زمر · 50/75
ترجمو لکڻ — سوره زمر
قَدْ قَالَهَا الَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ فَمَا أَغْنَىٰ عَنْهُم مَّا كَانُوا يَكْسِبُونَ ۝٥٠
Qad qaalahul lazeena min qablihim famaaa aghnaa `anhum maa kaanoo yaksiboon
📖 سنڌيءَ ۾
بيشڪ کانئن اڳين (به) اِھا (ڳالھ) چئي ھئي پوءِ جيڪي (ڪرتوت) ڪيائون ٿي تن کانئن ڪجھ به (مُصيبت) نه ٽاري.

🎧 ٻڌو


📜 آيت 48-52 — سوره زمر

48وَبَدَا لَهُمْ سَيِّئَاتُ مَا كَسَبُوا وَحَاقَ بِهِم مَّا كَانُوا بِهِ يَسْتَهْزِئُونَ
۽ جيڪي بڇڙايون ڪمايون ھوائون سي انھن کي پڌريون ٿينديون ۽ جنھن (سزا) جون ٺـٺوليون ڪندا ھوا سا کين ويڙھي ويندي.
49فَإِذَا مَسَّ الْإِنسَانَ ضُرٌّ دَعَانَا ثُمَّ إِذَا خَوَّلْنَاهُ نِعْمَةً مِّنَّا قَالَ إِنَّمَا أُوتِيتُهُ عَلَىٰ عِلْمٍ ۚ بَلْ هِيَ فِتْنَةٌ وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَهُمْ لَا يَعْلَمُونَ
پوءِ جڏھن ماڻھوءَ کي ڪا اوکائي پھچندي آھي (تڏھن) اسان کي سڏيندو آھي، وري جڏھن اُن کي پاڻ وٽان ڪا نعمت ڏيندا آھيون (تڏھن) چوندو آھي ته اُھا رڳو پنھنجي سمجھ سان (جا مون ۾ آھي) مون کي ڏني وئي آھي، (ايئن نه آھي) بلڪ اُھا (نعمت) پرک آھي پر اُنھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن.
50قَدْ قَالَهَا الَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ فَمَا أَغْنَىٰ عَنْهُم مَّا كَانُوا يَكْسِبُونَ
بيشڪ کانئن اڳين (به) اِھا (ڳالھ) چئي ھئي پوءِ جيڪي (ڪرتوت) ڪيائون ٿي تن کانئن ڪجھ به (مُصيبت) نه ٽاري.
51فَأَصَابَهُمْ سَيِّئَاتُ مَا كَسَبُوا ۚ وَالَّذِينَ ظَلَمُوا مِنْ هَٰؤُلَاءِ سَيُصِيبُهُمْ سَيِّئَاتُ مَا كَسَبُوا وَمَا هُم بِمُعْجِزِينَ
پوءِ جيڪي ڪمايائون تنھنجون بڇڙايون کين پھتيون، ۽ ھنن مان (به) جيڪي ظالم آھن تن جيڪي ڪمايائون تنھنجون بڇڙايون کين سِگھوئي پھچنديون ۽ اُھي عاجز ڪرڻ وارا نه آھن.
52أَوَلَمْ يَعْلَمُوا أَنَّ اللَّهَ يَبْسُطُ الرِّزْقَ لِمَن يَشَاءُ وَيَقْدِرُ ۚ إِنَّ فِي ذَٰلِكَ لَآيَاتٍ لِّقَوْمٍ يُؤْمِنُونَ
نه ڄاتو اٿن ڇا ته الله جنھن لاءِ گھرندو آھي (تَنھنجو) رزق ڪُشادو ڪندو آھي ۽ (جنھن لاءِ گھرندو آھي تَنھنجو) گھٽ ڪندو آھي، بيشڪ ھن (ڪم) ۾ اُنھن ماڻھن لاءِ نشانيون آھن جيڪي ايمان آڻيندا آھن.
زمرقرآن فهرست
75آيت
MeccanRevelation
50آيت

ترجمو — زمر 50

سوره زمر آيت 50 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : بيشڪ کانئن اڳين (به) اِھا (ڳالھ) چئي ھئي پوءِ جيڪي…

سوره آيت 50/75 — سوره زمر الزمر (Meccan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: سوره زمر ٻڌو, سوره زمر ترجمو, سوره زمر mp3, سوره زمر pdf. آيت 48–52. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Monday, September 7, 2026

Don't forget us in your sincere prayers