زمر · 44/75
ترجمو لکڻ — سوره زمر
قُل لِّلَّهِ الشَّفَاعَةُ جَمِيعًا ۖ لَّهُ مُلْكُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ ۖ ثُمَّ إِلَيْهِ تُرْجَعُونَ ۝٤٤
Qul lillaahish shafaa`atu jamee`aa; lahoo mulkus samaawaati wal ardi summa ilaihi turj`oon
📖 سنڌيءَ ۾
(کين) چؤ ته سڀ شفاعت الله جي وس آھي، آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي ان جي آھي، (اوھين) وري ڏانھس موٽائبؤ.

🎧 ٻڌو


📜 آيت 42-46 — سوره زمر

42اللَّهُ يَتَوَفَّى الْأَنفُسَ حِينَ مَوْتِهَا وَالَّتِي لَمْ تَمُتْ فِي مَنَامِهَا ۖ فَيُمْسِكُ الَّتِي قَضَىٰ عَلَيْهَا الْمَوْتَ وَيُرْسِلُ الْأُخْرَىٰ إِلَىٰ أَجَلٍ مُّسَمًّى ۚ إِنَّ فِي ذَٰلِكَ لَآيَاتٍ لِّقَوْمٍ يَتَفَكَّرُونَ
الله ماڻھن جا رُوح سندن مرڻ جي مھل ڪڍندو آھي ۽ جيڪو نه مُئو آھي (تنھن جو روح) سندس ننڊ (جي حالت) ۾ (ڪڍندو آھي)، پوءِ جنھن تي موت جو حُڪم ڪيو اٿس تنھن کي جھليندو آھي ۽ اُن ٻئي کي ھڪ مُقرر مُدّت تائين ڇڏيندو آھي، بيشڪ ھن ۾ ماڻھن لاءِ نشانيون آھن جيڪي ڌيان ڪندا آھن.
43أَمِ اتَّخَذُوا مِن دُونِ اللَّهِ شُفَعَاءَ ۚ قُلْ أَوَلَوْ كَانُوا لَا يَمْلِكُونَ شَيْئًا وَلَا يَعْقِلُونَ
الله کانسواءِ ٻيا شفاعت ڪرڻ وارا ورتا اٿن ڇا؟ (کين) چؤ ته جيتوڻيڪ اُھي نڪي ڪجھ اختيار رکندا ھجن ۽ نڪي سمجھندا ھجن (ته به شفاعت ڪندا ڇا؟).
44قُل لِّلَّهِ الشَّفَاعَةُ جَمِيعًا ۖ لَّهُ مُلْكُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ ۖ ثُمَّ إِلَيْهِ تُرْجَعُونَ
(کين) چؤ ته سڀ شفاعت الله جي وس آھي، آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي ان جي آھي، (اوھين) وري ڏانھس موٽائبؤ.
45وَإِذَا ذُكِرَ اللَّهُ وَحْدَهُ اشْمَأَزَّتْ قُلُوبُ الَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ بِالْآخِرَةِ ۖ وَإِذَا ذُكِرَ الَّذِينَ مِن دُونِهِ إِذَا هُمْ يَسْتَبْشِرُونَ
۽ جڏھن اڪيلي الله (جي نالي) کي ياد ڪبو آھي (تڏھن) جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن تن جون دليون ٽھنديون آھن، جڏھن الله کانسواءِ ٻـين کي ياد ڪبو آھي تڏھن اُنھيءَ ئي مھل اُھي سَرھا ٿيندا آھن.
46قُلِ اللَّهُمَّ فَاطِرَ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ عَالِمَ الْغَيْبِ وَالشَّهَادَةِ أَنتَ تَحْكُمُ بَيْنَ عِبَادِكَ فِي مَا كَانُوا فِيهِ يَخْتَلِفُونَ
(اي پيغمبر) چؤ ته اي الله آسمانن ۽ زمين جا پيدا ڪندڙ ڳجھ ۽ ظاھر ڄاڻندڙ تون ئي پنھنجن ٻانھن جي وچ ۾ جنھن (ڳالھ) بابت (اُھي) جھڳڙو ڪندا رھيا (تنھن بابت) نبيرو ڪندين.
زمرقرآن فهرست
75آيت
MeccanRevelation
44آيت

ترجمو — زمر 44

سوره زمر آيت 44 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : (کين) چؤ ته سڀ شفاعت الله جي وس آھي، آسمانن…

سوره آيت 44/75 — سوره زمر الزمر (Meccan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: سوره زمر ٻڌو, سوره زمر ترجمو, سوره زمر mp3, سوره زمر pdf. آيت 42–46. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Monday, September 7, 2026

Don't forget us in your sincere prayers