زمر · 74/75
ترجمو لکڻ — سوره زمر
وَقَالُوا الْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي صَدَقَنَا وَعْدَهُ وَأَوْرَثَنَا الْأَرْضَ نَتَبَوَّأُ مِنَ الْجَنَّةِ حَيْثُ نَشَاءُ ۖ فَنِعْمَ أَجْرُ الْعَامِلِينَ ۝٧٤
Wa waalull hamdulillaahil lazee sadaqanaa wa`dahoo wa awrasanal arda natabaw wa-u minal jannati haisu nashaaa`u fani`ma ajrul `aamileen
📖 سنڌيءَ ۾
۽ چوندا ته سڀ ساراھ انھيءَ الله کي جُڳائي جنھن پنھنجو انجام اسان سان سچو ڪيو ۽ اسان کي (ھن) زمين جو وارث ڪيائين بھشت مان جتي وڻندو اٿون اُتي جڳه وٺون ٿا، پوءِ عمل ڪندڙن جو اَجر (ڪھڙونه) چڱو آھي.

🎧 ٻڌو


📜 آيت 72-75 — سوره زمر

72قِيلَ ادْخُلُوا أَبْوَابَ جَهَنَّمَ خَالِدِينَ فِيهَا ۖ فَبِئْسَ مَثْوَى الْمُتَكَبِّرِينَ
(پوءِ انھن کي) چئبو ته دوزخ جي دروازن مان گھڙو منجھس سدائين رھندڙ آھيو، پوءِ وڏائي ڪندڙن جي جاءِ بڇڙي آھي.
73وَسِيقَ الَّذِينَ اتَّقَوْا رَبَّهُمْ إِلَى الْجَنَّةِ زُمَرًا ۖ حَتَّىٰ إِذَا جَاءُوهَا وَفُتِحَتْ أَبْوَابُهَا وَقَالَ لَهُمْ خَزَنَتُهَا سَلَامٌ عَلَيْكُمْ طِبْتُمْ فَادْخُلُوهَا خَالِدِينَ
۽ جيڪي پنھنجي پالڻھار کان ڊنا سي ٽوليون ٽوليون بھشت ڏانھن روانا ڪبا، تانجو جڏھن اُن وقت ايندا ۽ اُن جا دروازا کولبا ۽ اُن جا دواروغا کين چوندا ته اوھان تي سلام ھجي اوھين (ھاڻي) خوش رھو پوءِ منجھس ھميشه رھڻ لاءِ گھڙو.
74وَقَالُوا الْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي صَدَقَنَا وَعْدَهُ وَأَوْرَثَنَا الْأَرْضَ نَتَبَوَّأُ مِنَ الْجَنَّةِ حَيْثُ نَشَاءُ ۖ فَنِعْمَ أَجْرُ الْعَامِلِينَ
۽ چوندا ته سڀ ساراھ انھيءَ الله کي جُڳائي جنھن پنھنجو انجام اسان سان سچو ڪيو ۽ اسان کي (ھن) زمين جو وارث ڪيائين بھشت مان جتي وڻندو اٿون اُتي جڳه وٺون ٿا، پوءِ عمل ڪندڙن جو اَجر (ڪھڙونه) چڱو آھي.
75وَتَرَى الْمَلَائِكَةَ حَافِّينَ مِنْ حَوْلِ الْعَرْشِ يُسَبِّحُونَ بِحَمْدِ رَبِّهِمْ ۖ وَقُضِيَ بَيْنَهُم بِالْحَقِّ وَقِيلَ الْحَمْدُ لِلَّهِ رَبِّ الْعَالَمِينَ
۽ ملائڪن کي عرش جي چوڌاري وڪوڙيندڙ ڏسندين پنھنجي پالڻھار جي ساراھ سان گڏ پاڪائي بيان ڪندا آھن، ۽ اُنھن جي وچ ۾ انصاف جو حُڪم ڪبو ۽ (آخر ۾) چيو ويندو ته سڀ ساراھ جھانن جي پالڻھار الله کي جُڳائي.
زمرقرآن فهرست
75آيت
MeccanRevelation
74آيت

ترجمو — زمر 74

سوره زمر آيت 74 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : ۽ چوندا ته سڀ ساراھ انھيءَ الله کي جُڳائي جنھن…

سوره آيت 74/75 — سوره زمر الزمر (Meccan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: سوره زمر ٻڌو, سوره زمر ترجمو, سوره زمر mp3, سوره زمر pdf. آيت 72–75. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Tuesday, September 8, 2026

Don't forget us in your sincere prayers