سورو فصلت عربي ۽ سنڌي

سورو فصلت مڪمل سنڌي ترجمي سان پڙهو. عربي متن، سنڌي ترجمو ۽ آواز تلاوت. (54 آيت — مكية). فصلت ٻڌو, فصلت ترجمو, فصلت mp3, فصلت pdf.

سورو فصلت پڙهو ۽ ٻڌو

🎧 آيت
M Mishary Rashid Alafasy
M Mahmoud Khalil Al-Husary
A Abdurrahman As-Sudais
M Mohamed Siddiq Al-Minshawi
A Abdul Basit Abdul Samad
A Ali Al-Hudhaify
A Ahmed ibn Ali al-Ajamy
A Abu Bakr Ash-Shaatree
M Muhammad Ayyoub
A Abdullah Basfar
A Abdullah Al-Juhani
M Maher Al Muaiqly
x1
حم ۝١
📖 ترجمو آيت 1
حٰمٓ.
تَنزِيلٌ مِّنَ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ ۝٢
📖 ترجمو آيت 2
(ھن ڪتاب جو الله) ٻاجھاري مھربان وٽان نازل ٿيڻ آھي.
كِتَابٌ فُصِّلَتْ آيَاتُهُ قُرْآنًا عَرَبِيًّا لِّقَوْمٍ يَعْلَمُونَ ۝٣
📖 ترجمو آيت 3
(ھيءُ اھڙو) ڪتاب جو سندس آيتون کولي کولي بيان ڪيون ويون آھن قُرآن عربيءَ ۾ سمجھ وارن ماڻھن لاءِ آھي.
بَشِيرًا وَنَذِيرًا فَأَعْرَضَ أَكْثَرُهُمْ فَهُمْ لَا يَسْمَعُونَ ۝٤
📖 ترجمو آيت 4
جو خوشخبري ڏيندڙ ڊيڄاريندڙ آھي، پوءِ گھڻن (ماڻھن) مُنھن موڙيو تنھنڪري اُھي (اُن کي) ٻڌندائي نه آھن.
وَقَالُوا قُلُوبُنَا فِي أَكِنَّةٍ مِّمَّا تَدْعُونَا إِلَيْهِ وَفِي آذَانِنَا وَقْرٌ وَمِن بَيْنِنَا وَبَيْنِكَ حِجَابٌ فَاعْمَلْ إِنَّنَا عَامِلُونَ ۝٥
📖 ترجمو آيت 5
۽ چوندا آھن ته جنھن ڏانھن اسان کي سڏيندو آھين تنھن کان اسان جون دليون پردي ۾ آھن ۽ اسان جي ڪَنن ۾ گھٻرائي آھي ۽ اسان جي ۽ اوھان جي وچ ۾ اوٽ آھي تنھنڪري (تون پنھنجيءَ طرح) ڪم ڪر بيشڪ اسين (پنھنجيءَ طرح) ڪم ڪرڻ وارا آھيون.
قُلْ إِنَّمَا أَنَا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ يُوحَىٰ إِلَيَّ أَنَّمَا إِلَٰهُكُمْ إِلَٰهٌ وَاحِدٌ فَاسْتَقِيمُوا إِلَيْهِ وَاسْتَغْفِرُوهُ ۗ وَوَيْلٌ لِّلْمُشْرِكِينَ ۝٦
📖 ترجمو آيت 6
(اي پيغمبر کين) چؤ ته آءٌ (به) اوھان ئي جھڙو ماڻھو آھيان مگر مون ڏانھن وحي ڪيو ويندو آھي ته اوھان جو معبُود ھڪ خدا آھي تنھنڪري ڏانھس سڌا متوجه ٿيو ۽ کانئس بخشش گھرو، ۽ (اُنھن) مشرڪن لاءِ ويل آھي.
الَّذِينَ لَا يُؤْتُونَ الزَّكَاةَ وَهُم بِالْآخِرَةِ هُمْ كَافِرُونَ ۝٧
📖 ترجمو آيت 7
جيڪي زڪوٰة نه ڏيندا آھن ۽ اُھي آخرت کي (به) نه مڃيندا آھن.
إِنَّ الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ لَهُمْ أَجْرٌ غَيْرُ مَمْنُونٍ ۝٨
📖 ترجمو آيت 8
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اَڻ کُٽ اَجر آھي.
۞ قُلْ أَئِنَّكُمْ لَتَكْفُرُونَ بِالَّذِي خَلَقَ الْأَرْضَ فِي يَوْمَيْنِ وَتَجْعَلُونَ لَهُ أَندَادًا ۚ ذَٰلِكَ رَبُّ الْعَالَمِينَ ۝٩
📖 ترجمو آيت 9
(اي پيغمبر کين) چؤ ته اوھين اُن (الله) جو انڪار ڪندا آھيو ڇا جنھن زمين کي ٻن ڏينھن ۾ بڻايو؟ ۽ اُن لاءِ (ٻـين کي) شريڪ بڻائيندا آھيو، اِھو الله جھانن جو پالڻھار آھي.
وَجَعَلَ فِيهَا رَوَاسِيَ مِن فَوْقِهَا وَبَارَكَ فِيهَا وَقَدَّرَ فِيهَا أَقْوَاتَهَا فِي أَرْبَعَةِ أَيَّامٍ سَوَاءً لِّلسَّائِلِينَ ۝١٠
📖 ترجمو آيت 10
۽ اُن (زمين) ۾ مٿانئس ڳرا جبل بڻايائين ۽ منجھس برڪت رکيائين ۽ چئن ڏينھن ۾ منجھس اُن (جي رھاڪن) جا قُوۡت مُقرّر ڪيائين، پڇندڙن لاءِ برابر (کولي بيان ڪيو ويو) آھي.
ثُمَّ اسْتَوَىٰ إِلَى السَّمَاءِ وَهِيَ دُخَانٌ فَقَالَ لَهَا وَلِلْأَرْضِ ائْتِيَا طَوْعًا أَوْ كَرْهًا قَالَتَا أَتَيْنَا طَائِعِينَ ۝١١
📖 ترجمو آيت 11
وري آسمان ڏانھن مُھڙ ڪيائين ۽ اُھو (اُن وقت) دُونھون ھو پوءِ اُن کي ۽ زمين کي چيائين ته سرھائيءَ سان خواھ اَرھائيءَ سان اچو، (ٻنھي) چيو ته خُوشيءَ سان آياسون.
فَقَضَاهُنَّ سَبْعَ سَمَاوَاتٍ فِي يَوْمَيْنِ وَأَوْحَىٰ فِي كُلِّ سَمَاءٍ أَمْرَهَا ۚ وَزَيَّنَّا السَّمَاءَ الدُّنْيَا بِمَصَابِيحَ وَحِفْظًا ۚ ذَٰلِكَ تَقْدِيرُ الْعَزِيزِ الْعَلِيمِ ۝١٢
📖 ترجمو آيت 12
پوءِ (ٻـين) ٻن ڏينھن ۾ اُنھن کي سَت آسمان بڻايائين ۽ سڀڪنھن آسمان ۾ اُن (جي ڪم) جو حُڪم موڪليائين، ۽ دنيا جي آسمان کي (تارن جي) ڏينئن سينگاريوسون، ۽ (شيطانن کان اُنھيءَ جي) حفاظت ڪئي سون، اِھا (الله) غالب ڄاڻندڙ جي رِٿ آھي.
فَإِنْ أَعْرَضُوا فَقُلْ أَنذَرْتُكُمْ صَاعِقَةً مِّثْلَ صَاعِقَةِ عَادٍ وَثَمُودَ ۝١٣
📖 ترجمو آيت 13
پوءِ جيڪڏھن (اُھي) مُنھن موڙين ته چؤ ته اوھان کي اھڙي عذاب کان ڊيڄاريم جھڙو عاد ۽ ثَمُود جو عذاب (ھو).
إِذْ جَاءَتْهُمُ الرُّسُلُ مِن بَيْنِ أَيْدِيهِمْ وَمِنْ خَلْفِهِمْ أَلَّا تَعْبُدُوا إِلَّا اللَّهَ ۖ قَالُوا لَوْ شَاءَ رَبُّنَا لَأَنزَلَ مَلَائِكَةً فَإِنَّا بِمَا أُرْسِلْتُم بِهِ كَافِرُونَ ۝١٤
📖 ترجمو آيت 14
جڏھن پيغمبر سندن اڳيان ۽ سندن پويان انھن وٽ آيا (پيغمبرن چيو) ته الله کانسواءِ (ٻئي) ڪنھن جي عبادت نه ڪريو، چيائون ته جيڪڏھن اسان جو پالڻھار گھري ھا ته ضرور ملائڪن کي موڪلي ھا تنھنڪري (اوھين) جنھن سان موڪليا ويا آھيو تنھنکي اسين مڃڻ وارا نه آھيون.
فَأَمَّا عَادٌ فَاسْتَكْبَرُوا فِي الْأَرْضِ بِغَيْرِ الْحَقِّ وَقَالُوا مَنْ أَشَدُّ مِنَّا قُوَّةً ۖ أَوَلَمْ يَرَوْا أَنَّ اللَّهَ الَّذِي خَلَقَهُمْ هُوَ أَشَدُّ مِنْهُمْ قُوَّةً ۖ وَكَانُوا بِآيَاتِنَا يَجْحَدُونَ ۝١٥
📖 ترجمو آيت 15
پوءِ عاد (وارن) زمين ۾ ناحق وڏائي ڪئي ۽ چيائون ته سگھ ۾ اسان کان وڌيڪ ڏاڍو ڪير آھي؟ نه ڏٺو اٿن ڇا ته اھو الله جنھن کين پيدا ڪيو سا کائن سگھ ۾ وڌيڪ ڏاڍو آھي، ۽ (اُھي) اسان جي نشانين جو انڪار ڪندا رھيا.
فَأَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ رِيحًا صَرْصَرًا فِي أَيَّامٍ نَّحِسَاتٍ لِّنُذِيقَهُمْ عَذَابَ الْخِزْيِ فِي الْحَيَاةِ الدُّنْيَا ۖ وَلَعَذَابُ الْآخِرَةِ أَخْزَىٰ ۖ وَهُمْ لَا يُنصَرُونَ ۝١٦
📖 ترجمو آيت 16
تنھنڪري نحس (يعني مُصيبت جي) ڏينھن ۾ مٿن سخت واءُ موڪليوسون ته کين دُنيا جي حياتيءَ ۾ خواريءَ وارو عذاب چکايون، ۽ بيشڪ آخرت جو عذاب ته وڌيڪ خراب ڪندڙ آھي ۽ اُنھن کي (ڪا) مدد نه ڏبي.
وَأَمَّا ثَمُودُ فَهَدَيْنَاهُمْ فَاسْتَحَبُّوا الْعَمَىٰ عَلَى الْهُدَىٰ فَأَخَذَتْهُمْ صَاعِقَةُ الْعَذَابِ الْهُونِ بِمَا كَانُوا يَكْسِبُونَ ۝١٧
📖 ترجمو آيت 17
۽ ثمود (قوم) سو اُنھن کي پڌرو رستو ڏيکاريوسون پوءِ ھدايت کان انڌائي کي پسند ڪيائون پوءِ خوار ڪندڙ عذاب جي ڪڙڪي کين پڪڙيو انھي ڪري جو (بڇڙا ڪم) ڪمائيندا ھوا.
وَنَجَّيْنَا الَّذِينَ آمَنُوا وَكَانُوا يَتَّقُونَ ۝١٨
📖 ترجمو آيت 18
۽ جن ايمان آندو ھو ۽ پرھيزگاري ڪندا ھوا تن کي بچايوسون.
وَيَوْمَ يُحْشَرُ أَعْدَاءُ اللَّهِ إِلَى النَّارِ فَهُمْ يُوزَعُونَ ۝١٩
📖 ترجمو آيت 19
۽ جنھن ڏينھن الله جا ويري باھ ڏانھن گڏ ڪيا ويندا پوءِ (تنھن ڏينھن) اُھي (ھڪ ٻئي جي اچڻ تائين) ترسايا ويندا.
حَتَّىٰ إِذَا مَا جَاءُوهَا شَهِدَ عَلَيْهِمْ سَمْعُهُمْ وَأَبْصَارُهُمْ وَجُلُودُهُم بِمَا كَانُوا يَعْمَلُونَ ۝٢٠
📖 ترجمو آيت 20
تانجو جڏھن (اُھي مڙيئي) اُن (دوزخ) وٽ ايندا (تنھن مھل) سندن ڪَن ۽ سندن اکيون ۽ سندن کَلون جيڪي اُھي (دنيا ۾) ڪندا ھوا تنھنجي مٿان شاھدي ڏينديون.
وَقَالُوا لِجُلُودِهِمْ لِمَ شَهِدتُّمْ عَلَيْنَا ۖ قَالُوا أَنطَقَنَا اللَّهُ الَّذِي أَنطَقَ كُلَّ شَيْءٍ وَهُوَ خَلَقَكُمْ أَوَّلَ مَرَّةٍ وَإِلَيْهِ تُرْجَعُونَ ۝٢١
📖 ترجمو آيت 21
۽ پنھنجي کَلُن کي چوندا ته اسان تي شاھدي ڇو ڏنوَ؟ (سڀئي) چوندا ته اسان کي اُنھيءَ الله ڳالھرايو جنھن ھر شيء کي ڳالھرايو ۽ اُنھيءَ اوھان کي پھريون ڀيرو بڻايو ۽ (وري به) ڏانھس موٽائبؤ.
وَمَا كُنتُمْ تَسْتَتِرُونَ أَن يَشْهَدَ عَلَيْكُمْ سَمْعُكُمْ وَلَا أَبْصَارُكُمْ وَلَا جُلُودُكُمْ وَلَٰكِن ظَنَنتُمْ أَنَّ اللَّهَ لَا يَعْلَمُ كَثِيرًا مِّمَّا تَعْمَلُونَ ۝٢٢
📖 ترجمو آيت 22
۽ اوھين پنھنجن ڪَنّن ۽ پنھنجين اکين ۽ پنھنجين کَلُن جي پاڻ تي شاھدي ڏيڻ کان پردو نه ڪندا ھئؤ پر اوھان ئي ڀانيو ھو ته جيڪي ڪندا ھئو تنھن مان گھڻو (احوال) الله نه ڄاڻندو آھي.
وَذَٰلِكُمْ ظَنُّكُمُ الَّذِي ظَنَنتُم بِرَبِّكُمْ أَرْدَاكُمْ فَأَصْبَحْتُم مِّنَ الْخَاسِرِينَ ۝٢٣
📖 ترجمو آيت 23
۽ اوھان جو اُھو گمان جيڪو پنھنجي پالڻھار جي حق ۾ (غلطيءَ سان) ڀانيو ھُئو تنھن (ھاڻي) اوھان کي ھلاڪ ڪيو تنھنڪري (اڄ) ڇيئي وارن مان ٿيؤ.
فَإِن يَصْبِرُوا فَالنَّارُ مَثْوًى لَّهُمْ ۖ وَإِن يَسْتَعْتِبُوا فَمَا هُم مِّنَ الْمُعْتَبِينَ ۝٢٤
📖 ترجمو آيت 24
پوءِ جيڪڏھن صبر ڪندا ته (به) اُنھن جي جاءِ باھ آھي، جيڪڏھن معافي گھرندا ته (به) اُنھن کي معافي نه ملندي.
۞ وَقَيَّضْنَا لَهُمْ قُرَنَاءَ فَزَيَّنُوا لَهُم مَّا بَيْنَ أَيْدِيهِمْ وَمَا خَلْفَهُمْ وَحَقَّ عَلَيْهِمُ الْقَوْلُ فِي أُمَمٍ قَدْ خَلَتْ مِن قَبْلِهِم مِّنَ الْجِنِّ وَالْإِنسِ ۖ إِنَّهُمْ كَانُوا خَاسِرِينَ ۝٢٥
📖 ترجمو آيت 25
۽ انھن لاءِ (شيطان) سنگتي مُقرّر ڪياسون پوءِ جيڪي سندن اڳيان ۽ جيڪي سندن پويان آھي تنھنکي اُنھن لاءِ (سندن سنگتين) سينگاريو ۽ (انھيءَ ڪري اُنھن ٽولين ۾ گڏجي) مٿن سزا ثابت ٿي جيڪي کائن اڳ جِنّن ۽ ماڻھن مان گذري ويا آھن، بيشڪ اُھي (سڀ) ٽوٽي وارا ھوا.
وَقَالَ الَّذِينَ كَفَرُوا لَا تَسْمَعُوا لِهَٰذَا الْقُرْآنِ وَالْغَوْا فِيهِ لَعَلَّكُمْ تَغْلِبُونَ ۝٢٦
📖 ترجمو آيت 26
۽ ڪافرن (ھڪ ٻئي کي) چيو ته ھن قَرآن کي نه ٻُڌو ۽ اُن (جي پڙھڻ جي وچ ۾) لُڙ مچايو ته مانَ اوھين غالب ٿيو.
فَلَنُذِيقَنَّ الَّذِينَ كَفَرُوا عَذَابًا شَدِيدًا وَلَنَجْزِيَنَّهُمْ أَسْوَأَ الَّذِي كَانُوا يَعْمَلُونَ ۝٢٧
📖 ترجمو آيت 27
پوءِ ڪافرن کي ضرور سخت سزا جو مزو چکائينداسون ۽ جيڪي تمام بڇڙو (ڪم) ڪندا ھوا تنھن جو بدلو ضرور کين ڏينداسون.
ذَٰلِكَ جَزَاءُ أَعْدَاءِ اللَّهِ النَّارُ ۖ لَهُمْ فِيهَا دَارُ الْخُلْدِ ۖ جَزَاءً بِمَا كَانُوا بِآيَاتِنَا يَجْحَدُونَ ۝٢٨
📖 ترجمو آيت 28
الله جي ويرين جي سزا اِھا (ئي) باھ آھي، اُنھن لاءِ اُتي ھميشه جو گھر ھوندو، انھيءَ ڪري سزا (ھوندين) جو اسان جي آيتن جو انڪار ڪندا ھوا.
وَقَالَ الَّذِينَ كَفَرُوا رَبَّنَا أَرِنَا اللَّذَيْنِ أَضَلَّانَا مِنَ الْجِنِّ وَالْإِنسِ نَجْعَلْهُمَا تَحْتَ أَقْدَامِنَا لِيَكُونَا مِنَ الْأَسْفَلِينَ ۝٢٩
📖 ترجمو آيت 29
۽ ڪافر چوندا ته اي اسان جا پالڻھار جِنّن ۽ ماڻھن مان جن اسان کي گُمراھ ڪيو سي اسان کي ڏيکار ته پنھنجن پيرن جي ھيٺان ڪري لتاڙيون ته ڀلي ته (سڀ کان) ھيٺاھان ھجن.
إِنَّ الَّذِينَ قَالُوا رَبُّنَا اللَّهُ ثُمَّ اسْتَقَامُوا تَتَنَزَّلُ عَلَيْهِمُ الْمَلَائِكَةُ أَلَّا تَخَافُوا وَلَا تَحْزَنُوا وَأَبْشِرُوا بِالْجَنَّةِ الَّتِي كُنتُمْ تُوعَدُونَ ۝٣٠
📖 ترجمو آيت 30
بيشڪ جن چيو ته اسان جو پالڻھار الله آھي وري (ان ڳالھ تي) بيھڪ ورتائون تن تي (موت وقت رحمت جا) ملائڪ لھندا آھن (چوندا اَٿن) ته نه ڊڄو ۽ نڪي ڳڻتي ڪريو ۽ اُنھيءَ بھشت (جي خوشخبريءَ) سان خوش ٿيو جنھن جو اوھان کي وعدو ڏنو ويندو ھو.
نَحْنُ أَوْلِيَاؤُكُمْ فِي الْحَيَاةِ الدُّنْيَا وَفِي الْآخِرَةِ ۖ وَلَكُمْ فِيهَا مَا تَشْتَهِي أَنفُسُكُمْ وَلَكُمْ فِيهَا مَا تَدَّعُونَ ۝٣١
📖 ترجمو آيت 31
اسين دُنيا جي حياتيءَ ۾ اوھان جا دوست ھواسون ۽ آخرت ۾ به (اوھان جا دوست آھيون)، ۽ جيڪي اوھان جو جيءُ خواھش ڪندو سو اوھان لاءِ منجھس آھي ۽ جيڪي اوھين گھرندؤ سو (پڻ) اوھان لاءِ منجھس آھي.
نُزُلًا مِّنْ غَفُورٍ رَّحِيمٍ ۝٣٢
📖 ترجمو آيت 32
(اھا) مھماني بخشڻھار مھربان (خدا) وٽان آھي.
وَمَنْ أَحْسَنُ قَوْلًا مِّمَّن دَعَا إِلَى اللَّهِ وَعَمِلَ صَالِحًا وَقَالَ إِنَّنِي مِنَ الْمُسْلِمِينَ ۝٣٣
📖 ترجمو آيت 33
۽ انھيءَ کان وڌيڪ چڱو ڳالھ ۾ ڪير آھي جنھن الله ڏانھن سڏيو ۽ (پاڻ ۾) چڱا ڪم ڪيائين ۽ چيو ته بيشڪ آءٌ مُسلمانن مان آھيان؟
وَلَا تَسْتَوِي الْحَسَنَةُ وَلَا السَّيِّئَةُ ۚ ادْفَعْ بِالَّتِي هِيَ أَحْسَنُ فَإِذَا الَّذِي بَيْنَكَ وَبَيْنَهُ عَدَاوَةٌ كَأَنَّهُ وَلِيٌّ حَمِيمٌ ۝٣٤
📖 ترجمو آيت 34
۽ نيڪي ۽ بدي پاڻ ۾ برابر نه آھن، (۽ نيڪي) جا ڏاڍي چڱي آھي تنھن سان (مدائي کي) ٽاريو، جو اُنھيءَ جي ۽ تنھنجي وچ ۾ دشمني آھي سو ڄڻڪ دوست مائٽي وارو ٿيندو.
وَمَا يُلَقَّاهَا إِلَّا الَّذِينَ صَبَرُوا وَمَا يُلَقَّاهَا إِلَّا ذُو حَظٍّ عَظِيمٍ ۝٣٥
📖 ترجمو آيت 35
۽ اِھا (ڳالھ) صابرن کانسواءِ ٻئي کي حاصل نه ٿيندي آھي، ۽ نڪي وڏي نصيب واري کانسواءِ (ٻئي کي) اِھا حاصل ٿيندي آھي.
وَإِمَّا يَنزَغَنَّكَ مِنَ الشَّيْطَانِ نَزْغٌ فَاسْتَعِذْ بِاللَّهِ ۖ إِنَّهُ هُوَ السَّمِيعُ الْعَلِيمُ ۝٣٦
📖 ترجمو آيت 36
۽ جيڪڏھن توکي شيطان کان (دل ۾) ڪا چوڪ اچي ته الله جي پناھ گھُر، ڇوته اُھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.
وَمِنْ آيَاتِهِ اللَّيْلُ وَالنَّهَارُ وَالشَّمْسُ وَالْقَمَرُ ۚ لَا تَسْجُدُوا لِلشَّمْسِ وَلَا لِلْقَمَرِ وَاسْجُدُوا لِلَّهِ الَّذِي خَلَقَهُنَّ إِن كُنتُمْ إِيَّاهُ تَعْبُدُونَ ۝٣٧
📖 ترجمو آيت 37
۽ سندس (قدرت جي) نشانين مان رات ۽ ڏينھن ۽ سج ۽ چنڊ آھي، نڪي سج کي ۽ نڪي چنڊ کي سجدو ڪريو ۽ انھيءَ الله کي سجدو ڪريو جنھن انھن کي خلقيو جيڪڏھن خاص سنديس عبادت ڪندا آھيو.
فَإِنِ اسْتَكْبَرُوا فَالَّذِينَ عِندَ رَبِّكَ يُسَبِّحُونَ لَهُ بِاللَّيْلِ وَالنَّهَارِ وَهُمْ لَا يَسْأَمُونَ ۩ ۝٣٨
📖 ترجمو آيت 38
پوءِ جيڪڏھن وڏائي ڪن ته (ڇا ٿيو) جيڪي تنھنجي پالڻھار وٽ آھن سي رات ۽ ڏينھن سندس تسبيحون چوندا آھن ۽ اُھي نه ٿڪبا آھن.
وَمِنْ آيَاتِهِ أَنَّكَ تَرَى الْأَرْضَ خَاشِعَةً فَإِذَا أَنزَلْنَا عَلَيْهَا الْمَاءَ اهْتَزَّتْ وَرَبَتْ ۚ إِنَّ الَّذِي أَحْيَاهَا لَمُحْيِي الْمَوْتَىٰ ۚ إِنَّهُ عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ ۝٣٩
📖 ترجمو آيت 39
۽ سندس (قدرت جي) نشانين مان ھيءُ به آھي جو زمين کي وساڻل ڏسندو آھين پوءِ جڏھن مٿس (مينھن جو) پاڻي وسايو سون (تڏھن) چري ۽ اُڀامي، بيشڪ جنھن اُنھي (زمين) کي جياريو آھي سو ضرور مُئن کي (به) جيارڻ وارو آھي، بيشڪ اُھو سڀڪنھن شيءَ تي وس وارو آھي.
إِنَّ الَّذِينَ يُلْحِدُونَ فِي آيَاتِنَا لَا يَخْفَوْنَ عَلَيْنَا ۗ أَفَمَن يُلْقَىٰ فِي النَّارِ خَيْرٌ أَم مَّن يَأْتِي آمِنًا يَوْمَ الْقِيَامَةِ ۚ اعْمَلُوا مَا شِئْتُمْ ۖ إِنَّهُ بِمَا تَعْمَلُونَ بَصِيرٌ ۝٤٠
📖 ترجمو آيت 40
بيشڪ جيڪي اسان جي آيتن ۾ ڏنگائي ڪندا آھن سي اسان کان ڳُجھا نه آھن، ڀلا جيڪو باھ ۾ وجھبو سو ڀلو آھي يا جيڪو قيامت جي ڏينھن اَمن وارو ٿي ايندو؟ جيڪي وڻيوَ سو ڪريو بيشڪ جيڪي ڪندا آھيو سو خُدا ڏسندڙ آھي.
إِنَّ الَّذِينَ كَفَرُوا بِالذِّكْرِ لَمَّا جَاءَهُمْ ۖ وَإِنَّهُ لَكِتَابٌ عَزِيزٌ ۝٤١
📖 ترجمو آيت 41
بيشڪ جن قرآن جو (اُنھي وقت) انڪار ڪيو جڏھن وٽن آيو (سي اسان کان ڳُجھا نه آھن)، ۽ بيشڪ اُھو ڪتاب عزّت وارو آھي.
لَّا يَأْتِيهِ الْبَاطِلُ مِن بَيْنِ يَدَيْهِ وَلَا مِنْ خَلْفِهِ ۖ تَنزِيلٌ مِّنْ حَكِيمٍ حَمِيدٍ ۝٤٢
📖 ترجمو آيت 42
جو نڪي اُن جي اڳيان ۽ نڪي اُن جي پويان ڪُوڙ داخل ٿيندو آھي، حڪمت واري ساراھيل (الله جي پار) کان لاٿل آھي.
مَّا يُقَالُ لَكَ إِلَّا مَا قَدْ قِيلَ لِلرُّسُلِ مِن قَبْلِكَ ۚ إِنَّ رَبَّكَ لَذُو مَغْفِرَةٍ وَذُو عِقَابٍ أَلِيمٍ ۝٤٣
📖 ترجمو آيت 43
(اي پيغمبر) توکي اُنھيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه چئبو آھي جيڪي توکان اڳ (ٻـين) پيغمبرن کي چيو ويو ھو، بيشڪ تنھنجو پالڻھار بخشش وارو (به) آھي ۽ ڏکوئيندڙ سزا ڏيڻ وارو (به) آھي.
وَلَوْ جَعَلْنَاهُ قُرْآنًا أَعْجَمِيًّا لَّقَالُوا لَوْلَا فُصِّلَتْ آيَاتُهُ ۖ أَأَعْجَمِيٌّ وَعَرَبِيٌّ ۗ قُلْ هُوَ لِلَّذِينَ آمَنُوا هُدًى وَشِفَاءٌ ۖ وَالَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ فِي آذَانِهِمْ وَقْرٌ وَهُوَ عَلَيْهِمْ عَمًى ۚ أُولَٰئِكَ يُنَادَوْنَ مِن مَّكَانٍ بَعِيدٍ ۝٤٤
📖 ترجمو آيت 44
۽ جيڪڏھن اِن (ڪتاب) کي عجمي (يعني عربيءَ کان ڌارين ٻوليءَ ۾) قرآن ڪريون ھا ته ضرور (ڪافر) چون ھا ته سنديس آيتون ڇونه کولي بيان ڪيون ويون، ڀلا (قرآن) عجمي (ٻوليءَ ۾) ۽ (ٻڌڻ وارا) عربيءَ (ٻوليءَ) وارا آھن (سو ڇو)؟ (اي پيغمبر کين) چؤ ته اُھو مؤمنن لاءِ ھدايت ۽ شفا آھي، ۽ جيڪي نه مڃيندا آھن تن جي ڪَنّن ۾ گھٻرائي آھي ۽ اُھو (قرآن) مٿن انڌائي آھي، اِھي (اُنھن وانگر آھن جو) ڄڻڪ ڏورانھين ھنڌ کان سڏيا ويندا آھن.
وَلَقَدْ آتَيْنَا مُوسَى الْكِتَابَ فَاخْتُلِفَ فِيهِ ۗ وَلَوْلَا كَلِمَةٌ سَبَقَتْ مِن رَّبِّكَ لَقُضِيَ بَيْنَهُمْ ۚ وَإِنَّهُمْ لَفِي شَكٍّ مِّنْهُ مُرِيبٍ ۝٤٥
📖 ترجمو آيت 45
۽ بيشڪ مُوسىٰ کي ڪتاب ڏنوسون پوءِ منجھس اختلاف ڪيو ويو، ۽ جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار کان حُڪم آڳاٽو نه ٿئي ھا ته سندن وچ ۾ ضرور نبيرو ڪيو وڃي ھا، ۽ بيشڪ اُھي کانئس وڏي شڪ ۾ (پيل) آھن.
مَّنْ عَمِلَ صَالِحًا فَلِنَفْسِهِ ۖ وَمَنْ أَسَاءَ فَعَلَيْهَا ۗ وَمَا رَبُّكَ بِظَلَّامٍ لِّلْعَبِيدِ ۝٤٦
📖 ترجمو آيت 46
جيڪو چڱا ڪم ڪندو سو پاڻ لاءِ (ڪندو) تنھن تي (ئي اُن جو نقصان) آھي، ۽ تنھنجو پالڻھار ٻانھن تي ظلم ڪرڻ وارو آھي.
۞ إِلَيْهِ يُرَدُّ عِلْمُ السَّاعَةِ ۚ وَمَا تَخْرُجُ مِن ثَمَرَاتٍ مِّنْ أَكْمَامِهَا وَمَا تَحْمِلُ مِنْ أُنثَىٰ وَلَا تَضَعُ إِلَّا بِعِلْمِهِ ۚ وَيَوْمَ يُنَادِيهِمْ أَيْنَ شُرَكَائِي قَالُوا آذَنَّاكَ مَا مِنَّا مِن شَهِيدٍ ۝٤٧
📖 ترجمو آيت 47
قيامت (اچڻ) جي خبر الله (ئي) جي حوالي آھي، ۽ سندس ڄاڻپ ڌاران ڪي ميوا پنھنجن ڳڀين مان نه نڪرندا آھن ۽ (سندس ڄاڻپ ڌاران) ڪابه مادي نڪي ڍُڪي ٿيندي آھي ۽ نڪي ڄڻيندي آھي، ۽ اُن ڏينھن (الله) کين سڏيندو ته منھنجا شريڪ (جي اوھين مُقرّر ڪندا ھئو سي) ڪٿي آھن چوندا ته توکي خبر ڏني سون ته اسان سان ڪوبه (اُنھن جو) شاھد ڪونھي.
وَضَلَّ عَنْهُم مَّا كَانُوا يَدْعُونَ مِن قَبْلُ ۖ وَظَنُّوا مَا لَهُم مِّن مَّحِيصٍ ۝٤٨
📖 ترجمو آيت 48
۽ جن کي (ھن کان) اڳ (دنيا ۾) پوڄيندا ھوا سي کائن ڀُلجي ويندا ۽ ڀانئيندا ته کين ڪو ڇوٽڪارو ڪونھي.
لَّا يَسْأَمُ الْإِنسَانُ مِن دُعَاءِ الْخَيْرِ وَإِن مَّسَّهُ الشَّرُّ فَيَئُوسٌ قَنُوطٌ ۝٤٩
📖 ترجمو آيت 49
ماڻھو چڱائيءَ جي سڏڻ (دُعا گھرڻ) کان نه ٿڪبو آھي، ۽ جيڪڏھن کيس (ڪا) مدائي پھچندي آھي ته پوءِ آسرو ڇِني نا اُميد ٿيندو آھي.
وَلَئِنْ أَذَقْنَاهُ رَحْمَةً مِّنَّا مِن بَعْدِ ضَرَّاءَ مَسَّتْهُ لَيَقُولَنَّ هَٰذَا لِي وَمَا أَظُنُّ السَّاعَةَ قَائِمَةً وَلَئِن رُّجِعْتُ إِلَىٰ رَبِّي إِنَّ لِي عِندَهُ لَلْحُسْنَىٰ ۚ فَلَنُنَبِّئَنَّ الَّذِينَ كَفَرُوا بِمَا عَمِلُوا وَلَنُذِيقَنَّهُم مِّنْ عَذَابٍ غَلِيظٍ ۝٥٠
📖 ترجمو آيت 50
۽ جيڪڏھن کيس اوکائي پھچڻ کان پوءِ پاڻ وٽان ڪا ٻاجھ چکائيندا آھيون ته ضرور چوندو آھي ته ھيءَ مون (ئي) لاءِ آھي ۽ نه ٿو ڀانيان ته قيامت قائم ٿيڻي آھي ۽ جيڪڏھن (آءٌ) پنھنجي پالڻھار ڏانھن (کڻي) موٽائبس ته بيشڪ مون لاءِ وٽس (به) ضرور چڱي حالت ھوندي، پوءِ ڪافرن جيڪي ڪيو آھي تنھن بابت کين ضرور خبردار ڪنداسون، ۽ کين سخت عذاب ضرور چکائينداسون.
وَإِذَا أَنْعَمْنَا عَلَى الْإِنسَانِ أَعْرَضَ وَنَأَىٰ بِجَانِبِهِ وَإِذَا مَسَّهُ الشَّرُّ فَذُو دُعَاءٍ عَرِيضٍ ۝٥١
📖 ترجمو آيت 51
۽ جڏھن ماڻھوءَ تي فضل ڪندا آھيون (تڏھن) مُنھن ڦيرائيندو آھي ۽ پنھنجو پاسو موڙيندو آھي، ۽ جڏھن کيس ڪا اوکائي پھچندي آھي تڏھن وڏيون دعائون گھُرندو آھي.
قُلْ أَرَأَيْتُمْ إِن كَانَ مِنْ عِندِ اللَّهِ ثُمَّ كَفَرْتُم بِهِ مَنْ أَضَلُّ مِمَّنْ هُوَ فِي شِقَاقٍ بَعِيدٍ ۝٥٢
📖 ترجمو آيت 52
(اي پيغمبر کين) چؤ ته اوھين ڏسو ته جيڪڏھن (قرآن) الله وٽان ھجي وري سندس انڪار ڪريو ته جيڪو وڏي ضِدّ ۾ پيل ھجي تنھن کان وڌيڪ گُمراھ ڪير آھي؟
سَنُرِيهِمْ آيَاتِنَا فِي الْآفَاقِ وَفِي أَنفُسِهِمْ حَتَّىٰ يَتَبَيَّنَ لَهُمْ أَنَّهُ الْحَقُّ ۗ أَوَلَمْ يَكْفِ بِرَبِّكَ أَنَّهُ عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ شَهِيدٌ ۝٥٣
📖 ترجمو آيت 53
پنھنجيون نشانيون مُلڪن ۾ سندن وجودن ۾ کين سگھوئي ڏيکاريندا سون تان جو کين پڌرو ٿيندو بيشڪ اِھو (قرآن) سچو آھي، تنھنجو پالڻھار ڪافي نه آھي ڇا جيڪو سڀڪنھن شيء تي حاضر آھي؟
أَلَا إِنَّهُمْ فِي مِرْيَةٍ مِّن لِّقَاءِ رَبِّهِمْ ۗ أَلَا إِنَّهُ بِكُلِّ شَيْءٍ مُّحِيطٌ ۝٥٤
📖 ترجمو آيت 54
خبردار بيشڪ اُھي پنھنجي پالڻھار جي ملڻ کان شڪ ۾ (پيل) آھن، خبردار اُھو ھر ڪنھن شيء کي وڪوڙيندڙ آھي.
→ 40 فصلت (41/114) 42 ←
پڙهو سورو فصلت سنڌي ترجمو – پڙهڻ ۽ ٻڌڻ

41فصلت Fussilat 📚 54 آيت مكية

آيت به آيت – سورو فصلت — 54 آيت




قرآن ڪريم


Tuesday, August 18, 2026

Don't forget us in your sincere prayers