La sourate Al-Adiyat en Sindhi
ھانبارو ھڻي ڊوڙندڙن گھوڙن جو قَسم آھي. |
پوءِ پھڻن تي نعلن ھڻڻ سان چڻنگن ڪڍندڙن (گھوڙن) جوقسم آھي. |
پوءِ صبح جي مھل لُٽ ڪندڙ (گھوڙن) جو قسم آھي |
جو اُن مھل رئي اُٿارين. |
پوءِ اُن گھڙي (دشمنن جي) ٽوليءَ جي وچ ۾ پون. |
ته بيشڪ ماڻھو پنھنجي پالڻھار جو وڏو بي شُڪر آھي. |
۽ بيشڪ اُھو پاڻ انھن تي شاھد آھي. |
۽ بيشڪ اھو مال جي محبت ۾ ڏاڍو آھي. |
(اُنھيءَ وقت کي) نه ڄاڻندو آھي ڇا جنھن وقت انھن کي اُٿاربو جيڪي قبرن ۾ نه آھن. |
۽ جيڪي سينن ۾ آھي سو پڌرو ڪبو. |
بيشڪ اُن ڏينھن سندن پالڻھار سندن (حال جي) خبر رکندڙ آھي. |
Plus de sourates en Sindhi :
Téléchargez la sourate avec la voix des récitants du Coran les plus célèbres :
Téléchargez le fichier mp3 de la sourate Al-Adiyat : choisissez le récitateur pour écouter et télécharger la sourate Al-Adiyat complète en haute qualité.















Donnez-nous une invitation valide