La sourate Al-Qamar en Sindhi
قيامت ويجھي آئي ۽ چنڊ چيرجي پيو. |
وَإِن يَرَوْا آيَةً يُعْرِضُوا وَيَقُولُوا سِحْرٌ مُّسْتَمِرٌّ(2) ۽ جيڪڏھن (ڪافر) ڪا نشاني ڏسندا ته مُنھن موڙيندا ۽ چوندا ته ھيء قديمي جادو آھي. |
وَكَذَّبُوا وَاتَّبَعُوا أَهْوَاءَهُمْ ۚ وَكُلُّ أَمْرٍ مُّسْتَقِرٌّ(3) ۽ ڪوڙ ڄاتائون ۽ پنھنجن سَڌن تي ھليا ۽ سڀڪو ڪم پنھنجي وقت تي ٺھرايل آھي. |
۽ بيشڪ وٽن اُھي خبرون آيون آھن جن ۾ جھڻڪ آھي. |
پوري ڏاھپ (به) آھي پوءِ عِبرت جون ڳالھيون کين ڪو فائدو نه ٿيون ڏين. |
فَتَوَلَّ عَنْهُمْ ۘ يَوْمَ يَدْعُ الدَّاعِ إِلَىٰ شَيْءٍ نُّكُرٍ(6) تنھنڪري کانئن مُنھن موڙ، جنھن ڏينھن سڏيندڙ اَڻ وڻندڙ شيءَ ڏانھن سڏيندو. |
خُشَّعًا أَبْصَارُهُمْ يَخْرُجُونَ مِنَ الْأَجْدَاثِ كَأَنَّهُمْ جَرَادٌ مُّنتَشِرٌ(7) (تنھن ڏينھن) پنھنجن جھڪن اکين سان قبرن مان ائين نڪرندا جو ڄڻڪ اُھي پکڙيل مڪڙ آھن. |
مُّهْطِعِينَ إِلَى الدَّاعِ ۖ يَقُولُ الْكَافِرُونَ هَٰذَا يَوْمٌ عَسِرٌ(8) (اُن) سڏيندڙ ڏانھن ڊوڙندا ويندا، ڪافر ته ھيُ سخت ڏينھن آھي. |
۞ كَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوحٍ فَكَذَّبُوا عَبْدَنَا وَقَالُوا مَجْنُونٌ وَازْدُجِرَ(9) انھن کان اڳ نوح جي قوم ڪوڙ ڀانيو پوءِ اسان جي ٻانھي کي ڪوڙو ڄاتائون ۽ چيائون ته چريو آھي ۽ ساڻس سخت ڳالھايو ويو. |
پوءِ ھن پنھنجي پالڻھار کي عرض ڪيو (۽ چيائين) ته بيشڪ آءٌ ھيڻو آھيان تنھنڪري تون کائن وير وٺ. |
پوءِ آسمان جا دروازا گھڻي وھندڙ پاڻيءَ سان کولياسون. |
وَفَجَّرْنَا الْأَرْضَ عُيُونًا فَالْتَقَى الْمَاءُ عَلَىٰ أَمْرٍ قَدْ قُدِرَ(12) ۽ زمين مان چشمان جاري ڪياسون پوءِ (چوڌاري) پاڻي گڏ ٿيو جنھن ڪم لاءِ (اُھو) ٺھرايو ويو ھو. |
۽ کيس تختن ۽ ميخن واريءَ (ٻيڙي) تي چاڙھيوسون. |
جا اسان جي اکين آڏو ٿي ھلي، انھيءَ شخص جي بدلي وٺڻ لاءِ جنھن کي نه مڃيو ھوائون. |
۽ بيشڪ اُنھي (سزا) کي (عبرت لاءِ) ھڪ نشاني ڪري ڇڏيوسون پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟ |
پوءِ منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا ڪھڙي طرح ھوا. |
وَلَقَدْ يَسَّرْنَا الْقُرْآنَ لِلذِّكْرِ فَهَلْ مِن مُّدَّكِرٍ(17) ۽ بيشڪ قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪيو اٿون پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟ |
عاد (قوم) ڪوڙ ڀانيو پوءِ منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا ڪھڙيءَ طرح ھوا؟ |
إِنَّا أَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ رِيحًا صَرْصَرًا فِي يَوْمِ نَحْسٍ مُّسْتَمِرٍّ(19) بيشڪ اسان سخت طوفان کي تمام نڀاڳي ڏينھن ۾ مٿن موڪليو. |
تَنزِعُ النَّاسَ كَأَنَّهُمْ أَعْجَازُ نَخْلٍ مُّنقَعِرٍ(20) جو ماڻھن کي پٽيائين ٿي ڄڻڪ اُھي پاڙون پٽيل کجيءَ جا تڙ آھن. |
پوءِ منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا ڪھڙي طرح ھوا؟ |
وَلَقَدْ يَسَّرْنَا الْقُرْآنَ لِلذِّكْرِ فَهَلْ مِن مُّدَّكِرٍ(22) ۽ بيشڪ قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪيو اٿون پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟ |
ثمود جي قوم ڊيڄاريندڙن کي ڪوڙو ڀانيو. |
فَقَالُوا أَبَشَرًا مِّنَّا وَاحِدًا نَّتَّبِعُهُ إِنَّا إِذًا لَّفِي ضَلَالٍ وَسُعُرٍ(24) پوءِ چيائون ته پنھنجي قوم مان ھڪ اھڙي ماڻھوءَ جي تابعداري ڪريون ڇا؟ (جي ائين ڪريون ته) بيشڪ اسين انھي مھل ضرور گمراھي ۽ چريائي ۾ ھونداسون. |
أَأُلْقِيَ الذِّكْرُ عَلَيْهِ مِن بَيْنِنَا بَلْ هُوَ كَذَّابٌ أَشِرٌ(25) اسان جي وچان اُنھيءَ تي (ئي) وحيُ نازل ڪيو ويو ڇا؟ بلڪ اُھو وڏو ڪوڙو پاڻ پڏائيندڙ آھي. |
سڀاڻي ڄاڻندا ته پاڻ پڏائيندڙ ڏاڍو ڪوڙو ڪير آھي. |
إِنَّا مُرْسِلُو النَّاقَةِ فِتْنَةً لَّهُمْ فَارْتَقِبْهُمْ وَاصْطَبِرْ(27) بيشڪ اسين سندن پرک لاءِ (ھڪ) ڏاچي موڪلينداسون پوءِ (اي صالح) انھن جو منتظر رھ ۽ صبر ڪر. |
وَنَبِّئْهُمْ أَنَّ الْمَاءَ قِسْمَةٌ بَيْنَهُمْ ۖ كُلُّ شِرْبٍ مُّحْتَضَرٌ(28) ۽ کين خبردار ڪر ته سندن وچ ۾ پاڻي وراھيل آھي، ھر ڪو (پنھنجي) واري تي حاضر ٿئي. |
پوءِ پنھنجي سنگتيءَ کي سڏيائون پوءِ وڌيڪ ھلت ڪيائين ۽ منڊو ڪيائين. |
پوءِ منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا ڪھڙي طرح ھوا؟ |
إِنَّا أَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ صَيْحَةً وَاحِدَةً فَكَانُوا كَهَشِيمِ الْمُحْتَظِرِ(31) بيشڪ اسان ھڪ ڌڪاءُ مٿن موڪليو پوءِ ڀتي پيھر وانگر (ڍير) ٿي پيا. |
وَلَقَدْ يَسَّرْنَا الْقُرْآنَ لِلذِّكْرِ فَهَلْ مِن مُّدَّكِرٍ(32) ۽ بيشڪ قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪيو اَٿون پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟ |
لُوط جي قوم ڊيڄاريندڙن کي ڪوڙو ڄاتو. |
إِنَّا أَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ حَاصِبًا إِلَّا آلَ لُوطٍ ۖ نَّجَّيْنَاهُم بِسَحَرٍ(34) بيشڪ اسان مٿن ڪنڪريٽ وسائيندڙ واءُ کي موڪليو سواءِ لُوط جي گھر وارن جي، جو انھن کي اَسر مھل بچايوسون. |
پاڻ وٽان فضل سان، جنھن شڪرانو ڪيو تنھن کي ائين ئي بدلو ڏيندا آھيون. |
وَلَقَدْ أَنذَرَهُم بَطْشَتَنَا فَتَمَارَوْا بِالنُّذُرِ(36) ۽ بيشڪ (لُوط) اسان جي پڪڙڻ کان کين ڊيڄاريو ھو پوءِ ھٿون انھن ڊيڄارڻ جي ڪري تڪرار ڪيائون. |
وَلَقَدْ رَاوَدُوهُ عَن ضَيْفِهِ فَطَمَسْنَا أَعْيُنَهُمْ فَذُوقُوا عَذَابِي وَنُذُرِ(37) ۽ بيشڪ لُوط کي سندس مھمانن بَنسبت ڇڪتاڻ ڪيائون پوءِ سندن اکين (جي ديد) کي وڃايوسون (پوءِ چيوسون) ته منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا چکو. |
۽ بيشڪ ھميشه وارو عذاب انھن تي صُبح جو پھتو. |
پوءِ (چيو وين) ته منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا چکو. |
وَلَقَدْ يَسَّرْنَا الْقُرْآنَ لِلذِّكْرِ فَهَلْ مِن مُّدَّكِرٍ(40) ۽ بيشڪ قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪيو اَٿون پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو. |
۽ بيشڪ فرعون جي قوم ڏانھن ڊيڄاريندڙ آيا. |
كَذَّبُوا بِآيَاتِنَا كُلِّهَا فَأَخَذْنَاهُمْ أَخْذَ عَزِيزٍ مُّقْتَدِرٍ(42) ھنن اسان جي مڙني نشانين کي ڪوڙو ڄاتو تنھنڪري کين غالب پڪڙڻ واري وانگر پڪڙيوسون. |
أَكُفَّارُكُمْ خَيْرٌ مِّنْ أُولَٰئِكُمْ أَمْ لَكُم بَرَاءَةٌ فِي الزُّبُرِ(43) (اي قريشؤ) اوھان جا ڪافر انھن ٽولين کان وڌيڪ ڀلا آھن ڇا يا اوھان لاءِ اڳين ڪتابن ۾ ڪا ڇوٽڪي جي چٺي آھي ڇا؟ |
چوندا آھن ڇا ته اسين وير وٺڻ واري جماعت آھيون. |
انھي جماعت کي جلد شڪست ڏبي ۽ پُٺي ڦيرائيندا. |
بَلِ السَّاعَةُ مَوْعِدُهُمْ وَالسَّاعَةُ أَدْهَىٰ وَأَمَرُّ(46) بلڪ سندن انجام جي جاءِ قيامت آھي ۽ قيامت ڏاڍي سخت ۽ تمام ڪوڙي آھي. |
بيشڪ ڏوھاري گمراھي ۽ چريائي ۾ آھن. |
يَوْمَ يُسْحَبُونَ فِي النَّارِ عَلَىٰ وُجُوهِهِمْ ذُوقُوا مَسَّ سَقَرَ(48) (ياد ڪر) جنھن ڏينھن انھن کي سندن مُنھن ڀر (دوزخ جي) باھ ۾ گھلبو، چئبو ته ھاڻي دوزخ جو مزو چکو. |
بيشڪ اسان سڀڪنھن شيء کي ٺھرايل انداز سان بڻايو. |
۽ اسان جو ڪم رڳو اک ڇنڀ ۾ ٿيڻ جھڙو ھڪ سُخن آھي. |
وَلَقَدْ أَهْلَكْنَا أَشْيَاعَكُمْ فَهَلْ مِن مُّدَّكِرٍ(51) ۽ بيشڪ اوھان جھڙيون (ڪيتريون ئي) ٽوليون ھلاڪ ڪيون سون پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو. |
۽ جيڪي ڪيو اٿن سو (سڀ سندن) اعمالنامن ۾ (لکيل) آھي. |
۽ سڀڪي ننڍو وڏو لکيل آھي. |
بيشڪ پرھيزگار باغن ۽ نھرين ۾ ھوندا. |
اُھي سچي مجلس ۾ سگھ واري بادشاھ وٽ رھندا. |
Plus de sourates en Sindhi :
Téléchargez la sourate avec la voix des récitants du Coran les plus célèbres :
Téléchargez le fichier mp3 de la sourate Al-Qamar : choisissez le récitateur pour écouter et télécharger la sourate Al-Qamar complète en haute qualité.















Donnez-nous une invitation valide