فصلت · 4/54
ترجمو لکڻ — فصلت
بَشِيرًا وَنَذِيرًا فَأَعْرَضَ أَكْثَرُهُمْ فَهُمْ لَا يَسْمَعُونَ ۝٤
Basheeranw wa nazeeran fa-a`rada aksaruhum fahum laa yasma`oon
📖 سنڌيءَ ۾
جو خوشخبري ڏيندڙ ڊيڄاريندڙ آھي، پوءِ گھڻن (ماڻھن) مُنھن موڙيو تنھنڪري اُھي (اُن کي) ٻڌندائي نه آھن.
🎧 ٻڌو

📜 آيت 2-6 — فصلت

2تَنزِيلٌ مِّنَ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ
(ھن ڪتاب جو الله) ٻاجھاري مھربان وٽان نازل ٿيڻ آھي.
3كِتَابٌ فُصِّلَتْ آيَاتُهُ قُرْآنًا عَرَبِيًّا لِّقَوْمٍ يَعْلَمُونَ
(ھيءُ اھڙو) ڪتاب جو سندس آيتون کولي کولي بيان ڪيون ويون آھن قُرآن عربيءَ ۾ سمجھ وارن ماڻھن لاءِ آھي.
4بَشِيرًا وَنَذِيرًا فَأَعْرَضَ أَكْثَرُهُمْ فَهُمْ لَا يَسْمَعُونَ
جو خوشخبري ڏيندڙ ڊيڄاريندڙ آھي، پوءِ گھڻن (ماڻھن) مُنھن موڙيو تنھنڪري اُھي (اُن کي) ٻڌندائي نه آھن.
5وَقَالُوا قُلُوبُنَا فِي أَكِنَّةٍ مِّمَّا تَدْعُونَا إِلَيْهِ وَفِي آذَانِنَا وَقْرٌ وَمِن بَيْنِنَا وَبَيْنِكَ حِجَابٌ فَاعْمَلْ إِنَّنَا عَامِلُونَ
۽ چوندا آھن ته جنھن ڏانھن اسان کي سڏيندو آھين تنھن کان اسان جون دليون پردي ۾ آھن ۽ اسان جي ڪَنن ۾ گھٻرائي آھي ۽ اسان جي ۽ اوھان جي وچ ۾ اوٽ آھي تنھنڪري (تون پنھنجيءَ طرح) ڪم ڪر بيشڪ اسين (پنھنجيءَ طرح) ڪم ڪرڻ وارا آھيون.
6قُلْ إِنَّمَا أَنَا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ يُوحَىٰ إِلَيَّ أَنَّمَا إِلَٰهُكُمْ إِلَٰهٌ وَاحِدٌ فَاسْتَقِيمُوا إِلَيْهِ وَاسْتَغْفِرُوهُ ۗ وَوَيْلٌ لِّلْمُشْرِكِينَ
(اي پيغمبر کين) چؤ ته آءٌ (به) اوھان ئي جھڙو ماڻھو آھيان مگر مون ڏانھن وحي ڪيو ويندو آھي ته اوھان جو معبُود ھڪ خدا آھي تنھنڪري ڏانھس سڌا متوجه ٿيو ۽ کانئس بخشش گھرو، ۽ (اُنھن) مشرڪن لاءِ ويل آھي.
فصلتقرآن فهرست
54آيت
MeccanRevelation
4آيت

ترجمو — فصلت 4

سورو فصلت آيت 4 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : جو خوشخبري ڏيندڙ ڊيڄاريندڙ آھي، پوءِ گھڻن (ماڻھن) مُنھن موڙيو…

سورو آيت 4/54 — فصلت فصلت (Meccan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: فصلت ٻڌو, فصلت ترجمو, فصلت mp3, فصلت pdf. آيت 2–6. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Tuesday, August 18, 2026

Don't forget us in your sincere prayers