La sourate An-Naba en Sindhi
ڪھڙيءَ ڳالھ بابت ھڪ ٻئي کان پڇن ٿا. |
(ھائو!) ھڪڙي اھڙي وڏي واقعي بابت. |
جنھن (جي ٿيڻ) ۾ اُھي (پاڻ ۾) مختلف آھن. |
ائين (سندن خيالن وانگر) نه آھي سگھوئي ڄاڻندا. |
وري (به چئون ٿا) ته ائين نه آھي سگھوئي ڄاڻندا. |
زمين کي وڇاڻو نه ڪيو اٿون ڇا؟ |
۽ جبلن کي ميخون؟ |
۽ اوھان کي جوڙو جوڙو (نر ۽ مادي) بڻايوسون. |
۽ اوھان جي ننڊ کي فرحت بڻايوسون. |
۽ رات کي ڍَڪ ڪيوسون. |
۽ ڏينھن کي گذران (جو وقت) ڪيوسون. |
۽ اوھان جي مٿون ست مُحڪم (آسمان) بڻاياسون. |
۽ ھڪ چمڪندڙ ڏيئو (سج) بڻايوسون. |
۽ ڪڪرن مان پلٽندڙ پاڻي وسايوسون. |
ته اُن سان اَن ۽ سَلا ڄمايون. |
۽ گھاٽاباغ (به). |
بيشڪ فيصلي جو ڏينھن ھڪ مقرر مھل آھي. |
جنھن ڏينھن صُور ۾ ڦوڪبو ته اوھين ٽوليون ٽوليون ٿي ايندؤ. |
۽ آسمان کولبو پوءِ دروازا ٿي پوندو. |
۽ جبل ھلائبا پوءِ رُڃ وانگر ٿيندا. |
بيشڪ دوزخ انتظار ڪڍڻ وارو آھي. |
جو ھٺيلن جو رھڻ جو ھنڌ آھي. |
منجھس ڪيئي ڊگھيون مُدتون رھندا. |
اُن ۾ نڪا ٿڌائي ۽ نڪا پيڻ جي شيءِ چکندا. |
تتي پاڻي ۽ روڳ کانسواءِ. |
جَزَاءً وِفَاقًا(26) (اھو سندن) پورو پورو بدلو آھي. |
ڇوته اُھي حساب ڏيڻ جي اُميد نه رکندا ھوا. |
۽ اسان جي حُڪمن کي بلڪل ڪوڙ ڀائيندا ھوا. |
۽ سڀ شيءِ کي لکي ڳڻي ڇڏيو اٿون. |
پوءِ (چئبن ته مزو) چکو جو عذاب کانسواءِ اوھان تي (ٻيو) ڪي (به) نه وڌائينداسون. |
بيشڪ پرھيزگارن لاءِ ڪاميابي آھي. |
جو باغ ۽ ڊاکون. |
۽ ھم عمر نوجوان زالون. |
۽ شراب جا ڇلڪندڙ پيالا (به). |
اتي نڪا اجائي بڪ ۽ نڪو ڪوڙ ٻڌندا. |
(اھو پورو) بدلو تنھنجي پالڻھار کان (انعام) عطا ڪيل حساب روءِ آھي. |
رَّبِّ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا الرَّحْمَٰنِ ۖ لَا يَمْلِكُونَ مِنْهُ خِطَابًا(37) جو آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي ٻنھي جي وچ ۾ آھي تن جو پالڻھار ٻاجھارو آھي اُن (جي ھيبت) کان ڪوبه ورندي ڏئي نه سگھندو. |
جنھن ڏينھن روح ۽ (سڀئي) ملائڪ صفون ٻڌي بيھندا (تنھن ڏينھن) جنھن کي ٻاجھاري (الله) موڪل ڏني ھوندي ۽ پوري ڳالھ ڳالھائي ھوندائين تنھن کانسواءِ (ٻيو ڪي به) نه ڳالھائيندا. |
ذَٰلِكَ الْيَوْمُ الْحَقُّ ۖ فَمَن شَاءَ اتَّخَذَ إِلَىٰ رَبِّهِ مَآبًا(39) اِھو ڏينھن سچ پچ (ٿيڻو) آھي، تنھنڪري جيڪو گھري سو پنھنجي پالڻھار ڏانھن (پنھنجي) رھڻ جو ھنڌ ٺاھي. |
بيشڪ اسان اوھان کي ويجھي عذاب (اچڻ) کان ڊيڄاري چڪاسون، جنھن ڏينھن آدمي اُھو ڏسندو جيڪي سندس ٻنھي ھٿن اڳي ڪري موڪليو ۽ ڪافر چوندو ته ھاءِ ارمان جيڪر آءٌ مٽي ھجان ھا. |
Plus de sourates en Sindhi :
Téléchargez la sourate avec la voix des récitants du Coran les plus célèbres :
Téléchargez le fichier mp3 de la sourate An-Naba : choisissez le récitateur pour écouter et télécharger la sourate An-Naba complète en haute qualité.
![surah An-Naba Ahmed El Agamy mp3 surah An-Naba Ahmed El Agamy](https://i.pinimg.com/564x/b1/9f/03/b19f03a9f2f09c46afbfd4f03727aee7.jpg)
![surah An-Naba Bandar Balila mp3 surah An-Naba Bandar Balila](https://i.pinimg.com/564x/3e/27/fa/3e27fa5bbbd4d19ee2f4b4975224913e.jpg)
![surah An-Naba Khalid Al Jalil mp3 surah An-Naba Khalid Al Jalil](https://i.pinimg.com/564x/9b/26/36/9b2636f5bbf7ef72abdb817018e96a4d.jpg)
![surah An-Naba Saad Al Ghamdi mp3 surah An-Naba Saad Al Ghamdi](https://i.pinimg.com/564x/85/27/cf/8527cf694f379425e43b9a4fe54b6cfb.jpg)
![surah An-Naba Saud Al Shuraim mp3 surah An-Naba Saud Al Shuraim](https://i.pinimg.com/564x/ad/79/67/ad79679d76062df7166c6e2f52d397d6.jpg)
![surah An-Naba Abdul Basit Abdul Samad mp3 surah An-Naba Abdul Basit Abdul Samad](https://i.pinimg.com/564x/52/95/ae/5295ae7c08e4ebdc7eda3ddb5c6c0a19.jpg)
![surah An-Naba Abdul Rashid Sufi mp3 surah An-Naba Abdul Rashid Sufi](https://i.pinimg.com/564x/80/56/ee/8056ee030160e5c7216811b7b209343c.jpg)
![surah An-Naba Abdullah Basfar mp3 surah An-Naba Abdullah Basfar](https://i.pinimg.com/236x/f5/7b/a1/f57ba14ba4844cee88cdf7cfb2b06510.jpg)
![surah An-Naba Abdullah Awwad Al Juhani mp3 surah An-Naba Abdullah Awwad Al Juhani](https://i.pinimg.com/564x/aa/4d/0b/aa4d0b16c5fbc41efcd692947a4d75ad.jpg)
![surah An-Naba Fares Abbad mp3 surah An-Naba Fares Abbad](https://s-media-cache-ak0.pinimg.com/564x/2b/28/ae/2b28aef3f9678b7cd89315d5ffceba2f.jpg)
![surah An-Naba Maher Al Muaiqly mp3 surah An-Naba Maher Al Muaiqly](https://s-media-cache-ak0.pinimg.com/564x/ab/cc/99/abcc9949d0419ef1f0963a54aef06397.jpg)
![surah An-Naba Al Minshawi mp3 surah An-Naba Muhammad Siddiq Al Minshawi](https://i.pinimg.com/564x/21/76/8d/21768d297bd3460f7339b7b755f53d03.jpg)
![surah An-Naba Mahmoud Khalil Al Hosary mp3 surah An-Naba Al Hosary](https://i.pinimg.com/564x/3f/da/7e/3fda7ed5056347e700cac64d07e164c3.jpg)
![surah An-Naba Mishari Al-afasi mp3 surah An-Naba Al-afasi](https://i.pinimg.com/564x/0a/40/9e/0a409ef09a55700877c20d7195fe9126.jpg)
![surah An-Naba Yasser Al Dosari mp3 surah An-Naba Yasser Al Dosari](https://s-media-cache-ak0.pinimg.com/564x/32/3e/17/323e173f4833680898f51240bedd4973.jpg)
Donnez-nous une invitation valide