فصلت · 11/54
ترجمو لکڻ — سوره فصلت
ثُمَّ اسْتَوَىٰ إِلَى السَّمَاءِ وَهِيَ دُخَانٌ فَقَالَ لَهَا وَلِلْأَرْضِ ائْتِيَا طَوْعًا أَوْ كَرْهًا قَالَتَا أَتَيْنَا طَائِعِينَ ۝١١
Summas tawaaa ilas-samaaa`i wa hiya dukhaanun faqaala lahaa wa lil ardi`tiyaaa taw`an aw karhan qaalataaa atainaa taaa`i`een
📖 سنڌيءَ ۾
وري آسمان ڏانھن مُھڙ ڪيائين ۽ اُھو (اُن وقت) دُونھون ھو پوءِ اُن کي ۽ زمين کي چيائين ته سرھائيءَ سان خواھ اَرھائيءَ سان اچو، (ٻنھي) چيو ته خُوشيءَ سان آياسون.

🎧 ٻڌو


📜 آيت 9-13 — سوره فصلت

9۞ قُلْ أَئِنَّكُمْ لَتَكْفُرُونَ بِالَّذِي خَلَقَ الْأَرْضَ فِي يَوْمَيْنِ وَتَجْعَلُونَ لَهُ أَندَادًا ۚ ذَٰلِكَ رَبُّ الْعَالَمِينَ
(اي پيغمبر کين) چؤ ته اوھين اُن (الله) جو انڪار ڪندا آھيو ڇا جنھن زمين کي ٻن ڏينھن ۾ بڻايو؟ ۽ اُن لاءِ (ٻـين کي) شريڪ بڻائيندا آھيو، اِھو الله جھانن جو پالڻھار آھي.
10وَجَعَلَ فِيهَا رَوَاسِيَ مِن فَوْقِهَا وَبَارَكَ فِيهَا وَقَدَّرَ فِيهَا أَقْوَاتَهَا فِي أَرْبَعَةِ أَيَّامٍ سَوَاءً لِّلسَّائِلِينَ
۽ اُن (زمين) ۾ مٿانئس ڳرا جبل بڻايائين ۽ منجھس برڪت رکيائين ۽ چئن ڏينھن ۾ منجھس اُن (جي رھاڪن) جا قُوۡت مُقرّر ڪيائين، پڇندڙن لاءِ برابر (کولي بيان ڪيو ويو) آھي.
11ثُمَّ اسْتَوَىٰ إِلَى السَّمَاءِ وَهِيَ دُخَانٌ فَقَالَ لَهَا وَلِلْأَرْضِ ائْتِيَا طَوْعًا أَوْ كَرْهًا قَالَتَا أَتَيْنَا طَائِعِينَ
وري آسمان ڏانھن مُھڙ ڪيائين ۽ اُھو (اُن وقت) دُونھون ھو پوءِ اُن کي ۽ زمين کي چيائين ته سرھائيءَ سان خواھ اَرھائيءَ سان اچو، (ٻنھي) چيو ته خُوشيءَ سان آياسون.
12فَقَضَاهُنَّ سَبْعَ سَمَاوَاتٍ فِي يَوْمَيْنِ وَأَوْحَىٰ فِي كُلِّ سَمَاءٍ أَمْرَهَا ۚ وَزَيَّنَّا السَّمَاءَ الدُّنْيَا بِمَصَابِيحَ وَحِفْظًا ۚ ذَٰلِكَ تَقْدِيرُ الْعَزِيزِ الْعَلِيمِ
پوءِ (ٻـين) ٻن ڏينھن ۾ اُنھن کي سَت آسمان بڻايائين ۽ سڀڪنھن آسمان ۾ اُن (جي ڪم) جو حُڪم موڪليائين، ۽ دنيا جي آسمان کي (تارن جي) ڏينئن سينگاريوسون، ۽ (شيطانن کان اُنھيءَ جي) حفاظت ڪئي سون، اِھا (الله) غالب ڄاڻندڙ جي رِٿ آھي.
13فَإِنْ أَعْرَضُوا فَقُلْ أَنذَرْتُكُمْ صَاعِقَةً مِّثْلَ صَاعِقَةِ عَادٍ وَثَمُودَ
پوءِ جيڪڏھن (اُھي) مُنھن موڙين ته چؤ ته اوھان کي اھڙي عذاب کان ڊيڄاريم جھڙو عاد ۽ ثَمُود جو عذاب (ھو).
فصلتقرآن فهرست
54آيت
MeccanRevelation
11آيت

ترجمو — فصلت 11

سوره فصلت آيت 11 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : وري آسمان ڏانھن مُھڙ ڪيائين ۽ اُھو (اُن وقت) دُونھون…

سوره آيت 11/54 — سوره فصلت فصلت (Meccan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: سوره فصلت ٻڌو, سوره فصلت ترجمو, سوره فصلت mp3, سوره فصلت pdf. آيت 9–13. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Monday, September 7, 2026

Don't forget us in your sincere prayers