La sourate Al-Layl en Sindhi
| رات جو قسم آھي جڏھن ڍَڪي ٿي. |
| ۽ ڏينھن جو (قسم آھي) جڏھن روشن ٿئي ٿو. |
| ۽ اُن جو (قسم آھي) جنھن نر ۽ مادي خلقي. |
| ته بيشڪ اوھان جي ڪوشش قسمين قسمين آھي. |
| پوءِ جنھن (الله لڳ) ڏنو ۽ پرھيزگاري ڪئي. |
| ۽ چڱائي کي سچ ڄاتائين. |
| تنھنکي (نجات جو) آسان رستو سھنجو ڪري ڏينداسين. |
| ۽ جنھن بخل ڪيو ۽ (پاڻ کي) بي پرواھ ڄاتائين. |
| ۽ چڱائي کي ڪوڙ ڀانيائين. |
| تنھن کي اوکائيءَ (۾ پوڻ) لاءِ (رستو) آسان ڪري ڏينداسين. |
| ۽ جڏھن اونڌو ڪرندو ته سندس مال کانئس (ڪجھ) نه ٽاريندو. |
| بيشڪ سڌو رستو ڏيکارڻ اسان تي (لازم) آھي. |
| ۽ بيشڪ آخرت ۽ دُنيا (ٻئي) اسان جي وس ۾ آھن. |
| پوءِ اوھان کي باھ کان ڊيڄاريم جا ڄڀي ڪري ٿي. |
| (اھڙي) وڏي نڀاڳي کانسواءِ (ٻيو) ڪو اُن ۾ ڪونه گھڙندو. |
| جنھن (اسلام کي) ڪوڙ ڄاتو ۽ پٺيرو ٿيو. |
| ۽ اُن (باھ) کان انھي وڏي پرھيزگار کي پاسي ڪبو. |
| جيڪو پنھنجو مال (الله جي واٽ ۾) ڏئي ٿو ته پاڪ ٿئي. |
| ۽ مٿس اھڙي ڪنھن جو ڪو احسان ٿيل نه آھي جو بدلو ڏجي. |
| پر پنھنجي تمام مٿاھين پالڻھار جي رضامندي طلبڻ لاءِ (ڏئي ٿو). |
| ۽ ضرور جلد خوش ٿيندو. |
Plus de sourates en Sindhi :
Téléchargez la sourate avec la voix des récitants du Coran les plus célèbres :
Téléchargez le fichier mp3 de la sourate Al-Layl : choisissez le récitateur pour écouter et télécharger la sourate Al-Layl complète en haute qualité.
Ahmed Al Ajmy
Bandar Balila
Khalid Al Jalil
Saad Al Ghamdi
Saud Al Shuraim
Abdul Basit
Abdul Rashid Sufi
Abdullah Basfar
Abdullah Al Juhani
Fares Abbad
Maher Al Muaiqly
Al Minshawi
Al Hosary
Mishari Al-afasi
Yasser Al Dosari
Donnez-nous une invitation valide




