Mutaffifin suresi çevirisi Sindhi dili
| (تور ۽ ماپ ۾) انھن گھٽ ڪري ڏيندڙن لاءِ ويل آھي. | 
| جي جڏھن (پاڻ لاءِ) ماڻھن کان مَئي وٺندا آھن ته بلڪل پورو ڪري وٺندا آھن. | 
| ۽ جڏھن اُنھن کي مَئي ڏيندا آھن يا کين توري ڏيندا آھن (ته) گھٽائي ڏيندا آھن. | 
| اھي گمان نه ٿا ڪن ڇا ته کين (ضرور) اُٿاربو. | 
| اُنھيءَ وڏي ڏينھن لاءِ. | 
| جنھن ڏينھن ماڻھو جھانن جي پالڻھار اڳيان ٿي بيھندا. | 
| سچ آھي ته بيشڪ بدڪارن جو اعمالنامو سجين ۾ آھي. | 
| ۽ ڪنھن سمجھايئي ته سجين ڇا آھي؟ | 
| ھڪ لکيل دفتر آھي. | 
| اُن ڏينھن (انھن) ڪوڙ ڀانئيندڙن لاءِ ويل آھي. | 
| جيڪي عملن جي بدلي جي ڏينھن کي ڪوڙ ڀانئيندا آھن. | 
| ۽ اُن کي سڀڪنھن حد کان لنگھندڙ گنھگار کانسواءِ (ٻيو) ڪو ڪوڙ نه ڀانئيندو. | 
| إِذَا تُتْلَىٰ عَلَيْهِ آيَاتُنَا قَالَ أَسَاطِيرُ الْأَوَّلِينَ(13)جڏھن اسان جون آيتون کيس پڙھي ٻڌائبيون آھن ته چوندو آھي ته (اھي) اڳين جون آکاڻيون آھن. | 
| كَلَّا ۖ بَلْ ۜ رَانَ عَلَىٰ قُلُوبِهِم مَّا كَانُوا يَكْسِبُونَ(14)ائين بلڪل نه آھي! بلڪ، جيڪي ڪمائيندا ھوا تنھن جي ڪَٽ سندين دلين تي ڄمي ويئي آھي. | 
| كَلَّا إِنَّهُمْ عَن رَّبِّهِمْ يَوْمَئِذٍ لَّمَحْجُوبُونَ(15)ائين نه آھي پنھنجي پالڻھار (جي سامھون اچڻ) کان انھي ڏينھن روڪيل ھوندا. | 
| وري بيشڪ اُھي دوزخ ۾ گھڙڻ وارا ھوندا. | 
| وري چئبن ته ھي اُھو دوزخ آھي جنھن کي اوھين ڪوڙ ڀانئيندا ھُيؤ. | 
| سچ آھي بيشڪ ڀلارن جو اعمالنامو عِلّيِّيۡن ۾ آھي. | 
| ۽ ڪنھن سمجھايئي ته عِلِّيّين ڇا آھي؟ | 
| ھڪ لکيل دفتر آھي. | 
| اُن وٽ (الله جا) مقرب حاضر رھندا آھن. | 
| بيشڪ ڀلارا (بھشت) جي نعمتن ۾ ھوندا. | 
| تختن تي ويھي نظارو پيا ڪندا. | 
| (سڀني پاسن کان) سندن منھن مان ئي نعمت جي تازگي پيو معلوم ڪندين. | 
| مھر لڳل صاف شراب مان پيو پياربن. | 
| خِتَامُهُ مِسْكٌ ۚ وَفِي ذَٰلِكَ فَلْيَتَنَافَسِ الْمُتَنَافِسُونَ(26)جنھن جي مُھر مشڪ (جي) ھوندي، ۽ شوقينن کي جڳائي ته اُنھيءَ ۾ شوق رکن. | 
| اُن جي ملاوت تَسۡنِيم (جي پاڻيءَ) مان ھوندي. | 
| جو ھڪ چشمو آھي جنھن مان الله جا ويجھا (ٻانھا) پيئندا. | 
| إِنَّ الَّذِينَ أَجْرَمُوا كَانُوا مِنَ الَّذِينَ آمَنُوا يَضْحَكُونَ(29)بيشڪ ڏوھاري (دنيا ۾) مؤمنن تي کلندا ھوا. | 
| ۽ جڏھن وٽائن لنگھندا ھوا ته مؤمنن تي حقارت ڪري پاڻ ۾ ميڇون ڏيندا ھوا. | 
| وَإِذَا انقَلَبُوا إِلَىٰ أَهْلِهِمُ انقَلَبُوا فَكِهِينَ(31)۽ جڏھن پنھنجن گھر وارن ڏانھن موٽندا ھوا (ته) ڏاڍيون خوشيون ڪندا موٽندا ھوا. | 
| ۽ جڏھن مؤمنن کي ڏسندا ھوا ته چوندا ھوا ته بيشڪ اُھي گمراھ آھن. | 
| ۽ (حقيقت ڪري) اُھي مؤمنن تي نگھبان ڪري نه موڪليا ويا ھوا. | 
| فَالْيَوْمَ الَّذِينَ آمَنُوا مِنَ الْكُفَّارِ يَضْحَكُونَ(34)تنھنڪري اڄ مؤمن ڪافرن تي کِلن ٿا. | 
| تختن تي (ويھي) نظارو ڪن ٿا. | 
| (۽ چون ٿا) ته ڪافرن کي انھيءَ جو بدلو ڏنو ويو آھي ڇا جيڪي اُھي ڪندا ھوا. | 
Sindhi dili diğer sureler:
En ünlü okuyucuların sesiyle Mutaffifin Suresi indirin:
Surah Al-Mutaffifin mp3:  yüksek kalitede dinlemek ve indirmek için okuyucuyu seçerek
 Ahmed El Agamy
Ahmed El Agamy
 Saad Al Ghamdi
Saad Al Ghamdi
 Saud Al Shuraim
Saud Al Shuraim
 Abdul Basit
Abdul Basit 
 Abdullah Basfar
Abdullah Basfar
 Abdullah Al Juhani
Abdullah Al Juhani
 Ali Al Hudhaifi
Ali Al Hudhaifi
 Fares Abbad
Fares Abbad
 Maher Al Muaiqly
Maher Al Muaiqly
 Muhammad Jibril
Muhammad Jibril
 Al Minshawi
Al Minshawi
 Al Hosary
Al Hosary
 Mishari Al-afasi
Mishari Al-afasi
 Nasser Al Qatami
Nasser Al Qatami
 Yasser Al Dosari
Yasser Al Dosari
Bizim için dua et, teşekkürler





