La sourate Al-Ghashiyah en Sindhi
| (اي پيغمبر) تو وٽ ڍڪيندڙ (قيامت) جي خبر پھتي آھي ڇا؟ | 
| اُن ڏينھن ڪيترائي مُنھن خوار ھوندا. | 
| ڪمائيندڙ ڏک ڀوڳيندا ھوندا. | 
| ٻرندڙ باھ ۾ پوندا. | 
| بلڪل تتي چشمي مان پاڻي پياربن. | 
| ڪنڊن واري گاھ کانسواءِ (ٻيو) ڪو کاڄ انھن لاءِ نه ھوندو. | 
| (جو اُھو) نڪي (کين) ڀُلھو ڪندو ۽ نڪي بُک لاھيندو. | 
| ڪيئي مُنھن اُن ڏينھن تازا ھوندا. | 
| پنھنجي ڪمائيءَ کان راضي ھوندا. | 
| مٿاھين بھشت ۾ ھوندا. | 
| اتي ڪا اجائي ڳالھ نه ٻڌندين. | 
| اُتي چشما وھندڙ آھن. | 
| اُتي وڏا تخت مٿي وڇايل. | 
| ۽ آبخورا رکيل. | 
| ۽ وھاڻا قطار ڪري رکيل. | 
| ۽ غاليچا وڇايل آھن. | 
| (ماڻھو) اُٺن ڏانھن نه ڏسندا آھن ڇا؟ ته ڪيئن خلقيا ويا. | 
| ۽ آسمان ڏانھن ته ڪيئن مٿي ڪيو ويو. | 
| ۽ جبلن ڏانھن ته ڪيئن کڙا ڪيا ويا. | 
| ۽ زمين ڏانھن ته ڪيئن وڇائي وئي. | 
| پوءِ (اي پيغمبر) تون، رڳو نصيحت ڪرڻ وارو آھين. | 
| تون مٿن ڪو داروغو نه آھين. | 
| پر جنھن مُنھن موڙيو ۽ ڪُفر ڪيو. | 
| تنھن کي الله وڏي عذاب جي سزا ڏيندو. | 
| بيشڪ اسان ڏانھن سندن موٽڻ آھي. | 
| وري بيشڪ سندن حساب وٺڻ اسان جي ذمي آھي. | 
Plus de sourates en Sindhi :
Téléchargez la sourate avec la voix des récitants du Coran les plus célèbres :
Téléchargez le fichier mp3 de la sourate Al-Ghashiyah : choisissez le récitateur pour écouter et télécharger la sourate Al-Ghashiyah complète en haute qualité.
 Ahmed Al Ajmy
Ahmed Al Ajmy
 Bandar Balila
Bandar Balila
 Khalid Al Jalil
Khalid Al Jalil
 Saad Al Ghamdi
Saad Al Ghamdi
 Saud Al Shuraim
Saud Al Shuraim
 Abdul Basit
Abdul Basit 
 Abdul Rashid Sufi
Abdul Rashid Sufi
 Abdullah Basfar
Abdullah Basfar
 Abdullah Al Juhani
Abdullah Al Juhani
 Fares Abbad
Fares Abbad
 Maher Al Muaiqly
Maher Al Muaiqly
 Al Minshawi
Al Minshawi
 Al Hosary
Al Hosary
 Mishari Al-afasi
Mishari Al-afasi
 Yasser Al Dosari
Yasser Al Dosari
Donnez-nous une invitation valide




