📖 0/604 پڙهيل صفحا
📄 102
۞ لَّا يُحِبُّ ٱللَّهُ ٱلۡجَهۡرَ بِٱلسُّوٓءِ مِنَ ٱلۡقَوۡلِ إِلَّا مَن ظُلِمَۚ وَكَانَ ٱللَّهُ سَمِيعًا عَلِيمًا  ۝١٤٨ إِن تُبۡدُواْ خَيۡرًا أَوۡ تُخۡفُوهُ أَوۡ تَعۡفُواْ عَن سُوٓءٍ فَإِنَّ ٱللَّهَ كَانَ عَفُوًّا قَدِيرًا  ۝١٤٩ إِنَّ ٱلَّذِينَ يَكۡفُرُونَ بِٱللَّهِ وَرُسُلِهِۦ وَيُرِيدُونَ أَن يُفَرِّقُواْ بَيۡنَ ٱللَّهِ وَرُسُلِهِۦ وَيَقُولُونَ نُؤۡمِنُ بِبَعۡضٍ وَنَكۡفُرُ بِبَعۡضٍ وَيُرِيدُونَ أَن يَتَّخِذُواْ بَيۡنَ ذَٰلِكَ سَبِيلًا  ۝١٥٠ أُوْلَٰٓئِكَ هُمُ ٱلۡكَٰفِرُونَ حَقًّاۚ وَأَعۡتَدۡنَا لِلۡكَٰفِرِينَ عَذَابًا مُّهِينًا  ۝١٥١ وَٱلَّذِينَ ءَامَنُواْ بِٱللَّهِ وَرُسُلِهِۦ وَلَمۡ يُفَرِّقُواْ بَيۡنَ أَحَدٍ مِّنۡهُمۡ أُوْلَٰٓئِكَ سَوۡفَ يُؤۡتِيهِمۡ أُجُورَهُمۡۚ وَكَانَ ٱللَّهُ غَفُورًا رَّحِيمًا  ۝١٥٢ يَسۡـَٔلُكَ أَهۡلُ ٱلۡكِتَٰبِ أَن تُنَزِّلَ عَلَيۡهِمۡ كِتَٰبًا مِّنَ ٱلسَّمَآءِۚ فَقَدۡ سَأَلُواْ مُوسَىٰٓ أَكۡبَرَ مِن ذَٰلِكَ فَقَالُوٓاْ أَرِنَا ٱللَّهَ جَهۡرَةً فَأَخَذَتۡهُمُ ٱلصَّٰعِقَةُ بِظُلۡمِهِمۡۚ ثُمَّ ٱتَّخَذُواْ ٱلۡعِجۡلَ مِنۢ بَعۡدِ مَا جَآءَتۡهُمُ ٱلۡبَيِّنَٰتُ فَعَفَوۡنَا عَن ذَٰلِكَۚ وَءَاتَيۡنَا مُوسَىٰ سُلۡطَٰنًا مُّبِينًا  ۝١٥٣ وَرَفَعۡنَا فَوۡقَهُمُ ٱلطُّورَ بِمِيثَٰقِهِمۡ وَقُلۡنَا لَهُمُ ٱدۡخُلُواْ ٱلۡبَابَ سُجَّدًا وَقُلۡنَا لَهُمۡ لَا تَعۡدُواْ فِي ٱلسَّبۡتِ وَأَخَذۡنَا مِنۡهُم مِّيثَٰقًا غَلِيظًا  ۝١٥٤
4:148
۞ لَّا يُحِبُّ ٱللَّهُ ٱلۡجَهۡرَ بِٱلسُّوٓءِ مِنَ ٱلۡقَوۡلِ إِلَّا مَن ظُلِمَۚ وَكَانَ ٱللَّهُ سَمِيعًا عَلِيمًا  ۝١٤٨
الله مظلوم کانسواءِ ٻئي ڪنھن جو (ڪنھين کي) وڏي سڏ (۽ کليل طرح) بڇڙو ڳالھائڻ پسند نه ڪندو آھي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.
4:149
إِن تُبۡدُواْ خَيۡرًا أَوۡ تُخۡفُوهُ أَوۡ تَعۡفُواْ عَن سُوٓءٍ فَإِنَّ ٱللَّهَ كَانَ عَفُوًّا قَدِيرًا  ۝١٤٩
جيڪڏھن اوھين ڪا چڱائي پڌري طرح ڪندا آھيو يا اُھا لڪائي ڪندا آھيو يا مدائي کان ٽارو ڪندا آھيو ته بيشڪ الله معافي ڏيندڙ وس وارو آھي.
4:150
إِنَّ ٱلَّذِينَ يَكۡفُرُونَ بِٱللَّهِ وَرُسُلِهِۦ وَيُرِيدُونَ أَن يُفَرِّقُواْ بَيۡنَ ٱللَّهِ وَرُسُلِهِۦ وَيَقُولُونَ نُؤۡمِنُ بِبَعۡضٍ وَنَكۡفُرُ بِبَعۡضٍ وَيُرِيدُونَ أَن يَتَّخِذُواْ بَيۡنَ ذَٰلِكَ سَبِيلًا  ۝١٥٠
بيشڪ جيڪي الله ۽ سندس پيغمبرن کي نه مڃيندا آھن ۽ الله ۽ سندس پيغمبرن جي وچ ۾ فرق ڪرڻ گھرندا آھن ۽ چوندا آھن ته ڪن پيغمبرن کي مڃيون ٿا ۽ ڪن (پيغمبرن) کي نه ٿا مڃيون ۽ اُنھيءَ وچ ۾ ڪا ٻي واٽ وٺڻ گھرندا آھن.
4:151
أُوْلَٰٓئِكَ هُمُ ٱلۡكَٰفِرُونَ حَقًّاۚ وَأَعۡتَدۡنَا لِلۡكَٰفِرِينَ عَذَابًا مُّهِينًا  ۝١٥١
اُھي شخص سي پڪ ڪافر آھن، ۽ ڪافرن لاءِ خواري ڏيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿئون.
4:152
وَٱلَّذِينَ ءَامَنُواْ بِٱللَّهِ وَرُسُلِهِۦ وَلَمۡ يُفَرِّقُواْ بَيۡنَ أَحَدٍ مِّنۡهُمۡ أُوْلَٰٓئِكَ سَوۡفَ يُؤۡتِيهِمۡ أُجُورَهُمۡۚ وَكَانَ ٱللَّهُ غَفُورًا رَّحِيمًا  ۝١٥٢
۽ جن الله ۽ سندس پيغمبرن کي مڃيو ۽ منجھانئن ڪنھن ھڪ جي وچ ۾ فرق نه ڪيو اُنھن کي الله سندن اجر سگھو ڏيندو، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.
4:153
يَسۡـَٔلُكَ أَهۡلُ ٱلۡكِتَٰبِ أَن تُنَزِّلَ عَلَيۡهِمۡ كِتَٰبًا مِّنَ ٱلسَّمَآءِۚ فَقَدۡ سَأَلُواْ مُوسَىٰٓ أَكۡبَرَ مِن ذَٰلِكَ فَقَالُوٓاْ أَرِنَا ٱللَّهَ جَهۡرَةً فَأَخَذَتۡهُمُ ٱلصَّٰعِقَةُ بِظُلۡمِهِمۡۚ ثُمَّ ٱتَّخَذُواْ ٱلۡعِجۡلَ مِنۢ بَعۡدِ مَا جَآءَتۡهُمُ ٱلۡبَيِّنَٰتُ فَعَفَوۡنَا عَن ذَٰلِكَۚ وَءَاتَيۡنَا مُوسَىٰ سُلۡطَٰنًا مُّبِينًا  ۝١٥٣
(اي پيغمبر) ڪتاب وارا توکي سوال ٿا ڪن ته آسمان کان (ھڪ ئي ڀيري) مٿن ڪتاب لاھين (ان جو خيال نه ڪر) پوءِ تحقيق ان کان (به) وڏو سوال موسىٰ کان ڪيو ھوائون پوءِ چيائون ته اسان کي الله (اکين سان) چٽو ڏيکار پوءِ سندن گناہ سببان مٿن وڄ ڪري، وري پاڻ وٽ مُعجزن جي اچڻ کانپوءِ گابي کي (خُدا ڪري) ورتائون پوءِ اُن (سندن ڏوھ) کان معافي ڏنيسون، ۽ موسىٰ کي پڌرو غلبو ڏنوسون.
4:154
وَرَفَعۡنَا فَوۡقَهُمُ ٱلطُّورَ بِمِيثَٰقِهِمۡ وَقُلۡنَا لَهُمُ ٱدۡخُلُواْ ٱلۡبَابَ سُجَّدًا وَقُلۡنَا لَهُمۡ لَا تَعۡدُواْ فِي ٱلسَّبۡتِ وَأَخَذۡنَا مِنۡهُم مِّيثَٰقًا غَلِيظًا  ۝١٥٤
۽ کانئن انجام وٺڻ لاءِ سندن مٿان (جبل) طُور کڙو ڪيوسون ۽ کين چيوسون ته (شھر جي) دروازي کان سجدو ڪندڙ ٿي گھڙو ۽ کين (ھيءُ به) فرمايوسون ته ڇنڇر (جي ڏينھن مڇي نه مارڻ جي حڪم ڪيل) ۾ حد کان نه لنگھو ۽ کانئن پڪو انجام ورتوسون.


📚Juz 6 📄102 / 604



Mishary Rashid Alafasy
Mahmoud Khalil Al-Husary
Abdurrahman As-Sudais
Mohamed Siddiq Al-Minshawi
Abdul Basit Abdul Samad
Ali Al-Hudhaify
Ahmed ibn Ali al-Ajamy
Abu Bakr Ash-Shaatree
Muhammad Ayyoub
Abdullah Basfar
Abdullah Al-Juhani
Maher Al Muaiqly
0:00
0:00
-

قرآن ڪريم


Saturday, August 22, 2026

Don't forget us in your sincere prayers