فصلت · 41/54
ترجمو لکڻ — سوره فصلت
إِنَّ الَّذِينَ كَفَرُوا بِالذِّكْرِ لَمَّا جَاءَهُمْ ۖ وَإِنَّهُ لَكِتَابٌ عَزِيزٌ ۝٤١
Inna Lazeena kafaroo biz Zikri lammaa jaa`ahum wa innahoo la Kitaabun `Azeez
📖 سنڌيءَ ۾
بيشڪ جن قرآن جو (اُنھي وقت) انڪار ڪيو جڏھن وٽن آيو (سي اسان کان ڳُجھا نه آھن)، ۽ بيشڪ اُھو ڪتاب عزّت وارو آھي.

🎧 ٻڌو


📜 آيت 39-43 — سوره فصلت

39وَمِنْ آيَاتِهِ أَنَّكَ تَرَى الْأَرْضَ خَاشِعَةً فَإِذَا أَنزَلْنَا عَلَيْهَا الْمَاءَ اهْتَزَّتْ وَرَبَتْ ۚ إِنَّ الَّذِي أَحْيَاهَا لَمُحْيِي الْمَوْتَىٰ ۚ إِنَّهُ عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ
۽ سندس (قدرت جي) نشانين مان ھيءُ به آھي جو زمين کي وساڻل ڏسندو آھين پوءِ جڏھن مٿس (مينھن جو) پاڻي وسايو سون (تڏھن) چري ۽ اُڀامي، بيشڪ جنھن اُنھي (زمين) کي جياريو آھي سو ضرور مُئن کي (به) جيارڻ وارو آھي، بيشڪ اُھو سڀڪنھن شيءَ تي وس وارو آھي.
40إِنَّ الَّذِينَ يُلْحِدُونَ فِي آيَاتِنَا لَا يَخْفَوْنَ عَلَيْنَا ۗ أَفَمَن يُلْقَىٰ فِي النَّارِ خَيْرٌ أَم مَّن يَأْتِي آمِنًا يَوْمَ الْقِيَامَةِ ۚ اعْمَلُوا مَا شِئْتُمْ ۖ إِنَّهُ بِمَا تَعْمَلُونَ بَصِيرٌ
بيشڪ جيڪي اسان جي آيتن ۾ ڏنگائي ڪندا آھن سي اسان کان ڳُجھا نه آھن، ڀلا جيڪو باھ ۾ وجھبو سو ڀلو آھي يا جيڪو قيامت جي ڏينھن اَمن وارو ٿي ايندو؟ جيڪي وڻيوَ سو ڪريو بيشڪ جيڪي ڪندا آھيو سو خُدا ڏسندڙ آھي.
41إِنَّ الَّذِينَ كَفَرُوا بِالذِّكْرِ لَمَّا جَاءَهُمْ ۖ وَإِنَّهُ لَكِتَابٌ عَزِيزٌ
بيشڪ جن قرآن جو (اُنھي وقت) انڪار ڪيو جڏھن وٽن آيو (سي اسان کان ڳُجھا نه آھن)، ۽ بيشڪ اُھو ڪتاب عزّت وارو آھي.
42لَّا يَأْتِيهِ الْبَاطِلُ مِن بَيْنِ يَدَيْهِ وَلَا مِنْ خَلْفِهِ ۖ تَنزِيلٌ مِّنْ حَكِيمٍ حَمِيدٍ
جو نڪي اُن جي اڳيان ۽ نڪي اُن جي پويان ڪُوڙ داخل ٿيندو آھي، حڪمت واري ساراھيل (الله جي پار) کان لاٿل آھي.
43مَّا يُقَالُ لَكَ إِلَّا مَا قَدْ قِيلَ لِلرُّسُلِ مِن قَبْلِكَ ۚ إِنَّ رَبَّكَ لَذُو مَغْفِرَةٍ وَذُو عِقَابٍ أَلِيمٍ
(اي پيغمبر) توکي اُنھيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه چئبو آھي جيڪي توکان اڳ (ٻـين) پيغمبرن کي چيو ويو ھو، بيشڪ تنھنجو پالڻھار بخشش وارو (به) آھي ۽ ڏکوئيندڙ سزا ڏيڻ وارو (به) آھي.
فصلتقرآن فهرست
54آيت
MeccanRevelation
41آيت

ترجمو — فصلت 41

سوره فصلت آيت 41 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : بيشڪ جن قرآن جو (اُنھي وقت) انڪار ڪيو جڏھن وٽن…

سوره آيت 41/54 — سوره فصلت فصلت (Meccan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: سوره فصلت ٻڌو, سوره فصلت ترجمو, سوره فصلت mp3, سوره فصلت pdf. آيت 39–43. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Monday, September 7, 2026

Don't forget us in your sincere prayers