زمر · 72/75
ترجمو لکڻ — زمر
قِيلَ ادْخُلُوا أَبْوَابَ جَهَنَّمَ خَالِدِينَ فِيهَا ۖ فَبِئْسَ مَثْوَى الْمُتَكَبِّرِينَ ۝٧٢
Qeelad khuloo abwaaba jahannama khaalideena feeha fabi`sa maswal mutakabbireen
📖 سنڌيءَ ۾
(پوءِ انھن کي) چئبو ته دوزخ جي دروازن مان گھڙو منجھس سدائين رھندڙ آھيو، پوءِ وڏائي ڪندڙن جي جاءِ بڇڙي آھي.
🎧 ٻڌو

📜 آيت 70-74 — زمر

70وَوُفِّيَتْ كُلُّ نَفْسٍ مَّا عَمِلَتْ وَهُوَ أَعْلَمُ بِمَا يَفْعَلُونَ
سڀڪنھن ماڻھوءَ جيڪي ڪمايو تنھنجو پورو بدلو کيس ڏبو ۽ جيڪي ڪندا آھن تنھن کي الله ڄاڻندو آھي.
71وَسِيقَ الَّذِينَ كَفَرُوا إِلَىٰ جَهَنَّمَ زُمَرًا ۖ حَتَّىٰ إِذَا جَاءُوهَا فُتِحَتْ أَبْوَابُهَا وَقَالَ لَهُمْ خَزَنَتُهَا أَلَمْ يَأْتِكُمْ رُسُلٌ مِّنكُمْ يَتْلُونَ عَلَيْكُمْ آيَاتِ رَبِّكُمْ وَيُنذِرُونَكُمْ لِقَاءَ يَوْمِكُمْ هَٰذَا ۚ قَالُوا بَلَىٰ وَلَٰكِنْ حَقَّتْ كَلِمَةُ الْعَذَابِ عَلَى الْكَافِرِينَ
۽ ڪافرن کي ٽوليون ٽوليون ڪري دوزخ ڏانھن ھڪالبو، تان جو جڏھن اُن وٽ پھچندا (تڏھن) اُن جا دروازا کولبا ۽ اُن جا داروغا کين چوندا ته اوھان مان اوھان وٽ ڪي پيغمبر نه آيا ھوا ڇا؟ جو اوھان کي اوھان جي پالڻھار جون آيتون پڙھي ٻڌائين ۽ اوھان کي ھن ڏينھن جي پيش اچڻ کان ڊيڄارين، چوندا ته ھائو (آيا ھوا ڊيڄاريو به ھوائون) پر ڪافرن تي عذاب جو حُڪم ثابت ٿيو.
72قِيلَ ادْخُلُوا أَبْوَابَ جَهَنَّمَ خَالِدِينَ فِيهَا ۖ فَبِئْسَ مَثْوَى الْمُتَكَبِّرِينَ
(پوءِ انھن کي) چئبو ته دوزخ جي دروازن مان گھڙو منجھس سدائين رھندڙ آھيو، پوءِ وڏائي ڪندڙن جي جاءِ بڇڙي آھي.
73وَسِيقَ الَّذِينَ اتَّقَوْا رَبَّهُمْ إِلَى الْجَنَّةِ زُمَرًا ۖ حَتَّىٰ إِذَا جَاءُوهَا وَفُتِحَتْ أَبْوَابُهَا وَقَالَ لَهُمْ خَزَنَتُهَا سَلَامٌ عَلَيْكُمْ طِبْتُمْ فَادْخُلُوهَا خَالِدِينَ
۽ جيڪي پنھنجي پالڻھار کان ڊنا سي ٽوليون ٽوليون بھشت ڏانھن روانا ڪبا، تانجو جڏھن اُن وقت ايندا ۽ اُن جا دروازا کولبا ۽ اُن جا دواروغا کين چوندا ته اوھان تي سلام ھجي اوھين (ھاڻي) خوش رھو پوءِ منجھس ھميشه رھڻ لاءِ گھڙو.
74وَقَالُوا الْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي صَدَقَنَا وَعْدَهُ وَأَوْرَثَنَا الْأَرْضَ نَتَبَوَّأُ مِنَ الْجَنَّةِ حَيْثُ نَشَاءُ ۖ فَنِعْمَ أَجْرُ الْعَامِلِينَ
۽ چوندا ته سڀ ساراھ انھيءَ الله کي جُڳائي جنھن پنھنجو انجام اسان سان سچو ڪيو ۽ اسان کي (ھن) زمين جو وارث ڪيائين بھشت مان جتي وڻندو اٿون اُتي جڳه وٺون ٿا، پوءِ عمل ڪندڙن جو اَجر (ڪھڙونه) چڱو آھي.
زمرقرآن فهرست
75آيت
MeccanRevelation
72آيت

ترجمو — زمر 72

سورو زمر آيت 72 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : (پوءِ انھن کي) چئبو ته دوزخ جي دروازن مان گھڙو…

سورو آيت 72/75 — زمر الزمر (Meccan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: زمر ٻڌو, زمر ترجمو, زمر mp3, زمر pdf. آيت 70–74. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Tuesday, August 18, 2026

Don't forget us in your sincere prayers