La sourate Ash-Shams en Sindhi
| سج ۽ اُن جي سوجھري جو قسم آھي. |
| ۽ چنڊ جوقسم آھي جڏھن ان جي پوئتان اچي. |
| ۽ ڏينھن جو (قسم آھي) جڏھن سج کي روشن ڪري. |
| ۽ رات جو (قسم آھي) جڏھن سج کي ڍڪي. |
| ۽ آسمان جو ۽ اُن جو (قسم آھي) جنھن اُن کي بڻايو. |
| ۽ زمين جو ۽ اُنجو (قسم آھي) جنھن اُن کي پکيڙيو. |
| ۽ (ماڻھوءَ جي) جيءُ جو ۽ اُنجو (قسم آھي) جنھن اُن کي جوڙي برابر ڪيو. |
| پوءِ سندس بدڪاري ۽ سندس پرھيزگاريءَ (جي سڃاڻ) اندر ۾ وڌائينس. |
| جنھن اُن (نفس) کي (بدڪاريءَ کان) پاڪ ڪيو سو بيشڪ ڇٽو. |
| ۽ جنھن اُن کي (گناھن ۾) پوري ڇڏيو سو بيشڪ ٽوٽي وارو ٿيو. |
| (قوم) ثمود پنھنجي سرڪشيءَ سببان (پيغمبر کي) ڪوڙو ڀانيو. |
| جڏھن منجھانئن بلڪل نڀاڳو اُٿيو. |
فَقَالَ لَهُمْ رَسُولُ اللَّهِ نَاقَةَ اللَّهِ وَسُقْيَاهَا(13) پوءِ الله جي پيغمبر کين چيو ته الله جي ڏاچي ۽ اُن جي پاڻي پيڻ کي آڏو نه ٿيو. |
فَكَذَّبُوهُ فَعَقَرُوهَا فَدَمْدَمَ عَلَيْهِمْ رَبُّهُم بِذَنبِهِمْ فَسَوَّاهَا(14) پوءِ پيغمبر کي ڪوڙو ڀانيائون پوءِ ڏاچيءَ جو کُچون ڪپيائون، پوءِ سندن گناھن سببان سندن پالڻھار مٿن عذاب پلٽيو پوءِ اُن (سزا) کي (سڀني) تي ھڪ جھڙو ڪري ڇڏيائين. |
| ۽ (الله) اُن (سزا) جي پڇاڙيءَ کان نه ٿو ڊڄي. |
Plus de sourates en Sindhi :
Téléchargez la sourate avec la voix des récitants du Coran les plus célèbres :
Téléchargez le fichier mp3 de la sourate Ash-Shams : choisissez le récitateur pour écouter et télécharger la sourate Ash-Shams complète en haute qualité.
Ahmed Al Ajmy
Bandar Balila
Khalid Al Jalil
Saad Al Ghamdi
Saud Al Shuraim
Abdul Basit
Abdul Rashid Sufi
Abdullah Basfar
Abdullah Al Juhani
Fares Abbad
Maher Al Muaiqly
Al Minshawi
Al Hosary
Mishari Al-afasi
Yasser Al Dosari
Donnez-nous une invitation valide




