La sourate Al-Infitar en Sindhi
جڏھن آسمان ڦاٽندو. |
۽ جڏھن تارا ڇڻي پوندا. |
۽ جڏھن سمنڊ تمام جوش سان وھائبا. |
۽ جڏھن قبرون پٽبيون. |
(تڏھن) سڀڪو شخص اُھو ڄاڻندو جيڪي اڳي موڪليو ھوائين ۽ جيڪي پوئتي ڇڏيو ھوائين. |
يَا أَيُّهَا الْإِنسَانُ مَا غَرَّكَ بِرَبِّكَ الْكَرِيمِ(6) اي ماڻھو توکي تنھنجي (انھي) سڳوري پالڻھار کان ڪھڙي شيءَ ٺڳيو؟ |
جنھن توکي پيدا ڪيو پوءِ توکي سنئين لڱين ڪيائين پوءِ توکي برابر ڪيائين. |
جھڙي صورت ۾ گھريائين (تھڙيءَ ۾) تنھنجو جوڙ جوڙيائين. |
ائين نه آھي بلڪ اوھين عملن جي جزا ڏيڻ کي ڪوڙ ڀائيندا آھيو. |
۽ بيشڪ اوھان تي نگھبان (مقرر ٿيل) آھن. |
سڳورا لکڻ وارا. |
جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو ڄاڻندا آھن. |
بيشڪ ڀلارا (بھشت جي) نعمت ۾ ھوندا. |
۽ بيشڪ گنھگار دوزخ ۾ ھوندا. |
عملن جي بدلي جي ڏينھن دوزخ ۾ داخل ٿيندا. |
۽ اُن کان اُھي لڪل نه ھوندا. |
۽ ڪنھن سمجھايئي ته عملن جي بدلي جو ڏينھن ڇا آھي؟ |
وري (به چئون ٿا ته) ڪنھن سمجھايئي ته عملن جي بدلي جو ڏينھن ڇا آھي؟ |
يَوْمَ لَا تَمْلِكُ نَفْسٌ لِّنَفْسٍ شَيْئًا ۖ وَالْأَمْرُ يَوْمَئِذٍ لِّلَّهِ(19) اُھو ھڪ ڏينھن آھي جو ڪو جيءُ ڪنھن جيءَ کي ڪجھ فائدو پھچائي نه سگھندو، ۽ اُن ڏينھن (ساري) حڪومت خاص الله جي ھوندي. |
Plus de sourates en Sindhi :
Téléchargez la sourate avec la voix des récitants du Coran les plus célèbres :
Téléchargez le fichier mp3 de la sourate Al-Infitar : choisissez le récitateur pour écouter et télécharger la sourate Al-Infitar complète en haute qualité.















Donnez-nous une invitation valide