La sourate Al-Fajr en Sindhi
وَالْفَجْرِ(1) پرھ جو قسم آھي. |
۽ ڏھن راتين جو قسم آھي. |
۽ ٻڌيءَ ۽ اِڪئيءَ جو قسم آھي. |
۽ رات جو قسم آھي جڏھن ھلي. |
ھان ڌيان واري لاءِ ھن (قسمن) ۾ بيشڪ پورو قسم آھي. |
نه ڏٺئي ڇا ته (قوم) عاد سان تنھنجي پالڻھار ڪيئن ڪيو. |
(جي) ارم وارا وڏن ٿنڀن (جي عمارتن) وارا ھوا. |
جن جھڙو شھرن ۾ ڪونه بڻايو ويو آھي. |
۽ (قوم) ثمُود سان (ڪيئن ڪيائين) جن ميدان (قرٰا) ۾ پھڻن جون ڇپون گھڙيون ھيون. |
۽ ميخن واري فرعون سان (ڪئن ڪيائين). |
انھن (مڙني ٽولين) جن شھرن ۾ سرڪشي ڪئي. |
پوءِ منجھن گھڻو فساد ڪيائون. |
تنھنڪري تنھنجي پالڻھار مٿن عذاب جو چھبڪ وھايو. |
بيشڪ تنھنجو پالڻھار گھَٽَ (واري ھنڌ) ۾ (عملن کي ڏسندڙ) آھي. |
پوءِ ماڻھو کي جڏھن سندس پالڻھار (ھن طرح) پرکيندو آھي جو اُن کي مانوارو ڪندو آھي ۽ نعمت ڏيندو اٿس، ته چوندو آھي ته منھنجي پالڻھار مون کي نوازيو. |
وَأَمَّا إِذَا مَا ابْتَلَاهُ فَقَدَرَ عَلَيْهِ رِزْقَهُ فَيَقُولُ رَبِّي أَهَانَنِ(16) ۽ جڏھن کيس (ٻئي طرح ھيئن) پرکيندو آھي جو مٿس روزي تنگ ڪندو آھي ته چوندو آھي ته منھنجي پالڻھار مون کي بي مانو ڪيو. |
(ھرگز) ائين نه آھي بلڪ ڇوري ٻار کي تعظيم نه ڏيندا آھيو. |
۽ نڪي مسڪينن جي کارائڻ تي ھڪ ٻئي کي رغبت ڏياريندا آھيو. |
۽ مُئن جو مال سموروئي ڳھي ويندا آھيو. |
۽ گھڻي پيار سان مال کي پيارو رکندا آھيو. |
ائين نه ڪجي جڏھن زمين (جي اونچاڻ) ڪٽي ڪٽي سنئين ڪئي ويندي. |
۽ تنھنجو پالڻھار ايندو ۽ ملائڪ صِف صِف ٿي (ايندا). |
وَجِيءَ يَوْمَئِذٍ بِجَهَنَّمَ ۚ يَوْمَئِذٍ يَتَذَكَّرُ الْإِنسَانُ وَأَنَّىٰ لَهُ الذِّكْرَىٰ(23) ۽ اُن ڏينھن دوزخ کي آڻبو، اُن ڏينھن ماڻھو نصيحت وٺندو ۽ اُنھيءَ مھل (اھا نصيحت وٺڻ) اُن کي ڪٿي فائدي واري آھي. |
چوندو ته ھاءِ ارمان جيڪر پنھنجي (ھن ھميشه جي) حياتيءَ لاءَ (ڪجھ) اڳي موڪليان ھا. |
پوءِ انھيءَ ڏينھن الله جي عذاب جھڙو ڪوبه ڪونه عذاب ڪندو. |
۽ نڪو ڪو الله جي قيد ڪرڻ جھڙو قيد ڪندو. |
(مؤمنن کي چئبو ته) اي آرام وٺڻ وارا جيءُ. |
تون پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽِ ھل (تون اُن کان) راضي ٿيل آھين (ھو توکان) راضي ٿيل آھي. |
تنھنڪري (تون) منھنجي ٻانھن (جي ٽوليءَ) ۾ داخل ٿيءُ. |
۽ منھنجي بھشت ۾ گِھڙ. |
Plus de sourates en Sindhi :
Téléchargez la sourate avec la voix des récitants du Coran les plus célèbres :
Téléchargez le fichier mp3 de la sourate Al-Fajr : choisissez le récitateur pour écouter et télécharger la sourate Al-Fajr complète en haute qualité.
![surah Al-Fajr Ahmed El Agamy mp3 surah Al-Fajr Ahmed El Agamy](https://i.pinimg.com/564x/b1/9f/03/b19f03a9f2f09c46afbfd4f03727aee7.jpg)
![surah Al-Fajr Bandar Balila mp3 surah Al-Fajr Bandar Balila](https://i.pinimg.com/564x/3e/27/fa/3e27fa5bbbd4d19ee2f4b4975224913e.jpg)
![surah Al-Fajr Khalid Al Jalil mp3 surah Al-Fajr Khalid Al Jalil](https://i.pinimg.com/564x/9b/26/36/9b2636f5bbf7ef72abdb817018e96a4d.jpg)
![surah Al-Fajr Saad Al Ghamdi mp3 surah Al-Fajr Saad Al Ghamdi](https://i.pinimg.com/564x/85/27/cf/8527cf694f379425e43b9a4fe54b6cfb.jpg)
![surah Al-Fajr Saud Al Shuraim mp3 surah Al-Fajr Saud Al Shuraim](https://i.pinimg.com/564x/ad/79/67/ad79679d76062df7166c6e2f52d397d6.jpg)
![surah Al-Fajr Abdul Basit Abdul Samad mp3 surah Al-Fajr Abdul Basit Abdul Samad](https://i.pinimg.com/564x/52/95/ae/5295ae7c08e4ebdc7eda3ddb5c6c0a19.jpg)
![surah Al-Fajr Abdul Rashid Sufi mp3 surah Al-Fajr Abdul Rashid Sufi](https://i.pinimg.com/564x/80/56/ee/8056ee030160e5c7216811b7b209343c.jpg)
![surah Al-Fajr Abdullah Basfar mp3 surah Al-Fajr Abdullah Basfar](https://i.pinimg.com/236x/f5/7b/a1/f57ba14ba4844cee88cdf7cfb2b06510.jpg)
![surah Al-Fajr Abdullah Awwad Al Juhani mp3 surah Al-Fajr Abdullah Awwad Al Juhani](https://i.pinimg.com/564x/aa/4d/0b/aa4d0b16c5fbc41efcd692947a4d75ad.jpg)
![surah Al-Fajr Fares Abbad mp3 surah Al-Fajr Fares Abbad](https://s-media-cache-ak0.pinimg.com/564x/2b/28/ae/2b28aef3f9678b7cd89315d5ffceba2f.jpg)
![surah Al-Fajr Maher Al Muaiqly mp3 surah Al-Fajr Maher Al Muaiqly](https://s-media-cache-ak0.pinimg.com/564x/ab/cc/99/abcc9949d0419ef1f0963a54aef06397.jpg)
![surah Al-Fajr Al Minshawi mp3 surah Al-Fajr Muhammad Siddiq Al Minshawi](https://i.pinimg.com/564x/21/76/8d/21768d297bd3460f7339b7b755f53d03.jpg)
![surah Al-Fajr Mahmoud Khalil Al Hosary mp3 surah Al-Fajr Al Hosary](https://i.pinimg.com/564x/3f/da/7e/3fda7ed5056347e700cac64d07e164c3.jpg)
![surah Al-Fajr Mishari Al-afasi mp3 surah Al-Fajr Al-afasi](https://i.pinimg.com/564x/0a/40/9e/0a409ef09a55700877c20d7195fe9126.jpg)
![surah Al-Fajr Yasser Al Dosari mp3 surah Al-Fajr Yasser Al Dosari](https://s-media-cache-ak0.pinimg.com/564x/32/3e/17/323e173f4833680898f51240bedd4973.jpg)
Donnez-nous une invitation valide