زمر · 68/75
ترجمو لکڻ — زمر
وَنُفِخَ فِي الصُّورِ فَصَعِقَ مَن فِي السَّمَاوَاتِ وَمَن فِي الْأَرْضِ إِلَّا مَن شَاءَ اللَّهُ ۖ ثُمَّ نُفِخَ فِيهِ أُخْرَىٰ فَإِذَا هُمْ قِيَامٌ يَنظُرُونَ ۝٦٨
Wa nufikha fis Soori fas`iqa man fis samaawaati wa man fil ardi illaa man shaa`al lahu summa nufikha feehi ukhraa fa izaa hum qiyaamuny yanzuroon
📖 سنڌيءَ ۾
۽ (پھريون ڀيرو) صُور ۾ ڦوڪيو ويندو پوءِ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪو زمين ۾ آھي سو (سڀڪو) مرندو پر جنھن لاءِ الله گھريو (سو نه)، وري اُن ۾ ٻيو ڀيرو ڦوڪبو ته اُمالڪ کڙا ٿي (پيا) ڏسندا.
🎧 ٻڌو

📜 آيت 66-70 — زمر

66بَلِ اللَّهَ فَاعْبُدْ وَكُن مِّنَ الشَّاكِرِينَ
(نه!) بلڪ رڳو الله جي عبادت ڪر ۽ شُڪر ڪرڻ وارن مان ھُج.
67وَمَا قَدَرُوا اللَّهَ حَقَّ قَدْرِهِ وَالْأَرْضُ جَمِيعًا قَبْضَتُهُ يَوْمَ الْقِيَامَةِ وَالسَّمَاوَاتُ مَطْوِيَّاتٌ بِيَمِينِهِ ۚ سُبْحَانَهُ وَتَعَالَىٰ عَمَّا يُشْرِكُونَ
۽ (اُنھن) الله کي جئين سندس ڄاڻڻ جو حق آھي (تئين) نه سڃاتو، ۽ قيامت جي ڏينھن ساري زمين سندس مُٺ ۾ ھوندي ۽ آسمان سندس سڄي ھٿ ۾ ويڙھيل ھوندا، اُھو پاڪ آھي ۽ اُنھيءَ کان مٿاھون آھي جيڪي ساڻس شريڪ ٺھرائيندا آھن.
68وَنُفِخَ فِي الصُّورِ فَصَعِقَ مَن فِي السَّمَاوَاتِ وَمَن فِي الْأَرْضِ إِلَّا مَن شَاءَ اللَّهُ ۖ ثُمَّ نُفِخَ فِيهِ أُخْرَىٰ فَإِذَا هُمْ قِيَامٌ يَنظُرُونَ
۽ (پھريون ڀيرو) صُور ۾ ڦوڪيو ويندو پوءِ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪو زمين ۾ آھي سو (سڀڪو) مرندو پر جنھن لاءِ الله گھريو (سو نه)، وري اُن ۾ ٻيو ڀيرو ڦوڪبو ته اُمالڪ کڙا ٿي (پيا) ڏسندا.
69وَأَشْرَقَتِ الْأَرْضُ بِنُورِ رَبِّهَا وَوُضِعَ الْكِتَابُ وَجِيءَ بِالنَّبِيِّينَ وَالشُّهَدَاءِ وَقُضِيَ بَيْنَهُم بِالْحَقِّ وَهُمْ لَا يُظْلَمُونَ
۽ زمين پنھنجي پالڻھار جي نُور سان روشن ٿيندي ۽ (عملن جو) ڪتاب رکبو ۽ پيغمبرن ۽ شاھدن کي آڻبو ۽ سندن وچ ۾ حق سان نبيرو ڪبو ۽ اُنھن تي ظلم نه ڪبو.
70وَوُفِّيَتْ كُلُّ نَفْسٍ مَّا عَمِلَتْ وَهُوَ أَعْلَمُ بِمَا يَفْعَلُونَ
سڀڪنھن ماڻھوءَ جيڪي ڪمايو تنھنجو پورو بدلو کيس ڏبو ۽ جيڪي ڪندا آھن تنھن کي الله ڄاڻندو آھي.
زمرقرآن فهرست
75آيت
MeccanRevelation
68آيت

ترجمو — زمر 68

سورو زمر آيت 68 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : ۽ (پھريون ڀيرو) صُور ۾ ڦوڪيو ويندو پوءِ جيڪي آسمانن…

سورو آيت 68/75 — زمر الزمر (Meccan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: زمر ٻڌو, زمر ترجمو, زمر mp3, زمر pdf. آيت 66–70. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Tuesday, August 18, 2026

Don't forget us in your sincere prayers