📖 0/604 پڙهيل صفحا
📄 31
ٱلۡحَجُّ أَشۡهُرٌ مَّعۡلُومَٰتٌۚ فَمَن فَرَضَ فِيهِنَّ ٱلۡحَجَّ فَلَا رَفَثَ وَلَا فُسُوقَ وَلَا جِدَالَ فِي ٱلۡحَجِّۗ وَمَا تَفۡعَلُواْ مِنۡ خَيۡرٍ يَعۡلَمۡهُ ٱللَّهُۗ وَتَزَوَّدُواْ فَإِنَّ خَيۡرَ ٱلزَّادِ ٱلتَّقۡوَىٰۖ وَٱتَّقُونِ يَٰٓأُوْلِي ٱلۡأَلۡبَٰبِ  ۝١٩٧ لَيۡسَ عَلَيۡكُمۡ جُنَاحٌ أَن تَبۡتَغُواْ فَضۡلًا مِّن رَّبِّكُمۡۚ فَإِذَآ أَفَضۡتُم مِّنۡ عَرَفَٰتٍ فَٱذۡكُرُواْ ٱللَّهَ عِندَ ٱلۡمَشۡعَرِ ٱلۡحَرَامِۖ وَٱذۡكُرُوهُ كَمَا هَدَىٰكُمۡ وَإِن كُنتُم مِّن قَبۡلِهِۦ لَمِنَ ٱلضَّآلِّينَ  ۝١٩٨ ثُمَّ أَفِيضُواْ مِنۡ حَيۡثُ أَفَاضَ ٱلنَّاسُ وَٱسۡتَغۡفِرُواْ ٱللَّهَۚ إِنَّ ٱللَّهَ غَفُورٌ رَّحِيمٌ  ۝١٩٩ فَإِذَا قَضَيۡتُم مَّنَٰسِكَكُمۡ فَٱذۡكُرُواْ ٱللَّهَ كَذِكۡرِكُمۡ ءَابَآءَكُمۡ أَوۡ أَشَدَّ ذِكۡرًاۗ فَمِنَ ٱلنَّاسِ مَن يَقُولُ رَبَّنَآ ءَاتِنَا فِي ٱلدُّنۡيَا وَمَا لَهُۥ فِي ٱلۡأٓخِرَةِ مِنۡ خَلَٰقٍ  ۝٢٠٠ وَمِنۡهُم مَّن يَقُولُ رَبَّنَآ ءَاتِنَا فِي ٱلدُّنۡيَا حَسَنَةً وَفِي ٱلۡأٓخِرَةِ حَسَنَةً وَقِنَا عَذَابَ ٱلنَّارِ  ۝٢٠١ أُوْلَٰٓئِكَ لَهُمۡ نَصِيبٌ مِّمَّا كَسَبُواْۚ وَٱللَّهُ سَرِيعُ ٱلۡحِسَابِ  ۝٢٠٢
2:197
ٱلۡحَجُّ أَشۡهُرٌ مَّعۡلُومَٰتٌۚ فَمَن فَرَضَ فِيهِنَّ ٱلۡحَجَّ فَلَا رَفَثَ وَلَا فُسُوقَ وَلَا جِدَالَ فِي ٱلۡحَجِّۗ وَمَا تَفۡعَلُواْ مِنۡ خَيۡرٍ يَعۡلَمۡهُ ٱللَّهُۗ وَتَزَوَّدُواْ فَإِنَّ خَيۡرَ ٱلزَّادِ ٱلتَّقۡوَىٰۖ وَٱتَّقُونِ يَٰٓأُوْلِي ٱلۡأَلۡبَٰبِ  ۝١٩٧
حج (جو وقت) معلوم مھينا آھن، پوءِ جنھن منجھن (احرام ٻڌڻ سان پاڻتي) حج فرض ڪيو ته حج ۾ نه جماع جائز آھي ۽ نه گار ۽ نه جھيڙو، ۽ جيڪا چڱائي ڪريو ٿا تنھن کي الله ڄاڻندڙ آھي، ۽ سَمر کڻو ڇو ته ڀلو سَمر پرھيزگاري آھي، ۽ ڌيان وارؤ مون کان ڊڄو.
2:198
لَيۡسَ عَلَيۡكُمۡ جُنَاحٌ أَن تَبۡتَغُواْ فَضۡلًا مِّن رَّبِّكُمۡۚ فَإِذَآ أَفَضۡتُم مِّنۡ عَرَفَٰتٍ فَٱذۡكُرُواْ ٱللَّهَ عِندَ ٱلۡمَشۡعَرِ ٱلۡحَرَامِۖ وَٱذۡكُرُوهُ كَمَا هَدَىٰكُمۡ وَإِن كُنتُم مِّن قَبۡلِهِۦ لَمِنَ ٱلضَّآلِّينَ  ۝١٩٨
(حج ۾) پنھنجي پالڻھار کان روزيءَ گھرڻ ۾ اوھان تي ڪو گناھ ڪونھي، پوءِ جڏھن عَرفات کان موٽو تڏھن مَشۡعَرالۡحَرام (يعني مزدلفہ) وٽ الله کي ياد ڪريو، ۽ جئن اوھان کي سڌو رستو ڏيکاريائين تئن اوھين (به) کيس ياد ڪريو، ۽ بيشڪ اُن کان اڳ (اوھين) اڻڄاڻن مان ھيؤ.
2:199
ثُمَّ أَفِيضُواْ مِنۡ حَيۡثُ أَفَاضَ ٱلنَّاسُ وَٱسۡتَغۡفِرُواْ ٱللَّهَۚ إِنَّ ٱللَّهَ غَفُورٌ رَّحِيمٌ  ۝١٩٩
پوءِ (اوھين) اُتان (عرفات کان) موٽو جتان عام ماڻھو موٽن ٿا ۽ الله کان بخشش گھرو، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.
2:200
فَإِذَا قَضَيۡتُم مَّنَٰسِكَكُمۡ فَٱذۡكُرُواْ ٱللَّهَ كَذِكۡرِكُمۡ ءَابَآءَكُمۡ أَوۡ أَشَدَّ ذِكۡرًاۗ فَمِنَ ٱلنَّاسِ مَن يَقُولُ رَبَّنَآ ءَاتِنَا فِي ٱلدُّنۡيَا وَمَا لَهُۥ فِي ٱلۡأٓخِرَةِ مِنۡ خَلَٰقٍ  ۝٢٠٠
پوءِ جڏھن پنھنجي حج جا اَرڪان پُورا ڪريو تڏھن (مِنىٰ ۾) اوھين پنھنجن اَبن ڏاڏن جي ياد ڪرڻ وانگر بلڪ (اُن کان وڌيڪ) گھڻي قدر الله کي ياد ڪريو. پوءِ ماڻھن مان ڪي (اھڙا) آھن جي چوندا آھن ته اسان جا پالڻھار اسان کي دنيا ۾ (ئي چڱائي) ڏي تن کي آخرت ۾ (ڪا) چڱائي نصيب نه آھي.
2:201
وَمِنۡهُم مَّن يَقُولُ رَبَّنَآ ءَاتِنَا فِي ٱلدُّنۡيَا حَسَنَةً وَفِي ٱلۡأٓخِرَةِ حَسَنَةً وَقِنَا عَذَابَ ٱلنَّارِ  ۝٢٠١
۽ منجھائن ڪي (اھڙا) آھن جي چوندا آھن ته اي اسان جا پالڻھار اسان کي دنيا ۾ (به) چڱائي ۽ آخرت ۾ (به) چڱائي ڏي ۽ اسان کي باھ جي عذاب کان بچاءِ.
2:202
أُوْلَٰٓئِكَ لَهُمۡ نَصِيبٌ مِّمَّا كَسَبُواْۚ وَٱللَّهُ سَرِيعُ ٱلۡحِسَابِ  ۝٢٠٢
اُھي ماڻھو جيڪي ڪمايائون تنھن مان کين نصيب آھي، ۽ الله سگھو حساب ڪندڙ آھي.


📚 2 📄31 / 604



M Mishary Rashid Alafasy
M Mahmoud Khalil Al-Husary
A Abdurrahman As-Sudais
M Mohamed Siddiq Al-Minshawi
A Abdul Basit Abdul Samad
A Ali Al-Hudhaify
A Ahmed ibn Ali al-Ajamy
A Abu Bakr Ash-Shaatree
M Muhammad Ayyoub
A Abdullah Basfar
A Abdullah Al-Juhani
M Maher Al Muaiqly
0:00
0:00
-

قرآن ڪريم


Thursday, October 1, 2026

Don't forget us in your sincere prayers