La sourate Qaf en Sindhi
قٓ، سڳوري قرآن جو قسم آھي. |
بَلْ عَجِبُوا أَن جَاءَهُم مُّنذِرٌ مِّنْهُمْ فَقَالَ الْكَافِرُونَ هَٰذَا شَيْءٌ عَجِيبٌ(2) بلڪ ھن ڳالھ ڪري عجب ۾ پيا ته اُنھن وٽ اُنھن مان (ئي) ھڪ ڊيڄاريندڙ آيو ته پوءِ ڪافرن چيو ته ھي عجب ڳالھ آھي. |
أَإِذَا مِتْنَا وَكُنَّا تُرَابًا ۖ ذَٰلِكَ رَجْعٌ بَعِيدٌ(3) ڀلا جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ٿينداسون، اھو وري جيئرو ٿيڻ (عقل کان) پري آھي. |
قَدْ عَلِمْنَا مَا تَنقُصُ الْأَرْضُ مِنْهُمْ ۖ وَعِندَنَا كِتَابٌ حَفِيظٌ(4) انھن مان جيڪي زمين گھٽائيندي آھي سو بيشڪ ڄاتو اٿون، ۽ اسان وٽ ھڪ حفاظت رکندڙ ڪتاب آھي. |
بَلْ كَذَّبُوا بِالْحَقِّ لَمَّا جَاءَهُمْ فَهُمْ فِي أَمْرٍ مَّرِيجٍ(5) بلڪ سچو دين جڏھن وٽن آيو ته اُن کي ڪوڙ ڄاتائون پوءِ اُھي منجھيل ڪم ۾ آھن. |
پوءِ آسمان جو سندن مٿان آھي تنھن ڏانھن نه ڏٺو اٿن ڇا ته اُن کي ڪيئن بڻايو اٿون ۽ اُن کي (ڪيئن) سينگاريو اٿون ۽ اُن ۾ ڪا ڦوٽ نه آھي. |
وَالْأَرْضَ مَدَدْنَاهَا وَأَلْقَيْنَا فِيهَا رَوَاسِيَ وَأَنبَتْنَا فِيهَا مِن كُلِّ زَوْجٍ بَهِيجٍ(7) ۽ زمين کي پکيڙيوسون ۽ منجھس جبل وڌاسون ۽ منجھس سڀڪنھن وڻندڙين جنسن مان سَلّا ڄماياسون. |
سڀڪنھن ورندڙ ٻانھي جي واٽ ڏيکارڻ ۽ نصيحت ڏيڻ لاءِ. |
وَنَزَّلْنَا مِنَ السَّمَاءِ مَاءً مُّبَارَكًا فَأَنبَتْنَا بِهِ جَنَّاتٍ وَحَبَّ الْحَصِيدِ(9) ۽ آسمان کان برڪت وارو پاڻي لاٿوسون پوءِ اُن سان باغ ۽ لڻڻ واري پوک جو اَن ڄمايوسون. |
۽ ڊگھيون کجيون (به) جن جا گوشا تہ ٿيل آھن. |
رِّزْقًا لِّلْعِبَادِ ۖ وَأَحْيَيْنَا بِهِ بَلْدَةً مَّيْتًا ۚ كَذَٰلِكَ الْخُرُوجُ(11) ٻانھن جي روزي (ڏيڻ) لاءِ ۽ اُن سان ويران شھر کي آباد ڪيوسون، ۽ اھڙي طرح (قبرن مان) نڪرڻ آھي. |
كَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوحٍ وَأَصْحَابُ الرَّسِّ وَثَمُودُ(12) کائن اڳ نوح جي قوم ۽ رس (جي شھر) وارن ۽ ثمود (قوم) ڪوڙو ڀانيو. |
۽ عاد ۽ فرعون ۽ لُوط جي ڀائرن. |
وَأَصْحَابُ الْأَيْكَةِ وَقَوْمُ تُبَّعٍ ۚ كُلٌّ كَذَّبَ الرُّسُلَ فَحَقَّ وَعِيدِ(14) ۽ ايڪه وارن ۽ تُبّع جي قوم، ھر ھڪ پيغمبرن کي ڪُوڙو ڄاتو پوءِ (مٿن) منھنجي عذاب جو انجام لازم ٿيو. |
أَفَعَيِينَا بِالْخَلْقِ الْأَوَّلِ ۚ بَلْ هُمْ فِي لَبْسٍ مِّنْ خَلْقٍ جَدِيدٍ(15) پھرين ڀيري (جي) خلقڻ ۾ (ڪو) ٿڪا آھيو ڇا؟ (نه!) بلڪ اُھي نئين سر پيدا ڪرڻ کان شڪ ۾ آھن. |
۽ بيشڪ ماڻھوءَ کي پيدا ڪيوسون ۽ سندس نفس کيس جيڪو وسوسو وجھندو آھي سو ڄاڻندا آھيون، ۽ اسين ڏانھس (سندس) ساہ جي رڳ کان وڌيڪ ويجھا آھيون. |
إِذْ يَتَلَقَّى الْمُتَلَقِّيَانِ عَنِ الْيَمِينِ وَعَنِ الشِّمَالِ قَعِيدٌ(17) جڏھن جو ٻه لکندڙ (ھڪ) سڄي پاسي کان ۽ (ٻيو) کٻي پاسي کان وھندڙ لکندا آھن. |
مَّا يَلْفِظُ مِن قَوْلٍ إِلَّا لَدَيْهِ رَقِيبٌ عَتِيدٌ(18) ڪا ڳالھ نه ڳالھائيندو آھي جنھن جي لاءِ وٽس ھڪ نگھبان موجود نه آھي. |
وَجَاءَتْ سَكْرَةُ الْمَوْتِ بِالْحَقِّ ۖ ذَٰلِكَ مَا كُنتَ مِنْهُ تَحِيدُ(19) ۽ موت جي سختي سچ پچ ايندي، (چئبو ته) اِھا اُھا شيءِ آھي جنھن کان پاسو ڪندو ھُئين. |
۽ صُور ۾ ڦوڪيو ويندو، اھو عذاب جو ڏينھن آھي. |
۽ سڀڪو جيءَ ايندو جو ساڻس ھڪ ھڪليندڙ ۽ ھڪ شاھِد ھوندو. |
لَّقَدْ كُنتَ فِي غَفْلَةٍ مِّنْ هَٰذَا فَكَشَفْنَا عَنكَ غِطَاءَكَ فَبَصَرُكَ الْيَوْمَ حَدِيدٌ(22) (چئبو ته) بيشڪ ھن (ڏينھن) کان بي خبريءَ ۾ ھُئين ھاڻي توکان تنھنجو پردو کوليوسون تنھنڪري اڄ تنھنجي نگاھ تِکي آھي. |
۽ سندس سنگتي (ملائڪ) چوندو ته جيڪي مون وٽ (لکيل) موجود ھو سو ھي آھي. |
(چئبو ته) اي ٻئي (ملائڪؤ) سڀڪنھن ناشڪر ھٺيلي کي دوزخ ۾ اُڇليو. |
(جو) خير کان جھليندڙ حد کان لنگھندڙ شڪ ڪندڙ آھي. |
الَّذِي جَعَلَ مَعَ اللَّهِ إِلَٰهًا آخَرَ فَأَلْقِيَاهُ فِي الْعَذَابِ الشَّدِيدِ(26) جنھن الله سان ٻيو معبود ٺھرايو اھڙي (ھر ھڪ) کي سخت عذاب ۾ اُڇليو. |
۞ قَالَ قَرِينُهُ رَبَّنَا مَا أَطْغَيْتُهُ وَلَٰكِن كَانَ فِي ضَلَالٍ بَعِيدٍ(27) سندس سنگتي (شيطان) چوندو ته اي منھنجا پالڻھار مون اُن کي گمراھ نه ڪيو ھو پر اُھو (پاڻ) وڏي گمراھيءَ ۾ (پيل) ھو. |
قَالَ لَا تَخْتَصِمُوا لَدَيَّ وَقَدْ قَدَّمْتُ إِلَيْكُم بِالْوَعِيدِ(28) (الله) چوندو ته مون وٽ جھڳڙو نه ڪريو ھن ھوندي جو بيشڪ اوھان ڏانھن عذاب جو انجام (ھن کان) اڳي موڪليو ھوم. |
مَا يُبَدَّلُ الْقَوْلُ لَدَيَّ وَمَا أَنَا بِظَلَّامٍ لِّلْعَبِيدِ(29) نڪي مون وٽ انجام ڦيرائبو آھي ۽ نڪي آءٌ ٻانھن تي ظلم ڪرڻ وارو آھيان. |
يَوْمَ نَقُولُ لِجَهَنَّمَ هَلِ امْتَلَأْتِ وَتَقُولُ هَلْ مِن مَّزِيدٍ(30) جنھن ڏينھن دوزخ کي چونداسون ته ڀريو آھين (يا نه!) ۽ (دوزخ) چوندو ته (ٻيو به) ڪجھ (اڃا) ھن کان وڌيڪ آھي ڇا؟ |
۽ بھشت پرھيزگارن لاءِ ويجھو ڪبو نه پري. |
(چئبو ته) جنھن جو اوھان کي سڀڪنھن (الله ڏانھن) رجوع ڪرڻ واري ۽ ادب نگاھ رکڻ واري لاءِ انجام ڏبو ھو سو ھي آھي. |
مَّنْ خَشِيَ الرَّحْمَٰنَ بِالْغَيْبِ وَجَاءَ بِقَلْبٍ مُّنِيبٍ(33) جيڪو پرپٺ ٻاجھاري (الله) کان ڊنو ۽ (الله ڏانھن) رجوع ٿيل دل سان آيو. |
(چئبو ته) سلامتيءَ سان بھشت ۾ گھڙو، اھو سدائين رھڻ جو ڏينھن آھي. |
جيڪي گھرندا سو منجھس انھن لاءِ (موجود) آھي ۽ اسان وٽ (اُن کان) وڌيڪ به آھي. |
۽ انھن کان اڳ ڪيترائي جُڳ ھلاڪ ڪياسون جي پڪڙ ۾ اُنھن کان به تمام ڏاڍا ھوا پوءِ شھرن ۾ ڳولا ڪرڻ لڳا، ته ڪا (بچڻ جي) واھ آھي؟ |
إِنَّ فِي ذَٰلِكَ لَذِكْرَىٰ لِمَن كَانَ لَهُ قَلْبٌ أَوْ أَلْقَى السَّمْعَ وَهُوَ شَهِيدٌ(37) بيشڪ انھيءَ ڳالھ ۾ اُنھي لاءِ نصيحت آھي جنھن کي دل ھجي يا جو دل لائي ڪن ڏئي. |
۽ بيشڪ آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي ٻنھي جي وچ ۾ آھي تنھن کي ڇھن ڏينھن ۾ بڻايوسون، ۽ اسان کي ڪو ٿَڪ نه ٿيو. |
پوءِ (اي پيغمبر) جيڪي (ڪافر) چوندا آھن تنھن تي صبر ڪر ۽ سج اُڀرڻ کان اڳ ۽ لھڻ کان اڳ پنھنجي پالڻھار جي پاڪائي ساراھ سان بيان ڪر. |
۽ ڪجھ (مھل) رات جو الله کي پاڪائيءَ سان ساراھ ۽ نماز کان پوءِ به. |
وَاسْتَمِعْ يَوْمَ يُنَادِ الْمُنَادِ مِن مَّكَانٍ قَرِيبٍ(41) ۽ (ھي ڳالھ) ٻُڌ ته جنھن ڏينھن ويجھي ھنڌ کان سڏيندڙ سڏيندو. |
يَوْمَ يَسْمَعُونَ الصَّيْحَةَ بِالْحَقِّ ۚ ذَٰلِكَ يَوْمُ الْخُرُوجِ(42) جنھن ڏينھن سچ پچ سخت ھَڪل ٻُڌندا، اُھو (قبرن مان) نڪرڻ جو ڏينھن آھي. |
بيشڪ اسين جياريندا آھيون ۽ ماريندا آھيون ۽ اسان ڏانھن موٽڻ آھي. |
يَوْمَ تَشَقَّقُ الْأَرْضُ عَنْهُمْ سِرَاعًا ۚ ذَٰلِكَ حَشْرٌ عَلَيْنَا يَسِيرٌ(44) جنھن ڏينھن زمين انھن کان ڦاٽندي (تنھن ڏينھن) تڪڙا وڃڻ وارا ھوندا، اِھو گڏ ڪرڻ اسان کي آسان آھي. |
جيڪي (ڪافر) چوندا آھن سو اسين چڱي طرح ڄاڻندا آھيون ۽ تون مٿن (ڪو) ڏاڍ ڪرڻ وارو نه آھين، پوءِ جيڪو منھنجي عذاب جي ڌمڪيءَ کان ڊڄي تنھن کي قرآن سان سمجھاءِ. |
Plus de sourates en Sindhi :
Téléchargez la sourate avec la voix des récitants du Coran les plus célèbres :
Téléchargez le fichier mp3 de la sourate Qaf : choisissez le récitateur pour écouter et télécharger la sourate Qaf complète en haute qualité.















Donnez-nous une invitation valide