زمر · 67/75
ترجمو لکڻ — سوره زمر
وَمَا قَدَرُوا اللَّهَ حَقَّ قَدْرِهِ وَالْأَرْضُ جَمِيعًا قَبْضَتُهُ يَوْمَ الْقِيَامَةِ وَالسَّمَاوَاتُ مَطْوِيَّاتٌ بِيَمِينِهِ ۚ سُبْحَانَهُ وَتَعَالَىٰ عَمَّا يُشْرِكُونَ ۝٦٧
Wa maa qadarul laaha haqqa qadrihee wal ardu jamee `an qabdatuhoo Yawmal Qiyaamit wassamaawaatu matwiyyaatum biyameenih; Subhaanahoo wa Ta`aalaa `amma yushrikoon
📖 سنڌيءَ ۾
۽ (اُنھن) الله کي جئين سندس ڄاڻڻ جو حق آھي (تئين) نه سڃاتو، ۽ قيامت جي ڏينھن ساري زمين سندس مُٺ ۾ ھوندي ۽ آسمان سندس سڄي ھٿ ۾ ويڙھيل ھوندا، اُھو پاڪ آھي ۽ اُنھيءَ کان مٿاھون آھي جيڪي ساڻس شريڪ ٺھرائيندا آھن.

🎧 ٻڌو


📜 آيت 65-69 — سوره زمر

65وَلَقَدْ أُوحِيَ إِلَيْكَ وَإِلَى الَّذِينَ مِن قَبْلِكَ لَئِنْ أَشْرَكْتَ لَيَحْبَطَنَّ عَمَلُكَ وَلَتَكُونَنَّ مِنَ الْخَاسِرِينَ
۽ (اي پيغمبر) بيشڪ توڏانھن وحي ڪيو ويو ۽ جيڪي توکان اڳ (ٻيا پيغمبر) ھوا تن (ھر ھڪ) ڏانھن (به) ته جيڪڏھن (الله سان ڪو) شريڪ مقرر ڪندين ته تنھنجا عمل ضرور ناس ٿيندا ۽ ضرور ڇيئي وارن مان ٿيندين.
66بَلِ اللَّهَ فَاعْبُدْ وَكُن مِّنَ الشَّاكِرِينَ
(نه!) بلڪ رڳو الله جي عبادت ڪر ۽ شُڪر ڪرڻ وارن مان ھُج.
67وَمَا قَدَرُوا اللَّهَ حَقَّ قَدْرِهِ وَالْأَرْضُ جَمِيعًا قَبْضَتُهُ يَوْمَ الْقِيَامَةِ وَالسَّمَاوَاتُ مَطْوِيَّاتٌ بِيَمِينِهِ ۚ سُبْحَانَهُ وَتَعَالَىٰ عَمَّا يُشْرِكُونَ
۽ (اُنھن) الله کي جئين سندس ڄاڻڻ جو حق آھي (تئين) نه سڃاتو، ۽ قيامت جي ڏينھن ساري زمين سندس مُٺ ۾ ھوندي ۽ آسمان سندس سڄي ھٿ ۾ ويڙھيل ھوندا، اُھو پاڪ آھي ۽ اُنھيءَ کان مٿاھون آھي جيڪي ساڻس شريڪ ٺھرائيندا آھن.
68وَنُفِخَ فِي الصُّورِ فَصَعِقَ مَن فِي السَّمَاوَاتِ وَمَن فِي الْأَرْضِ إِلَّا مَن شَاءَ اللَّهُ ۖ ثُمَّ نُفِخَ فِيهِ أُخْرَىٰ فَإِذَا هُمْ قِيَامٌ يَنظُرُونَ
۽ (پھريون ڀيرو) صُور ۾ ڦوڪيو ويندو پوءِ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪو زمين ۾ آھي سو (سڀڪو) مرندو پر جنھن لاءِ الله گھريو (سو نه)، وري اُن ۾ ٻيو ڀيرو ڦوڪبو ته اُمالڪ کڙا ٿي (پيا) ڏسندا.
69وَأَشْرَقَتِ الْأَرْضُ بِنُورِ رَبِّهَا وَوُضِعَ الْكِتَابُ وَجِيءَ بِالنَّبِيِّينَ وَالشُّهَدَاءِ وَقُضِيَ بَيْنَهُم بِالْحَقِّ وَهُمْ لَا يُظْلَمُونَ
۽ زمين پنھنجي پالڻھار جي نُور سان روشن ٿيندي ۽ (عملن جو) ڪتاب رکبو ۽ پيغمبرن ۽ شاھدن کي آڻبو ۽ سندن وچ ۾ حق سان نبيرو ڪبو ۽ اُنھن تي ظلم نه ڪبو.
زمرقرآن فهرست
75آيت
MeccanRevelation
67آيت

ترجمو — زمر 67

سوره زمر آيت 67 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : ۽ (اُنھن) الله کي جئين سندس ڄاڻڻ جو حق آھي…

سوره آيت 67/75 — سوره زمر الزمر (Meccan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: سوره زمر ٻڌو, سوره زمر ترجمو, سوره زمر mp3, سوره زمر pdf. آيت 65–69. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Tuesday, September 8, 2026

Don't forget us in your sincere prayers