سوره معارج به زبان سندھی
| ھڪ سوال ڪندڙ ڪافرن تي پوندڙ عذاب جو سوال ڪيو. | 
| جنھن کي ڪو ھٽائڻ وارو نه آھي. | 
| جو وڏن مرتبن واري الله جي طرف کان (پوندڙ) آھي. | 
| تَعْرُجُ الْمَلَائِكَةُ وَالرُّوحُ إِلَيْهِ فِي يَوْمٍ كَانَ مِقْدَارُهُ خَمْسِينَ أَلْفَ سَنَةٍ(4)جنھن ڏينھن جي ڊيگھ پنجاھ ھزار ورھيه آھي تنھن ۾ ملائڪ ۽ جبرئيل الله ڏانھن چڙھندا. | 
| تنھنڪري تون چڱو صبر ڪر. | 
| ڇوته ڪافر انھيءَ (ڏينھن) کي پري ڏسن ٿا. | 
| ۽ اسين اُن کي ويجھو ٿا ڏسون. | 
| جنھن ڏينھن آسمان پگھريل ٽامي وانگر ٿيندو. | 
| ۽ جبل رڱيل اُن جان ٿيندا. | 
| ۽ ڪو مائٽ ڪنھن ٻئي مائٽ کان نه پڇندو. | 
| يُبَصَّرُونَهُمْ ۚ يَوَدُّ الْمُجْرِمُ لَوْ يَفْتَدِي مِنْ عَذَابِ يَوْمِئِذٍ بِبَنِيهِ(11)(توڙي جو) اُھي کين ڏسڻ ۾ ايندا، گنھگار گھرندو ته جيڪر اُن ڏينھن جي عذاب جي بدران پنھنجا پُٽ بدلو ڏئي. | 
| ۽ پنھنجي زال ۽ پنھنجو ڀاءُ (به). | 
| ۽ پنھنجو اُھو سارو قبيلو (به) جنھن کيس ٽڪايو ٿي. | 
| ۽ اُھو (به) جيڪي سڀئي زمين ۾ آھي پوءِ سندس اھو (بدلو ڏيڻ) ڇڏائيس. | 
| ائين نه آھي، بيشڪ اِھو (دوزخ) الانبن واري باھ آھي. | 
| مَٿي جي کَل کي ڇڪيندڙ آھي. | 
| جيڪو (خدا کان) پٺيرو ٿيو ۽ منھن موڙيائين تنھنکي سڏي ٿي. | 
| ۽ (مال) گڏ ڪيائين پوءِ سانڀيائين. | 
| بيشڪ ماڻھو حرص وارو پيدا ٿيل آھي. | 
| جڏھن (ڪو) ڏُک پھچندو اٿس (ته) دانھون ڪندو آھي. | 
| ۽ جڏھن ڪو سُک پھچندو اٿس (ته) ڪنجوس ٿيندو آھي. | 
| پر (اُھي) نمازي (نه). | 
| جيڪي پنھنجي نماز تي ھميشه پورا آھن. | 
| ۽ اُھي (به) جن جي مالن ۾ (خداءَ جو) حصّو مقرر ٿيل آھي. | 
| سوال ڪندڙ ۽ نه سوال ڪندڙن لاءِ. | 
| ۽ اُھي جيڪي قيامت جي ڏينھن جو يقين رکندا آھن. | 
| ۽ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار جي عذاب کان ڊڄڻ وارا آھن. | 
| بيشڪ سندس پالڻھار جو عذاب (اھڙو آھي) جنھن کان بچي نه سگھبو. | 
| ۽ اُھي جيڪي پنھنجين اگھڙن کي نگاھ رکڻ وارا آھن. | 
| إِلَّا عَلَىٰ أَزْوَاجِهِمْ أَوْ مَا مَلَكَتْ أَيْمَانُهُمْ فَإِنَّهُمْ غَيْرُ مَلُومِينَ(30)پنھنجين زالن يا پنھنجين ٻانھين کانسواءِ پوءِ بيشڪ اُھي ملامت وارا نه آھن. | 
| فَمَنِ ابْتَغَىٰ وَرَاءَ ذَٰلِكَ فَأُولَٰئِكَ هُمُ الْعَادُونَ(31)پوءِ جيڪي اُن کانسواءِ (ٻي ڳالھ) طلبيندا سي ئي حد کان لنگھڻ وارا آھن. | 
| ۽ اُھي جيڪي پنھنجين امانتن کي ۽ پنھنجن انجامن کي پوري ڪرڻ وارا آھن. | 
| ۽ اُھي جيڪي پنھنجين شاھدين تي قائم آھن. | 
| ۽ اُھي جيڪي پنھنجي نماز جي سنڀال ڪندڙ آھن. | 
| اُھي (بھشت جي) باغن ۾ عزت سان رھندا. | 
| پوءِ ڪافرن کي ڇا (ٿيو) آھي جو توڏانھن ڪنڌ کڻي ڊوڙندا آھن. | 
| سڄي پاسي کان ۽ کٻي پاسي کان ٽوليون ٽوليون ٿي. | 
| أَيَطْمَعُ كُلُّ امْرِئٍ مِّنْهُمْ أَن يُدْخَلَ جَنَّةَ نَعِيمٍ(38)منجھائن سڀڪو شخص نعمت واري بھشت جي گھڙڻ جي طمع ڪري ٿو ڇا؟ | 
| ائين نه آھي، بيشڪ اسان اُنھن کي اُنھيءَ شيءِ مان پيدا ڪيو آھي جنھنجي خبر اٿن. | 
| فَلَا أُقْسِمُ بِرَبِّ الْمَشَارِقِ وَالْمَغَارِبِ إِنَّا لَقَادِرُونَ(40)پوءِ اُڀرندن ۽ اُلھندن جي پالڻھار جو قسم کڻان ٿو ته بيشڪ اسين وسوارا آھيون. | 
| عَلَىٰ أَن نُّبَدِّلَ خَيْرًا مِّنْهُمْ وَمَا نَحْنُ بِمَسْبُوقِينَ(41)ھن (ڳالھ) تي جو اُنھن کان چڱا (ٻيا) مٽائي آڻيون ۽ اسين ڪي عاجز ٿيڻ وارا نه آھيون. | 
| فَذَرْهُمْ يَخُوضُوا وَيَلْعَبُوا حَتَّىٰ يُلَاقُوا يَوْمَهُمُ الَّذِي يُوعَدُونَ(42)پوءِ (اي پيغمبر) انھن کي (ايسين) ٺاھ ٺاھيندو ۽ راند ڪندو ڇڏي ڏي جيسين اُھي پنھنجو اُھو ڏينھن ڏسن جنھن جو کين انجام ڏجي ٿو. | 
| يَوْمَ يَخْرُجُونَ مِنَ الْأَجْدَاثِ سِرَاعًا كَأَنَّهُمْ إِلَىٰ نُصُبٍ يُوفِضُونَ(43)جنھن ڏينھن قبرن مان ڊوڙندا نڪرندا ڄڻ ته اُھي ڪنھن جھنڊي ڏانھن ڊڪن ٿا. | 
| خَاشِعَةً أَبْصَارُهُمْ تَرْهَقُهُمْ ذِلَّةٌ ۚ ذَٰلِكَ الْيَوْمُ الَّذِي كَانُوا يُوعَدُونَ(44)ان وقت سندن اکيون جھڪيون ھونديون انھن کي خواري وٺي ويندي، اِھو اُھو ڏينھن آھي جنھن جو کين انجام ڏنو ٿي ويو. | 
سورهای بیشتر به زبان سندھی:
دانلود سوره معارج با صدای معروفترین قراء:
انتخاب خواننده برای گوش دادن و دانلود کامل سوره معارج با کیفیت بالا.
 أحمد العجمي
أحمد العجمي
 ابراهيم الاخضر
ابراهيم الاخضر
 بندر بليلة
بندر بليلة
 خالد الجليل
خالد الجليل
 حاتم فريد الواعر
حاتم فريد الواعر
 خليفة الطنيجي
خليفة الطنيجي
 سعد الغامدي
سعد الغامدي
 سعود الشريم
سعود الشريم
 الشاطري
الشاطري
 صلاح بوخاطر
صلاح بوخاطر
 عبد الباسط
عبد الباسط 
 عبدالرحمن العوسي
عبدالرحمن العوسي
 عبد الرشيد صوفي
عبد الرشيد صوفي
 عبدالعزيز الزهراني
عبدالعزيز الزهراني
 عبد الله بصفر
عبد الله بصفر
 عبد الله الجهني
عبد الله الجهني
 علي الحذيفي
علي الحذيفي
 علي جابر
علي جابر
 غسان الشوربجي
غسان الشوربجي
 فارس عباد
فارس عباد
 ماهر المعيقلي
ماهر المعيقلي
 محمد أيوب
محمد أيوب
 محمد المحيسني
محمد المحيسني
 محمد جبريل
محمد جبريل
 المنشاوي
المنشاوي
 الحصري
الحصري
 مشاري العفاسي
مشاري العفاسي
 ناصر القطامي
ناصر القطامي
 وديع اليمني
وديع اليمني
 ياسر الدوسري
ياسر الدوسري
به قرآن کریم چنگ بزنید





