فصلت · 27/54
ترجمو لکڻ — فصلت
فَلَنُذِيقَنَّ الَّذِينَ كَفَرُوا عَذَابًا شَدِيدًا وَلَنَجْزِيَنَّهُمْ أَسْوَأَ الَّذِي كَانُوا يَعْمَلُونَ ۝٢٧
Falanuzeeqannal lazeena kafaroo `azaaban shadeedanw wa lanajziyannahum aswallazee kaanoo ya`maloon
📖 سنڌيءَ ۾
پوءِ ڪافرن کي ضرور سخت سزا جو مزو چکائينداسون ۽ جيڪي تمام بڇڙو (ڪم) ڪندا ھوا تنھن جو بدلو ضرور کين ڏينداسون.

🎧 ٻڌو


📜 آيت 25-29 — فصلت

25۞ وَقَيَّضْنَا لَهُمْ قُرَنَاءَ فَزَيَّنُوا لَهُم مَّا بَيْنَ أَيْدِيهِمْ وَمَا خَلْفَهُمْ وَحَقَّ عَلَيْهِمُ الْقَوْلُ فِي أُمَمٍ قَدْ خَلَتْ مِن قَبْلِهِم مِّنَ الْجِنِّ وَالْإِنسِ ۖ إِنَّهُمْ كَانُوا خَاسِرِينَ
۽ انھن لاءِ (شيطان) سنگتي مُقرّر ڪياسون پوءِ جيڪي سندن اڳيان ۽ جيڪي سندن پويان آھي تنھنکي اُنھن لاءِ (سندن سنگتين) سينگاريو ۽ (انھيءَ ڪري اُنھن ٽولين ۾ گڏجي) مٿن سزا ثابت ٿي جيڪي کائن اڳ جِنّن ۽ ماڻھن مان گذري ويا آھن، بيشڪ اُھي (سڀ) ٽوٽي وارا ھوا.
26وَقَالَ الَّذِينَ كَفَرُوا لَا تَسْمَعُوا لِهَٰذَا الْقُرْآنِ وَالْغَوْا فِيهِ لَعَلَّكُمْ تَغْلِبُونَ
۽ ڪافرن (ھڪ ٻئي کي) چيو ته ھن قَرآن کي نه ٻُڌو ۽ اُن (جي پڙھڻ جي وچ ۾) لُڙ مچايو ته مانَ اوھين غالب ٿيو.
27فَلَنُذِيقَنَّ الَّذِينَ كَفَرُوا عَذَابًا شَدِيدًا وَلَنَجْزِيَنَّهُمْ أَسْوَأَ الَّذِي كَانُوا يَعْمَلُونَ
پوءِ ڪافرن کي ضرور سخت سزا جو مزو چکائينداسون ۽ جيڪي تمام بڇڙو (ڪم) ڪندا ھوا تنھن جو بدلو ضرور کين ڏينداسون.
28ذَٰلِكَ جَزَاءُ أَعْدَاءِ اللَّهِ النَّارُ ۖ لَهُمْ فِيهَا دَارُ الْخُلْدِ ۖ جَزَاءً بِمَا كَانُوا بِآيَاتِنَا يَجْحَدُونَ
الله جي ويرين جي سزا اِھا (ئي) باھ آھي، اُنھن لاءِ اُتي ھميشه جو گھر ھوندو، انھيءَ ڪري سزا (ھوندين) جو اسان جي آيتن جو انڪار ڪندا ھوا.
29وَقَالَ الَّذِينَ كَفَرُوا رَبَّنَا أَرِنَا اللَّذَيْنِ أَضَلَّانَا مِنَ الْجِنِّ وَالْإِنسِ نَجْعَلْهُمَا تَحْتَ أَقْدَامِنَا لِيَكُونَا مِنَ الْأَسْفَلِينَ
۽ ڪافر چوندا ته اي اسان جا پالڻھار جِنّن ۽ ماڻھن مان جن اسان کي گُمراھ ڪيو سي اسان کي ڏيکار ته پنھنجن پيرن جي ھيٺان ڪري لتاڙيون ته ڀلي ته (سڀ کان) ھيٺاھان ھجن.
فصلتقرآن فهرست
54آيت
MeccanRevelation
27آيت

ترجمو — فصلت 27

سورو فصلت آيت 27 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : پوءِ ڪافرن کي ضرور سخت سزا جو مزو چکائينداسون ۽…

سورو آيت 27/54 — فصلت فصلت (Meccan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: فصلت ٻڌو, فصلت ترجمو, فصلت mp3, فصلت pdf. آيت 25–29. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Tuesday, August 18, 2026

Don't forget us in your sincere prayers