سورو زمر عربي ۽ سنڌي
سورو زمر مڪمل سنڌي ترجمي سان پڙهو. عربي متن، سنڌي ترجمو ۽ آواز تلاوت. (75 آيت — مكية). زمر ٻڌو, زمر ترجمو, زمر mp3, زمر pdf.سورو زمر پڙهو ۽ ٻڌو
🎧 آيت
M
Mishary Rashid Alafasy
✓
Mishary Rashid Alafasy
✓
M
Mahmoud Khalil Al-Husary
✓
Mahmoud Khalil Al-Husary
✓
A
Abdurrahman As-Sudais
✓
Abdurrahman As-Sudais
✓
M
Mohamed Siddiq Al-Minshawi
✓
Mohamed Siddiq Al-Minshawi
✓
A
Abdul Basit Abdul Samad
✓
Abdul Basit Abdul Samad
✓
A
Ali Al-Hudhaify
✓
Ali Al-Hudhaify
✓
A
Ahmed ibn Ali al-Ajamy
✓
Ahmed ibn Ali al-Ajamy
✓
A
Abu Bakr Ash-Shaatree
✓
Abu Bakr Ash-Shaatree
✓
M
Muhammad Ayyoub
✓
Muhammad Ayyoub
✓
A
Abdullah Basfar
✓
Abdullah Basfar
✓
A
Abdullah Al-Juhani
✓
Abdullah Al-Juhani
✓
M
Maher Al Muaiqly
✓
Maher Al Muaiqly
✓
—
x1
تَنزِيلُ الْكِتَابِ مِنَ اللَّهِ الْعَزِيزِ الْحَكِيمِ ١
📖 ترجمو
آيت 1
(ھن) ڪتاب جو نازل ڪرڻ غالب حِڪمت واري الله (جي طرف) کان آھي.
إِنَّا أَنزَلْنَا إِلَيْكَ الْكِتَابَ بِالْحَقِّ فَاعْبُدِ اللَّهَ مُخْلِصًا لَّهُ الدِّينَ ٢
📖 ترجمو
آيت 2
بيشڪ اسان توڏانھن سچ سان ڪتاب نازل ڪيو ته الله لاءِ (پنھنجي) عبادت کي خالص ڪري خاص اُن جي عبادت ڪر.
أَلَا لِلَّهِ الدِّينُ الْخَالِصُ ۚ وَالَّذِينَ اتَّخَذُوا مِن دُونِهِ أَوْلِيَاءَ مَا نَعْبُدُهُمْ إِلَّا لِيُقَرِّبُونَا إِلَى اللَّهِ زُلْفَىٰ إِنَّ اللَّهَ يَحْكُمُ بَيْنَهُمْ فِي مَا هُمْ فِيهِ يَخْتَلِفُونَ ۗ إِنَّ اللَّهَ لَا يَهْدِي مَنْ هُوَ كَاذِبٌ كَفَّارٌ ٣
📖 ترجمو
آيت 3
خبردار ٿيءُ خالص عبادت الله ئي جي لاءِ آھي، ۽ جن الله کانسواءِ ٻيا دوست ڪري ورتا، (سي چوندا آھن ته) انھن کي رڳو ھن لاءِ پوڄيندا آھيون ته اسان کي الله ڏانھن مرتبي ۾ ويجھو ڪن، جنھن ڳالھ بابت اُھي جھڳڙو ڪندا آھن تنھن بابت بيشڪ انھن جي وچ ۾ الله فيصلو ڪندو، بيشڪ الله اُنھي کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو جيڪو ڪوڙو (۽) بي شُڪر آھي.
لَّوْ أَرَادَ اللَّهُ أَن يَتَّخِذَ وَلَدًا لَّاصْطَفَىٰ مِمَّا يَخْلُقُ مَا يَشَاءُ ۚ سُبْحَانَهُ ۖ هُوَ اللَّهُ الْوَاحِدُ الْقَهَّارُ ٤
📖 ترجمو
آيت 4
جيڪڏھن الله (پاڻ لاءِ) اولاد وٺڻ گھري ھا ته جيڪي (سڀئي) بڻايو اٿس تنھن مان جيڪو وڻيس ھا سو چونڊي ھا پر اُن جي ذات پاڪ آھي، اُھو ته الله اڪيلو (۽) زبردست آھي.
خَلَقَ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضَ بِالْحَقِّ ۖ يُكَوِّرُ اللَّيْلَ عَلَى النَّهَارِ وَيُكَوِّرُ النَّهَارَ عَلَى اللَّيْلِ ۖ وَسَخَّرَ الشَّمْسَ وَالْقَمَرَ ۖ كُلٌّ يَجْرِي لِأَجَلٍ مُّسَمًّى ۗ أَلَا هُوَ الْعَزِيزُ الْغَفَّارُ ٥
📖 ترجمو
آيت 5
آسمانن ۽ زمين کي (پوريءَ) رِٿ سان بڻايائين، رات کي ڏينھن تي لپيٽيندو آھي ۽ ڏينھن کي رات تي لپيٽيندو آھي ۽ سج ۽ چنڊ کي تابع ڪيائين، ھر ھڪ ٺھرايل مُدّت تي ھلندو آھي، خبردار اُھو (ئي) غالب بخشڻھار آھي.
خَلَقَكُم مِّن نَّفْسٍ وَاحِدَةٍ ثُمَّ جَعَلَ مِنْهَا زَوْجَهَا وَأَنزَلَ لَكُم مِّنَ الْأَنْعَامِ ثَمَانِيَةَ أَزْوَاجٍ ۚ يَخْلُقُكُمْ فِي بُطُونِ أُمَّهَاتِكُمْ خَلْقًا مِّن بَعْدِ خَلْقٍ فِي ظُلُمَاتٍ ثَلَاثٍ ۚ ذَٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُمْ لَهُ الْمُلْكُ ۖ لَا إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ ۖ فَأَنَّىٰ تُصْرَفُونَ ٦
📖 ترجمو
آيت 6
اوھان کي ھڪ جيءَ مان بڻايائين وري منجھانئس سندس زال کي پيدا ڪيائين ۽ ڍورن مان اَٺ قسم اوھان لاءِ لاٿائين، اوھان کي اوھان کي مائن جي پيٽن ۾ ھڪ (قسم جي) بڻاوت کانپوءِ ٻئي (قسم جي) بڻاوت ٽن اونداھين ۾ پيدا ڪندو آھي، اُھو الله اوھان جو پالڻھار آھي اُن جي ئي (ساري) بادشاھي آھي، ان کانسواءِ ٻيو ڪو عبادت جو لائق نه آھي، پوءِ ڪيڏانھن ڦيرايا ويندا آھيو.
إِن تَكْفُرُوا فَإِنَّ اللَّهَ غَنِيٌّ عَنكُمْ ۖ وَلَا يَرْضَىٰ لِعِبَادِهِ الْكُفْرَ ۖ وَإِن تَشْكُرُوا يَرْضَهُ لَكُمْ ۗ وَلَا تَزِرُ وَازِرَةٌ وِزْرَ أُخْرَىٰ ۗ ثُمَّ إِلَىٰ رَبِّكُم مَّرْجِعُكُمْ فَيُنَبِّئُكُم بِمَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ ۚ إِنَّهُ عَلِيمٌ بِذَاتِ الصُّدُورِ ٧
📖 ترجمو
آيت 7
جيڪڏھن بي شُڪري ڪندؤ ته بيشڪ الله اوھان کان بي پرواھ آھي، ۽ پنھنجن ٻانھن جي بي شُڪريءَ کي پسند نه ڪندو آھي، ۽ جيڪڏھن شڪر ڪندؤ ته بيشڪ الله اوھان لاءِ اُن کي پسند ڪندو، ۽ ڪو بار کڻندڙ ٻئي جو بار نه کڻندو، وري اوھان جو موٽڻ پنھنجي پالڻھار ڏانھن آھي پوءِ جيڪي ڪندا ھئو تنھنجي اوھان کي سُڌ ڏيندو، بيشڪ اُھو سِينن وارو (ڳجھ) ڄاڻندڙ آھي.
۞ وَإِذَا مَسَّ الْإِنسَانَ ضُرٌّ دَعَا رَبَّهُ مُنِيبًا إِلَيْهِ ثُمَّ إِذَا خَوَّلَهُ نِعْمَةً مِّنْهُ نَسِيَ مَا كَانَ يَدْعُو إِلَيْهِ مِن قَبْلُ وَجَعَلَ لِلَّهِ أَندَادًا لِّيُضِلَّ عَن سَبِيلِهِ ۚ قُلْ تَمَتَّعْ بِكُفْرِكَ قَلِيلًا ۖ إِنَّكَ مِنْ أَصْحَابِ النَّارِ ٨
📖 ترجمو
آيت 8
۽ جڏھن ماڻھوءَ کي ڪو ڏک پھچندو آھي (تڏھن) پنھنجي پالڻھار کي ڏانھس ورندڙ ٿي سڏيندو آھي وري جڏھن پاڻ وٽان کيس ڪا نعمت بخشيندو آھي (تڏھن) جنھن (مطلب) لاءِ اڳ سڏيندو ھو تنھنکي وساريندو آھي ۽ الله لاءِ شريڪ مقرّر ڪندو آھي ته سندس واٽ کان (ماڻھن کي) ڀُلائي، (اي پيغمبر) چؤ ته (اي ڪافر) پنھنجي ڪُفر (جي حالت) ۾ ٿورو (وقت) نفعو وٺ، بيشڪ تون دوزخين مان آھين.
أَمَّنْ هُوَ قَانِتٌ آنَاءَ اللَّيْلِ سَاجِدًا وَقَائِمًا يَحْذَرُ الْآخِرَةَ وَيَرْجُو رَحْمَةَ رَبِّهِ ۗ قُلْ هَلْ يَسْتَوِي الَّذِينَ يَعْلَمُونَ وَالَّذِينَ لَا يَعْلَمُونَ ۗ إِنَّمَا يَتَذَكَّرُ أُولُو الْأَلْبَابِ ٩
📖 ترجمو
آيت 9
ڀلا جيڪو رات جي وقتن ۾ سجدو ڪندڙ ۽ بيھي عبادت ڪندڙ آھي آخرت (جي عذاب) کان ڊڄندو آھي ۽ پنھنجي پالڻھار جي رحمت جي اميد رکندو آھي (سو ڀَلو آھي يا اُھو بي شُڪر مُشرڪ؟)، (اي پيغمبر) چؤ ته سمجھ وارا ۽ بي سمجھ (پاڻ ۾) برابر ٿيندا ڇا؟ ڌيان وارا ئي نصيحت وٺندا آھن.
قُلْ يَا عِبَادِ الَّذِينَ آمَنُوا اتَّقُوا رَبَّكُمْ ۚ لِلَّذِينَ أَحْسَنُوا فِي هَٰذِهِ الدُّنْيَا حَسَنَةٌ ۗ وَأَرْضُ اللَّهِ وَاسِعَةٌ ۗ إِنَّمَا يُوَفَّى الصَّابِرُونَ أَجْرَهُم بِغَيْرِ حِسَابٍ ١٠
📖 ترجمو
آيت 10
چؤ ته اي منھنجا مُؤمن ٻانھؤ پنھنجي پالڻھار کان ڊڄو، جن ھن دُنيا ۾ چڱائي ڪئي تن ئي لاءِ (آخرت ۾) چڱائي آھي، ۽ الله جو مُلڪ ويڪرو آھي، رڳو صابرن کي سندن بدلو اَڻ کُٽ ڏبو.
قُلْ إِنِّي أُمِرْتُ أَنْ أَعْبُدَ اللَّهَ مُخْلِصًا لَّهُ الدِّينَ ١١
📖 ترجمو
آيت 11
(اي پيغمبر کين) چؤ ته بيشڪ مون کي حُڪم ٿيو آھي ته الله لاءِ (پنھنجي) عبادت خالص ڪري رڳو اُن جي عبادت ڪريان.
وَأُمِرْتُ لِأَنْ أَكُونَ أَوَّلَ الْمُسْلِمِينَ ١٢
📖 ترجمو
آيت 12
۽ مون کي حُڪم ٿيو آھي ته (سڀ کان) پھريون حُڪم مڃيندڙ (آءٌ) آھيان.
قُلْ إِنِّي أَخَافُ إِنْ عَصَيْتُ رَبِّي عَذَابَ يَوْمٍ عَظِيمٍ ١٣
📖 ترجمو
آيت 13
چؤ ته جيڪڏھن آءٌ پنھنجي پالڻھار جي نافرماني ڪريان ته بيشڪ آءٌ وڏي ڏينھن جي عذاب کان ڊڄان ٿو.
قُلِ اللَّهَ أَعْبُدُ مُخْلِصًا لَّهُ دِينِي ١٤
📖 ترجمو
آيت 14
چؤ ته پنھنجي عبادت الله لاءِ خالص ڪري فقط اُن جي عبادت ڪريان ٿو.
فَاعْبُدُوا مَا شِئْتُم مِّن دُونِهِ ۗ قُلْ إِنَّ الْخَاسِرِينَ الَّذِينَ خَسِرُوا أَنفُسَهُمْ وَأَهْلِيهِمْ يَوْمَ الْقِيَامَةِ ۗ أَلَا ذَٰلِكَ هُوَ الْخُسْرَانُ الْمُبِينُ ١٥
📖 ترجمو
آيت 15
پوءِ الله کانسواءِ جنھن کي (اوھين) گھرو تنھن کي پوڄيو، (کين) چؤ ته بيشڪ ڇيئي وارا اُھي آھن جن گمراھ ٿيڻ سبب پاڻ کي ۽ پنھنجي گھر وارن کي قيامت جي ڏينھن ڇيئي ۾ وڌو، خبردار اھوئي پڌرو ڇيئو آھي.
لَهُم مِّن فَوْقِهِمْ ظُلَلٌ مِّنَ النَّارِ وَمِن تَحْتِهِمْ ظُلَلٌ ۚ ذَٰلِكَ يُخَوِّفُ اللَّهُ بِهِ عِبَادَهُ ۚ يَا عِبَادِ فَاتَّقُونِ ١٦
📖 ترجمو
آيت 16
سندن مٿان باھ جون ڇٽيون ۽ سندن ھيٺان به (اھڙا) وڇاڻا ھوندا، اِھو (عذاب) آھي جنھن کان الله پنھنجن ٻانھن کي ڊيڄاري ٿو، تنھنڪري اي منھنجا ٻانھؤ مون کان ڊڄو.
وَالَّذِينَ اجْتَنَبُوا الطَّاغُوتَ أَن يَعْبُدُوهَا وَأَنَابُوا إِلَى اللَّهِ لَهُمُ الْبُشْرَىٰ ۚ فَبَشِّرْ عِبَادِ ١٧
📖 ترجمو
آيت 17
۽ جن (ماڻھن) بتن جي پوڄا ڪرڻ کان پاسو ڪيو ۽ الله ڏانھن وريا تن لاءِ خوشخبري آھي.
الَّذِينَ يَسْتَمِعُونَ الْقَوْلَ فَيَتَّبِعُونَ أَحْسَنَهُ ۚ أُولَٰئِكَ الَّذِينَ هَدَاهُمُ اللَّهُ ۖ وَأُولَٰئِكَ هُمْ أُولُو الْأَلْبَابِ ١٨
📖 ترجمو
آيت 18
پوءِ (اي پيغمبر) منجھن اُنھن ٻانھن کي خوشخبري ڏي جيڪي ڳالھ ٻڌندا آھن. پوءِ اُن مان تمام چڱيءَ تي ھلندا آھن، اِھي (اُھي) آھن جن کي الله ھدايت ڪئي آھي ۽ اھي ئي ڌيان وارا آھن.
أَفَمَنْ حَقَّ عَلَيْهِ كَلِمَةُ الْعَذَابِ أَفَأَنتَ تُنقِذُ مَن فِي النَّارِ ١٩
📖 ترجمو
آيت 19
ڀلا جنھن تي عذاب جو حُڪم ثابت ٿيو (سو بچي سگھندو ڇا؟)، تون باھ ۾ پيل کي ڇڏائي سگھندين ڇا؟
لَٰكِنِ الَّذِينَ اتَّقَوْا رَبَّهُمْ لَهُمْ غُرَفٌ مِّن فَوْقِهَا غُرَفٌ مَّبْنِيَّةٌ تَجْرِي مِن تَحْتِهَا الْأَنْهَارُ ۖ وَعْدَ اللَّهِ ۖ لَا يُخْلِفُ اللَّهُ الْمِيعَادَ ٢٠
📖 ترجمو
آيت 20
پر جيڪي پنھنجي پالڻھار کان ڊنا تن لاءِ ماڙيون آھن اُنھن جي مٿان (ٻيون) ماڙيون اڏيليون آھن انھن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن، الله (اِھو) انجام ڪيو آھي، الله انجام نه ڦيرائيندو آھي.
أَلَمْ تَرَ أَنَّ اللَّهَ أَنزَلَ مِنَ السَّمَاءِ مَاءً فَسَلَكَهُ يَنَابِيعَ فِي الْأَرْضِ ثُمَّ يُخْرِجُ بِهِ زَرْعًا مُّخْتَلِفًا أَلْوَانُهُ ثُمَّ يَهِيجُ فَتَرَاهُ مُصْفَرًّا ثُمَّ يَجْعَلُهُ حُطَامًا ۚ إِنَّ فِي ذَٰلِكَ لَذِكْرَىٰ لِأُولِي الْأَلْبَابِ ٢١
📖 ترجمو
آيت 21
نه ڏٺو اٿيئي ڇا ته الله آسمان کان پاڻي وسايو پوءِ اُن کي زمين جي چشمن ۾ وھايائين وري اُن سان ڀاتين ڀاتين رنگ جي پوک ڄمائيندو آھي وري سُڪي ويندي آھي پوءِ اُن کي زرد ٿيل ڏسندو آھين وري اُن کي ذرا ذرا ڪندو آھي، بيشڪ اُن ۾ ڌيان وارن لاءِ نصيحت آھي.
أَفَمَن شَرَحَ اللَّهُ صَدْرَهُ لِلْإِسْلَامِ فَهُوَ عَلَىٰ نُورٍ مِّن رَّبِّهِ ۚ فَوَيْلٌ لِّلْقَاسِيَةِ قُلُوبُهُم مِّن ذِكْرِ اللَّهِ ۚ أُولَٰئِكَ فِي ضَلَالٍ مُّبِينٍ ٢٢
📖 ترجمو
آيت 22
ڀلا جنھن جو سينو (دين) اسلام لاءِ الله کوليو آھي ۽ اُھو پنھنجي پالڻھار جي (نُور جي سوجھري) تي ھجي (سو سخت دل وارن ڪافرن جھڙو ٿيندو ڇا؟)، پوءِ اُنھن لاءِ ويل آھي جن جون دليون الله جي ياد ڪرڻ کان سخت (ٿيون) آھن، اِھي پڌريءَ گمراھي ۾ آھن.
اللَّهُ نَزَّلَ أَحْسَنَ الْحَدِيثِ كِتَابًا مُّتَشَابِهًا مَّثَانِيَ تَقْشَعِرُّ مِنْهُ جُلُودُ الَّذِينَ يَخْشَوْنَ رَبَّهُمْ ثُمَّ تَلِينُ جُلُودُهُمْ وَقُلُوبُهُمْ إِلَىٰ ذِكْرِ اللَّهِ ۚ ذَٰلِكَ هُدَى اللَّهِ يَهْدِي بِهِ مَن يَشَاءُ ۚ وَمَن يُضْلِلِ اللَّهُ فَمَا لَهُ مِنْ هَادٍ ٢٣
📖 ترجمو
آيت 23
الله تمام چڱي ڳالھ (يعني) اھڙو ڪتاب نازل ڪيو جو ھڪ ٻئي جھڙا (سندس مضمون دُھرايل آھن اُن جي ٻڌڻ) کان اُنھن (ماڻھن) جون کَلون ڪانڊاربيون آھن جيڪي پنھنجي پالڻھار کان ڊڄندا آھن، وري سندين کَلون ۽ سندين دليون الله جي ياد ڪرڻ تي ڪنئريون ٿينديون آھن، اِھا الله جي ھدايت آھي جنھن کي گھري (تنھن کي) اُن سان واٽ ڏيکاري ٿو، ۽ جنھن کي الله گمراھ ڪري تنھن کي ڪو ھدايت ڪندڙ ڪونھي.
أَفَمَن يَتَّقِي بِوَجْهِهِ سُوءَ الْعَذَابِ يَوْمَ الْقِيَامَةِ ۚ وَقِيلَ لِلظَّالِمِينَ ذُوقُوا مَا كُنتُمْ تَكْسِبُونَ ٢٤
📖 ترجمو
آيت 24
ڀلا جيڪو قيامت جي ڏينھن پنھنجي مُنھن سان بڇڙي عذاب کي روڪي ٿو (سو ڇٽل جي برابر ٿيندو ڇا؟)، ۽ ظالمن کي چئبو ته جيڪي ڪندا ھيؤ (تنھنجي سزا) چڱو.
كَذَّبَ الَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ فَأَتَاهُمُ الْعَذَابُ مِنْ حَيْثُ لَا يَشْعُرُونَ ٢٥
📖 ترجمو
آيت 25
جيڪي کانئن اڳ ھوا تن به ڪوڙ ڀانيو (ھو) پوءِ وٽن اُتان عذاب پھتو جتان ڄاڻندا ئي نه ھوا.
فَأَذَاقَهُمُ اللَّهُ الْخِزْيَ فِي الْحَيَاةِ الدُّنْيَا ۖ وَلَعَذَابُ الْآخِرَةِ أَكْبَرُ ۚ لَوْ كَانُوا يَعْلَمُونَ ٢٦
📖 ترجمو
آيت 26
پوءِ الله کين دنيا جي حياتيءَ ۾ خواري چکائي، ۽ بيشڪ آخرت جو عذاب (ته) تمام وڏو آھي، جيڪڏھن (اھا ڳالھ) ڄاڻن ھا (ته پاڻ کي عذاب کان بچائين ھا).
وَلَقَدْ ضَرَبْنَا لِلنَّاسِ فِي هَٰذَا الْقُرْآنِ مِن كُلِّ مَثَلٍ لَّعَلَّهُمْ يَتَذَكَّرُونَ ٢٧
📖 ترجمو
آيت 27
۽ بيشڪ ماڻھن لاءِ ھن قرآن ۾ ھر قسم جا مثال بيان ڪياسون ته مانَ اُھي نصيحت وٺن.
قُرْآنًا عَرَبِيًّا غَيْرَ ذِي عِوَجٍ لَّعَلَّهُمْ يَتَّقُونَ ٢٨
📖 ترجمو
آيت 28
قرآن عربي (ٻوليءَ ۾) بي عيب (نازل ڪيوسون) ته مانَ اُھي ڊڄن.
ضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا رَّجُلًا فِيهِ شُرَكَاءُ مُتَشَاكِسُونَ وَرَجُلًا سَلَمًا لِّرَجُلٍ هَلْ يَسْتَوِيَانِ مَثَلًا ۚ الْحَمْدُ لِلَّهِ ۚ بَلْ أَكْثَرُهُمْ لَا يَعْلَمُونَ ٢٩
📖 ترجمو
آيت 29
الله مثال بيان ٿو ڪري ھڪ ٻانھو جنھن ۾ (گھڻا) بد مزاج (مالڪ) ڀائيوار آھن ۽ (ٻيو) ٻانھو خلاصو ھڪڙي ماڻھوءَ جي ملڪيت آھي مثال ۾ اھي ٻئي (ٻانھا) برابر ٿيندا ڇا؟ سڀ ساراھ الله کي ئي جُڳائي، پر انھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن.
إِنَّكَ مَيِّتٌ وَإِنَّهُم مَّيِّتُونَ ٣٠
📖 ترجمو
آيت 30
(اي پيغمبر) بيشڪ تون (به) مرندين ۽ بيشڪ اُھي (به) مرندا.
ثُمَّ إِنَّكُمْ يَوْمَ الْقِيَامَةِ عِندَ رَبِّكُمْ تَخْتَصِمُونَ ٣١
📖 ترجمو
آيت 31
وري بيشڪ اوھين قيامت جي ڏينھن پنھنجي پالڻھار وٽ پاڻ ۾ جھڳڙو ڪندؤ.
۞ فَمَنْ أَظْلَمُ مِمَّن كَذَبَ عَلَى اللَّهِ وَكَذَّبَ بِالصِّدْقِ إِذْ جَاءَهُ ۚ أَلَيْسَ فِي جَهَنَّمَ مَثْوًى لِّلْكَافِرِينَ ٣٢
📖 ترجمو
آيت 32
پوءِ اُن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي جنھن الله تي ڪوڙ ٺاھيو ۽ جڏھن سچو دين وٽس آيو (تڏھن) اُن کي ڪوڙ ڄاتائين، ڪافرن جي جاءِ دوزخ ۾ نه آھي ڇا؟
وَالَّذِي جَاءَ بِالصِّدْقِ وَصَدَّقَ بِهِ ۙ أُولَٰئِكَ هُمُ الْمُتَّقُونَ ٣٣
📖 ترجمو
آيت 33
۽ جنھن سچو دين آندو ۽ (جنھن) کيس سَچو ڄاتو اِھي ئي پرھيزگار آھن.
لَهُم مَّا يَشَاءُونَ عِندَ رَبِّهِمْ ۚ ذَٰلِكَ جَزَاءُ الْمُحْسِنِينَ ٣٤
📖 ترجمو
آيت 34
جيڪي گھرندا سو انھن لاءِ سندن پالڻھار وٽ آھي، ڀلارن جو بدلو اِھو آھي.
لِيُكَفِّرَ اللَّهُ عَنْهُمْ أَسْوَأَ الَّذِي عَمِلُوا وَيَجْزِيَهُمْ أَجْرَهُم بِأَحْسَنِ الَّذِي كَانُوا يَعْمَلُونَ ٣٥
📖 ترجمو
آيت 35
ته جيڪي بڇڙا ڪم ڪيائون سي الله کانئن ميٽي ۽ جيڪي چڱا ڪم ڪندا ھوا تن بابت سندن (چڱو) اُجورو کين بدلي ۾ ڏئي.
أَلَيْسَ اللَّهُ بِكَافٍ عَبْدَهُ ۖ وَيُخَوِّفُونَكَ بِالَّذِينَ مِن دُونِهِ ۚ وَمَن يُضْلِلِ اللَّهُ فَمَا لَهُ مِنْ هَادٍ ٣٦
📖 ترجمو
آيت 36
الله پنھنجي ٻانھي (ﷴؐ) کي ڪافي نه آھي ڇا؟ ۽ الله کانسواءِ جيڪي (ٻيا) آھن تن کان توکي ڊيڄاريندا آھن، ۽ جنھن کي الله ڀُلائي تنھن کي ڪو ھدايت ڪرڻ وارو نه آھي.
وَمَن يَهْدِ اللَّهُ فَمَا لَهُ مِن مُّضِلٍّ ۗ أَلَيْسَ اللَّهُ بِعَزِيزٍ ذِي انتِقَامٍ ٣٧
📖 ترجمو
آيت 37
۽ جنھن کي الله ھدايت ڪري تنھن کي ڪو ڀلائڻ وارو نه آھي، الله غالب بدلي وٺڻ وارو نه آھي ڇا؟
وَلَئِن سَأَلْتَهُم مَّنْ خَلَقَ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضَ لَيَقُولُنَّ اللَّهُ ۚ قُلْ أَفَرَأَيْتُم مَّا تَدْعُونَ مِن دُونِ اللَّهِ إِنْ أَرَادَنِيَ اللَّهُ بِضُرٍّ هَلْ هُنَّ كَاشِفَاتُ ضُرِّهِ أَوْ أَرَادَنِي بِرَحْمَةٍ هَلْ هُنَّ مُمْسِكَاتُ رَحْمَتِهِ ۚ قُلْ حَسْبِيَ اللَّهُ ۖ عَلَيْهِ يَتَوَكَّلُ الْمُتَوَكِّلُونَ ٣٨
📖 ترجمو
آيت 38
(اي پيغمبر) جيڪڏھن کانئن پُڇين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنھن بڻايو آھي؟ ته ضرور چوندا ته الله، (پوءِ کين) چؤ ته الله کانسواءِ جن کي سڏيندا آھيو تن کي ڏسو (ته سھي) جيڪڏھن الله مون کي ڪا سختي (پھچائڻ) گھري ته اِھي اُن جي (پھچايل) سختيءَ جي لاھڻ وارا آھن ڇا؟ يا مون کي ڪو سُک (پھچائڻ) گھري ته اِھي (بُت) سندس (پھچايل) سُک جي بند ڪرڻ وارا آھن ڇا؟ (تون کين) چؤ ته مون کي الله ڪافي آھي، ڀروسي ڪندڙ مٿس (ئي) ڀروسو ڪندا آھن.
قُلْ يَا قَوْمِ اعْمَلُوا عَلَىٰ مَكَانَتِكُمْ إِنِّي عَامِلٌ ۖ فَسَوْفَ تَعْلَمُونَ ٣٩
📖 ترجمو
آيت 39
(کين) چؤ ته اي منھنجي قوم اوھين پنھنجي جاءِ عمل ڪريو بيشڪ آءٌ (به پنھنجي جاءِ) عمل ڪندڙ آھيان، پوءِ سِگھوئي ڄاڻندؤ.
مَن يَأْتِيهِ عَذَابٌ يُخْزِيهِ وَيَحِلُّ عَلَيْهِ عَذَابٌ مُّقِيمٌ ٤٠
📖 ترجمو
آيت 40
ته ڪنھن تي (اُھو) عذاب اچي ٿو جو کيس خوار ڪندو ۽ مٿس ھميشه جو عذاب لھي ٿو.
إِنَّا أَنزَلْنَا عَلَيْكَ الْكِتَابَ لِلنَّاسِ بِالْحَقِّ ۖ فَمَنِ اهْتَدَىٰ فَلِنَفْسِهِ ۖ وَمَن ضَلَّ فَإِنَّمَا يَضِلُّ عَلَيْهَا ۖ وَمَا أَنتَ عَلَيْهِم بِوَكِيلٍ ٤١
📖 ترجمو
آيت 41
بيشڪ اسان توتي ڪتاب ماڻھن لاءِ سچ سان لاٿو، پوءِ جيڪو ھدايت وارو ٿيو سو خاص پنھنجي (فائدي) لاءِ، ۽ جيڪو گُمراھ ٿيو سو رڳو پنھنجي (نقصان) لاءِ گُمراھ ٿئي ٿو، ۽ تون مٿن ڪو ذمي وار نه آھين.
اللَّهُ يَتَوَفَّى الْأَنفُسَ حِينَ مَوْتِهَا وَالَّتِي لَمْ تَمُتْ فِي مَنَامِهَا ۖ فَيُمْسِكُ الَّتِي قَضَىٰ عَلَيْهَا الْمَوْتَ وَيُرْسِلُ الْأُخْرَىٰ إِلَىٰ أَجَلٍ مُّسَمًّى ۚ إِنَّ فِي ذَٰلِكَ لَآيَاتٍ لِّقَوْمٍ يَتَفَكَّرُونَ ٤٢
📖 ترجمو
آيت 42
الله ماڻھن جا رُوح سندن مرڻ جي مھل ڪڍندو آھي ۽ جيڪو نه مُئو آھي (تنھن جو روح) سندس ننڊ (جي حالت) ۾ (ڪڍندو آھي)، پوءِ جنھن تي موت جو حُڪم ڪيو اٿس تنھن کي جھليندو آھي ۽ اُن ٻئي کي ھڪ مُقرر مُدّت تائين ڇڏيندو آھي، بيشڪ ھن ۾ ماڻھن لاءِ نشانيون آھن جيڪي ڌيان ڪندا آھن.
أَمِ اتَّخَذُوا مِن دُونِ اللَّهِ شُفَعَاءَ ۚ قُلْ أَوَلَوْ كَانُوا لَا يَمْلِكُونَ شَيْئًا وَلَا يَعْقِلُونَ ٤٣
📖 ترجمو
آيت 43
الله کانسواءِ ٻيا شفاعت ڪرڻ وارا ورتا اٿن ڇا؟ (کين) چؤ ته جيتوڻيڪ اُھي نڪي ڪجھ اختيار رکندا ھجن ۽ نڪي سمجھندا ھجن (ته به شفاعت ڪندا ڇا؟).
قُل لِّلَّهِ الشَّفَاعَةُ جَمِيعًا ۖ لَّهُ مُلْكُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ ۖ ثُمَّ إِلَيْهِ تُرْجَعُونَ ٤٤
📖 ترجمو
آيت 44
(کين) چؤ ته سڀ شفاعت الله جي وس آھي، آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي ان جي آھي، (اوھين) وري ڏانھس موٽائبؤ.
وَإِذَا ذُكِرَ اللَّهُ وَحْدَهُ اشْمَأَزَّتْ قُلُوبُ الَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ بِالْآخِرَةِ ۖ وَإِذَا ذُكِرَ الَّذِينَ مِن دُونِهِ إِذَا هُمْ يَسْتَبْشِرُونَ ٤٥
📖 ترجمو
آيت 45
۽ جڏھن اڪيلي الله (جي نالي) کي ياد ڪبو آھي (تڏھن) جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن تن جون دليون ٽھنديون آھن، جڏھن الله کانسواءِ ٻـين کي ياد ڪبو آھي تڏھن اُنھيءَ ئي مھل اُھي سَرھا ٿيندا آھن.
قُلِ اللَّهُمَّ فَاطِرَ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ عَالِمَ الْغَيْبِ وَالشَّهَادَةِ أَنتَ تَحْكُمُ بَيْنَ عِبَادِكَ فِي مَا كَانُوا فِيهِ يَخْتَلِفُونَ ٤٦
📖 ترجمو
آيت 46
(اي پيغمبر) چؤ ته اي الله آسمانن ۽ زمين جا پيدا ڪندڙ ڳجھ ۽ ظاھر ڄاڻندڙ تون ئي پنھنجن ٻانھن جي وچ ۾ جنھن (ڳالھ) بابت (اُھي) جھڳڙو ڪندا رھيا (تنھن بابت) نبيرو ڪندين.
وَلَوْ أَنَّ لِلَّذِينَ ظَلَمُوا مَا فِي الْأَرْضِ جَمِيعًا وَمِثْلَهُ مَعَهُ لَافْتَدَوْا بِهِ مِن سُوءِ الْعَذَابِ يَوْمَ الْقِيَامَةِ ۚ وَبَدَا لَهُم مِّنَ اللَّهِ مَا لَمْ يَكُونُوا يَحْتَسِبُونَ ٤٧
📖 ترجمو
آيت 47
۽ جيڪي زمين ۾ سڀئي مال آھي سو ۽ اُن جيترو ٻيو ساڻس جيڪڏھن ظالمن کي ھجي ته جيڪر اُھو قيامت جي ڏينھن بڇڙي عذاب کان (بچڻ لاءِ) بدلو ڏئي چڪن، ۽ الله جي طرف کان اھڙو (معاملو) انھن کي پڌرو ٿيندو جنھنجو گُمان (ئي) نه رکندا ھوا.
وَبَدَا لَهُمْ سَيِّئَاتُ مَا كَسَبُوا وَحَاقَ بِهِم مَّا كَانُوا بِهِ يَسْتَهْزِئُونَ ٤٨
📖 ترجمو
آيت 48
۽ جيڪي بڇڙايون ڪمايون ھوائون سي انھن کي پڌريون ٿينديون ۽ جنھن (سزا) جون ٺـٺوليون ڪندا ھوا سا کين ويڙھي ويندي.
فَإِذَا مَسَّ الْإِنسَانَ ضُرٌّ دَعَانَا ثُمَّ إِذَا خَوَّلْنَاهُ نِعْمَةً مِّنَّا قَالَ إِنَّمَا أُوتِيتُهُ عَلَىٰ عِلْمٍ ۚ بَلْ هِيَ فِتْنَةٌ وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَهُمْ لَا يَعْلَمُونَ ٤٩
📖 ترجمو
آيت 49
پوءِ جڏھن ماڻھوءَ کي ڪا اوکائي پھچندي آھي (تڏھن) اسان کي سڏيندو آھي، وري جڏھن اُن کي پاڻ وٽان ڪا نعمت ڏيندا آھيون (تڏھن) چوندو آھي ته اُھا رڳو پنھنجي سمجھ سان (جا مون ۾ آھي) مون کي ڏني وئي آھي، (ايئن نه آھي) بلڪ اُھا (نعمت) پرک آھي پر اُنھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن.
قَدْ قَالَهَا الَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ فَمَا أَغْنَىٰ عَنْهُم مَّا كَانُوا يَكْسِبُونَ ٥٠
📖 ترجمو
آيت 50
بيشڪ کانئن اڳين (به) اِھا (ڳالھ) چئي ھئي پوءِ جيڪي (ڪرتوت) ڪيائون ٿي تن کانئن ڪجھ به (مُصيبت) نه ٽاري.
فَأَصَابَهُمْ سَيِّئَاتُ مَا كَسَبُوا ۚ وَالَّذِينَ ظَلَمُوا مِنْ هَٰؤُلَاءِ سَيُصِيبُهُمْ سَيِّئَاتُ مَا كَسَبُوا وَمَا هُم بِمُعْجِزِينَ ٥١
📖 ترجمو
آيت 51
پوءِ جيڪي ڪمايائون تنھنجون بڇڙايون کين پھتيون، ۽ ھنن مان (به) جيڪي ظالم آھن تن جيڪي ڪمايائون تنھنجون بڇڙايون کين سِگھوئي پھچنديون ۽ اُھي عاجز ڪرڻ وارا نه آھن.
أَوَلَمْ يَعْلَمُوا أَنَّ اللَّهَ يَبْسُطُ الرِّزْقَ لِمَن يَشَاءُ وَيَقْدِرُ ۚ إِنَّ فِي ذَٰلِكَ لَآيَاتٍ لِّقَوْمٍ يُؤْمِنُونَ ٥٢
📖 ترجمو
آيت 52
نه ڄاتو اٿن ڇا ته الله جنھن لاءِ گھرندو آھي (تَنھنجو) رزق ڪُشادو ڪندو آھي ۽ (جنھن لاءِ گھرندو آھي تَنھنجو) گھٽ ڪندو آھي، بيشڪ ھن (ڪم) ۾ اُنھن ماڻھن لاءِ نشانيون آھن جيڪي ايمان آڻيندا آھن.
۞ قُلْ يَا عِبَادِيَ الَّذِينَ أَسْرَفُوا عَلَىٰ أَنفُسِهِمْ لَا تَقْنَطُوا مِن رَّحْمَةِ اللَّهِ ۚ إِنَّ اللَّهَ يَغْفِرُ الذُّنُوبَ جَمِيعًا ۚ إِنَّهُ هُوَ الْغَفُورُ الرَّحِيمُ ٥٣
📖 ترجمو
آيت 53
(منھنجي طرفان اُنھن کي) چؤ ته اي منھنجا اُھي ٻانھؤ جن پاڻ تي ظلم ڪيو (اوھين) الله جي ٻاجھ کان نا اُميد نه ٿيو، ڇوته الله سڀ گناھ بخشيندو آھي، بيشڪ اُھوئي بخشڻھار مھربان آھي.
وَأَنِيبُوا إِلَىٰ رَبِّكُمْ وَأَسْلِمُوا لَهُ مِن قَبْلِ أَن يَأْتِيَكُمُ الْعَذَابُ ثُمَّ لَا تُنصَرُونَ ٥٤
📖 ترجمو
آيت 54
۽ پنھنجي پالڻھار ڏانھ ورو ۽ اُن کان اڳي سندس فرمانبردار ٿيو جو اوھان وٽ عذاب اچي (۽) وري مدد نه ڏنا ويندؤ.
وَاتَّبِعُوا أَحْسَنَ مَا أُنزِلَ إِلَيْكُم مِّن رَّبِّكُم مِّن قَبْلِ أَن يَأْتِيَكُمُ الْعَذَابُ بَغْتَةً وَأَنتُمْ لَا تَشْعُرُونَ ٥٥
📖 ترجمو
آيت 55
۽ اوھان جي پالڻھار کان اوھان ڏانھن جيڪا بلڪل چڱي شيء نازل ڪئي وئي آھي تنھن جي اُنھيءَ کان اڳ تابعداري ڪريو جو اوھان وٽ اوچتو عذاب اچي ۽ اوھين بي خبر ھجو.
أَن تَقُولَ نَفْسٌ يَا حَسْرَتَا عَلَىٰ مَا فَرَّطتُ فِي جَنبِ اللَّهِ وَإِن كُنتُ لَمِنَ السَّاخِرِينَ ٥٦
📖 ترجمو
آيت 56
(انھيءَ ڪري خُداءِ ڏانھن مھاڙ ڪريو ۽ قرآن جي تابعداري ڪريو) ته متان پوءِ ڪوبه جيءُ چوي ته ھيءَ ارمان جو الله جي دين ۾ سُستي ڪيم ۽ بيشڪ (آءٌ ته) ٺـٺوليون ڪرڻ وارن مان ھوس.
أَوْ تَقُولَ لَوْ أَنَّ اللَّهَ هَدَانِي لَكُنتُ مِنَ الْمُتَّقِينَ ٥٧
📖 ترجمو
آيت 57
يا چوي ته جيڪڏھن الله مون کي ھدايت ڪري ھا ته ضرور پرھيزگارن مان ٿيان ھا.
أَوْ تَقُولَ حِينَ تَرَى الْعَذَابَ لَوْ أَنَّ لِي كَرَّةً فَأَكُونَ مِنَ الْمُحْسِنِينَ ٥٨
📖 ترجمو
آيت 58
يا جڏھن عذاب ڏسي (تڏھن) چوي ته جي منھنجو ٻيو ڀيرو (دنيا ۾ وڃڻ) ٿئي ته جيڪر ڀلارن مان ٿيان.
بَلَىٰ قَدْ جَاءَتْكَ آيَاتِي فَكَذَّبْتَ بِهَا وَاسْتَكْبَرْتَ وَكُنتَ مِنَ الْكَافِرِينَ ٥٩
📖 ترجمو
آيت 59
(چئبس ته) ھائو! بيشڪ تو وٽ منھنجون نشانيون آيون ھيون پوءِ اُنھن کي ڪُوڙو ڄاتئي ۽ وڏائي ڪيئي ۽ ڪافرن مان ٿيئن.
وَيَوْمَ الْقِيَامَةِ تَرَى الَّذِينَ كَذَبُوا عَلَى اللَّهِ وُجُوهُهُم مُّسْوَدَّةٌ ۚ أَلَيْسَ فِي جَهَنَّمَ مَثْوًى لِّلْمُتَكَبِّرِينَ ٦٠
📖 ترجمو
آيت 60
۽ قيامت جي ڏينھن تون انھن کي ڏسندين جن الله تي ڪوڙ ٻَڌو ته سندن مُنھن ڪارا ٿيل ھوندا، وڏائي ڪندڙن جي جاءِ دوزخ ۾ نه آھي ڇا؟
وَيُنَجِّي اللَّهُ الَّذِينَ اتَّقَوْا بِمَفَازَتِهِمْ لَا يَمَسُّهُمُ السُّوءُ وَلَا هُمْ يَحْزَنُونَ ٦١
📖 ترجمو
آيت 61
۽ جن پرھيزگاري ڪئي تن کي الله سندن ڇوٽڪاري جي ھنڌ ۾ (دوزخ کان) بچائي پھچائيندو، نڪي کين ڪا مدائي پھچندي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا.
اللَّهُ خَالِقُ كُلِّ شَيْءٍ ۖ وَهُوَ عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ وَكِيلٌ ٦٢
📖 ترجمو
آيت 62
الله (ئي) سڀڪنھن شيء جو خلقيندڙ آھي، ۽ اُھو سڀڪنھن شي جي سنڀال ڪندڙ آھي.
لَّهُ مَقَالِيدُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ ۗ وَالَّذِينَ كَفَرُوا بِآيَاتِ اللَّهِ أُولَٰئِكَ هُمُ الْخَاسِرُونَ ٦٣
📖 ترجمو
آيت 63
آسمانن ۽ زمين جون ڪُنجيون انھي ئي وٽ آھن، ۽ جن الله جي نشانين جو انڪار ڪيو اُھي ئي ڇيئي وارا آھن.
قُلْ أَفَغَيْرَ اللَّهِ تَأْمُرُونِّي أَعْبُدُ أَيُّهَا الْجَاهِلُونَ ٦٤
📖 ترجمو
آيت 64
چؤ ته اي بي عقلؤ مون کي (ھي) ڏسيندا آھيو ڇا ته الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن جي عبادت ڪريان.
وَلَقَدْ أُوحِيَ إِلَيْكَ وَإِلَى الَّذِينَ مِن قَبْلِكَ لَئِنْ أَشْرَكْتَ لَيَحْبَطَنَّ عَمَلُكَ وَلَتَكُونَنَّ مِنَ الْخَاسِرِينَ ٦٥
📖 ترجمو
آيت 65
۽ (اي پيغمبر) بيشڪ توڏانھن وحي ڪيو ويو ۽ جيڪي توکان اڳ (ٻيا پيغمبر) ھوا تن (ھر ھڪ) ڏانھن (به) ته جيڪڏھن (الله سان ڪو) شريڪ مقرر ڪندين ته تنھنجا عمل ضرور ناس ٿيندا ۽ ضرور ڇيئي وارن مان ٿيندين.
بَلِ اللَّهَ فَاعْبُدْ وَكُن مِّنَ الشَّاكِرِينَ ٦٦
📖 ترجمو
آيت 66
(نه!) بلڪ رڳو الله جي عبادت ڪر ۽ شُڪر ڪرڻ وارن مان ھُج.
وَمَا قَدَرُوا اللَّهَ حَقَّ قَدْرِهِ وَالْأَرْضُ جَمِيعًا قَبْضَتُهُ يَوْمَ الْقِيَامَةِ وَالسَّمَاوَاتُ مَطْوِيَّاتٌ بِيَمِينِهِ ۚ سُبْحَانَهُ وَتَعَالَىٰ عَمَّا يُشْرِكُونَ ٦٧
📖 ترجمو
آيت 67
۽ (اُنھن) الله کي جئين سندس ڄاڻڻ جو حق آھي (تئين) نه سڃاتو، ۽ قيامت جي ڏينھن ساري زمين سندس مُٺ ۾ ھوندي ۽ آسمان سندس سڄي ھٿ ۾ ويڙھيل ھوندا، اُھو پاڪ آھي ۽ اُنھيءَ کان مٿاھون آھي جيڪي ساڻس شريڪ ٺھرائيندا آھن.
وَنُفِخَ فِي الصُّورِ فَصَعِقَ مَن فِي السَّمَاوَاتِ وَمَن فِي الْأَرْضِ إِلَّا مَن شَاءَ اللَّهُ ۖ ثُمَّ نُفِخَ فِيهِ أُخْرَىٰ فَإِذَا هُمْ قِيَامٌ يَنظُرُونَ ٦٨
📖 ترجمو
آيت 68
۽ (پھريون ڀيرو) صُور ۾ ڦوڪيو ويندو پوءِ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪو زمين ۾ آھي سو (سڀڪو) مرندو پر جنھن لاءِ الله گھريو (سو نه)، وري اُن ۾ ٻيو ڀيرو ڦوڪبو ته اُمالڪ کڙا ٿي (پيا) ڏسندا.
وَأَشْرَقَتِ الْأَرْضُ بِنُورِ رَبِّهَا وَوُضِعَ الْكِتَابُ وَجِيءَ بِالنَّبِيِّينَ وَالشُّهَدَاءِ وَقُضِيَ بَيْنَهُم بِالْحَقِّ وَهُمْ لَا يُظْلَمُونَ ٦٩
📖 ترجمو
آيت 69
۽ زمين پنھنجي پالڻھار جي نُور سان روشن ٿيندي ۽ (عملن جو) ڪتاب رکبو ۽ پيغمبرن ۽ شاھدن کي آڻبو ۽ سندن وچ ۾ حق سان نبيرو ڪبو ۽ اُنھن تي ظلم نه ڪبو.
وَوُفِّيَتْ كُلُّ نَفْسٍ مَّا عَمِلَتْ وَهُوَ أَعْلَمُ بِمَا يَفْعَلُونَ ٧٠
📖 ترجمو
آيت 70
سڀڪنھن ماڻھوءَ جيڪي ڪمايو تنھنجو پورو بدلو کيس ڏبو ۽ جيڪي ڪندا آھن تنھن کي الله ڄاڻندو آھي.
وَسِيقَ الَّذِينَ كَفَرُوا إِلَىٰ جَهَنَّمَ زُمَرًا ۖ حَتَّىٰ إِذَا جَاءُوهَا فُتِحَتْ أَبْوَابُهَا وَقَالَ لَهُمْ خَزَنَتُهَا أَلَمْ يَأْتِكُمْ رُسُلٌ مِّنكُمْ يَتْلُونَ عَلَيْكُمْ آيَاتِ رَبِّكُمْ وَيُنذِرُونَكُمْ لِقَاءَ يَوْمِكُمْ هَٰذَا ۚ قَالُوا بَلَىٰ وَلَٰكِنْ حَقَّتْ كَلِمَةُ الْعَذَابِ عَلَى الْكَافِرِينَ ٧١
📖 ترجمو
آيت 71
۽ ڪافرن کي ٽوليون ٽوليون ڪري دوزخ ڏانھن ھڪالبو، تان جو جڏھن اُن وٽ پھچندا (تڏھن) اُن جا دروازا کولبا ۽ اُن جا داروغا کين چوندا ته اوھان مان اوھان وٽ ڪي پيغمبر نه آيا ھوا ڇا؟ جو اوھان کي اوھان جي پالڻھار جون آيتون پڙھي ٻڌائين ۽ اوھان کي ھن ڏينھن جي پيش اچڻ کان ڊيڄارين، چوندا ته ھائو (آيا ھوا ڊيڄاريو به ھوائون) پر ڪافرن تي عذاب جو حُڪم ثابت ٿيو.
قِيلَ ادْخُلُوا أَبْوَابَ جَهَنَّمَ خَالِدِينَ فِيهَا ۖ فَبِئْسَ مَثْوَى الْمُتَكَبِّرِينَ ٧٢
📖 ترجمو
آيت 72
(پوءِ انھن کي) چئبو ته دوزخ جي دروازن مان گھڙو منجھس سدائين رھندڙ آھيو، پوءِ وڏائي ڪندڙن جي جاءِ بڇڙي آھي.
وَسِيقَ الَّذِينَ اتَّقَوْا رَبَّهُمْ إِلَى الْجَنَّةِ زُمَرًا ۖ حَتَّىٰ إِذَا جَاءُوهَا وَفُتِحَتْ أَبْوَابُهَا وَقَالَ لَهُمْ خَزَنَتُهَا سَلَامٌ عَلَيْكُمْ طِبْتُمْ فَادْخُلُوهَا خَالِدِينَ ٧٣
📖 ترجمو
آيت 73
۽ جيڪي پنھنجي پالڻھار کان ڊنا سي ٽوليون ٽوليون بھشت ڏانھن روانا ڪبا، تانجو جڏھن اُن وقت ايندا ۽ اُن جا دروازا کولبا ۽ اُن جا دواروغا کين چوندا ته اوھان تي سلام ھجي اوھين (ھاڻي) خوش رھو پوءِ منجھس ھميشه رھڻ لاءِ گھڙو.
وَقَالُوا الْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي صَدَقَنَا وَعْدَهُ وَأَوْرَثَنَا الْأَرْضَ نَتَبَوَّأُ مِنَ الْجَنَّةِ حَيْثُ نَشَاءُ ۖ فَنِعْمَ أَجْرُ الْعَامِلِينَ ٧٤
📖 ترجمو
آيت 74
۽ چوندا ته سڀ ساراھ انھيءَ الله کي جُڳائي جنھن پنھنجو انجام اسان سان سچو ڪيو ۽ اسان کي (ھن) زمين جو وارث ڪيائين بھشت مان جتي وڻندو اٿون اُتي جڳه وٺون ٿا، پوءِ عمل ڪندڙن جو اَجر (ڪھڙونه) چڱو آھي.
وَتَرَى الْمَلَائِكَةَ حَافِّينَ مِنْ حَوْلِ الْعَرْشِ يُسَبِّحُونَ بِحَمْدِ رَبِّهِمْ ۖ وَقُضِيَ بَيْنَهُم بِالْحَقِّ وَقِيلَ الْحَمْدُ لِلَّهِ رَبِّ الْعَالَمِينَ ٧٥
📖 ترجمو
آيت 75
۽ ملائڪن کي عرش جي چوڌاري وڪوڙيندڙ ڏسندين پنھنجي پالڻھار جي ساراھ سان گڏ پاڪائي بيان ڪندا آھن، ۽ اُنھن جي وچ ۾ انصاف جو حُڪم ڪبو ۽ (آخر ۾) چيو ويندو ته سڀ ساراھ جھانن جي پالڻھار الله کي جُڳائي.
پڙهو سورو زمر سنڌي ترجمو – پڙهڻ ۽ ٻڌڻ
قرآن ڪريم
Tuesday, August 18, 2026
Don't forget us in your sincere prayers

