Перевод суры Аль-Аля на синдхи язык
| (اي پيغمبر) اُنھي پنھنجي تمام مٿاھين پالڻھار جي نالي جي پاڪائي بيان ڪر. | 
| جنھن (ساري مخلوق کي) خلقيو پوءِ سنئين لڱين ڪيائين. | 
| ۽ جنھن اندازو ڪيو پوءِ رستو ڏيکاريائين. | 
| ۽ جنھن تازو گاھ ڄمايو. | 
| پوءِ اُن کي سُڪو سڙيو ڪيائين. | 
| اسين توکي (قرآن) پاڙھينداسون پوءِ نه وساريندين. | 
| إِلَّا مَا شَاءَ اللَّهُ ۚ إِنَّهُ يَعْلَمُ الْجَهْرَ وَمَا يَخْفَىٰ(7)مگر جيڪي الله گھريو آھي، بيشڪ اُھو ظاھر کي ڄاڻندو آھي ۽ جيڪي ڳُجھو آھي تنھن کي (به). | 
| ۽ آسان رستو توکي سنھنجو ڪري ڏينداسين. | 
| پوءِ جيڪڏھن نصيحت ڏئڻ فائدو ڪري ته نصيحت ڪر. | 
| جيڪو ڊڄندو سو سُتت سمجھ وٺندو. | 
| ۽ اُن (نصيحت وٺڻ) کان (اُھو) تمام نڀاڳو پاسو ڪندو. | 
| جو وڏيءَ باھ ۾ پوندو. | 
| وري نڪي اُتي مرندو ۽ نڪي جيئرو رھندو. | 
| بيشڪ اُھو ڇٽو جيڪو سڌريو. | 
| ۽ پڻ پنھنجي پالڻھار جو نالو ياد ڪري نماز پڙھندو رھيو. | 
| بلڪ دُنيا جي حياتيءَ کي (آخرت کان) پسند ڪندا آھيو. | 
| ۽ (حقيقت ڪري) آخرت ڀَلي آھي ۽ ھميشه رھڻ واري آھي. | 
| بيشڪ ھيءَ (بيان) پھرين صحيفن ۾ (به لکيل) آھي. | 
| جي صحيفا ابراھيم ۽ مُوسىٰ جا آھن. | 
Больше сур в синдхи:
Скачать суру Al-Ala с голосом самых известных рекитаторов Корана:
Сура Al-Ala mp3: выберите рекитатора, чтобы прослушать и скачать главу Al-Ala полностью в высоком качестве
 Ahmed Al Ajmy
Ahmed Al Ajmy
 Bandar Balila
Bandar Balila
 Khalid Al Jalil
Khalid Al Jalil
 Saad Al Ghamdi
Saad Al Ghamdi
 Saud Al Shuraim
Saud Al Shuraim
 Abdul Basit
Abdul Basit 
 Abdul Rashid Sufi
Abdul Rashid Sufi
 Abdullah Basfar
Abdullah Basfar
 Abdullah Al Juhani
Abdullah Al Juhani
 Fares Abbad
Fares Abbad
 Maher Al Muaiqly
Maher Al Muaiqly
 Al Minshawi
Al Minshawi
 Al Hosary
Al Hosary
 Mishari Al-afasi
Mishari Al-afasi
 Yasser Al Dosari
Yasser Al Dosari
Помолитесь за нас хорошей молитвой


