Nebe (amme) suresi çevirisi Sindhi dili
| ڪھڙيءَ ڳالھ بابت ھڪ ٻئي کان پڇن ٿا. | 
| (ھائو!) ھڪڙي اھڙي وڏي واقعي بابت. | 
| جنھن (جي ٿيڻ) ۾ اُھي (پاڻ ۾) مختلف آھن. | 
| ائين (سندن خيالن وانگر) نه آھي سگھوئي ڄاڻندا. | 
| وري (به چئون ٿا) ته ائين نه آھي سگھوئي ڄاڻندا. | 
| زمين کي وڇاڻو نه ڪيو اٿون ڇا؟ | 
| ۽ جبلن کي ميخون؟ | 
| ۽ اوھان کي جوڙو جوڙو (نر ۽ مادي) بڻايوسون. | 
| ۽ اوھان جي ننڊ کي فرحت بڻايوسون. | 
| ۽ رات کي ڍَڪ ڪيوسون. | 
| ۽ ڏينھن کي گذران (جو وقت) ڪيوسون. | 
| ۽ اوھان جي مٿون ست مُحڪم (آسمان) بڻاياسون. | 
| ۽ ھڪ چمڪندڙ ڏيئو (سج) بڻايوسون. | 
| ۽ ڪڪرن مان پلٽندڙ پاڻي وسايوسون. | 
| ته اُن سان اَن ۽ سَلا ڄمايون. | 
| ۽ گھاٽاباغ (به). | 
| بيشڪ فيصلي جو ڏينھن ھڪ مقرر مھل آھي. | 
| جنھن ڏينھن صُور ۾ ڦوڪبو ته اوھين ٽوليون ٽوليون ٿي ايندؤ. | 
| ۽ آسمان کولبو پوءِ دروازا ٿي پوندو. | 
| ۽ جبل ھلائبا پوءِ رُڃ وانگر ٿيندا. | 
| بيشڪ دوزخ انتظار ڪڍڻ وارو آھي. | 
| جو ھٺيلن جو رھڻ جو ھنڌ آھي. | 
| منجھس ڪيئي ڊگھيون مُدتون رھندا. | 
| اُن ۾ نڪا ٿڌائي ۽ نڪا پيڻ جي شيءِ چکندا. | 
| تتي پاڻي ۽ روڳ کانسواءِ. | 
| جَزَاءً وِفَاقًا(26)(اھو سندن) پورو پورو بدلو آھي. | 
| ڇوته اُھي حساب ڏيڻ جي اُميد نه رکندا ھوا. | 
| ۽ اسان جي حُڪمن کي بلڪل ڪوڙ ڀائيندا ھوا. | 
| ۽ سڀ شيءِ کي لکي ڳڻي ڇڏيو اٿون. | 
| پوءِ (چئبن ته مزو) چکو جو عذاب کانسواءِ اوھان تي (ٻيو) ڪي (به) نه وڌائينداسون. | 
| بيشڪ پرھيزگارن لاءِ ڪاميابي آھي. | 
| جو باغ ۽ ڊاکون. | 
| ۽ ھم عمر نوجوان زالون. | 
| ۽ شراب جا ڇلڪندڙ پيالا (به). | 
| اتي نڪا اجائي بڪ ۽ نڪو ڪوڙ ٻڌندا. | 
| (اھو پورو) بدلو تنھنجي پالڻھار کان (انعام) عطا ڪيل حساب روءِ آھي. | 
| رَّبِّ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا الرَّحْمَٰنِ ۖ لَا يَمْلِكُونَ مِنْهُ خِطَابًا(37)جو آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي ٻنھي جي وچ ۾ آھي تن جو پالڻھار ٻاجھارو آھي اُن (جي ھيبت) کان ڪوبه ورندي ڏئي نه سگھندو. | 
| جنھن ڏينھن روح ۽ (سڀئي) ملائڪ صفون ٻڌي بيھندا (تنھن ڏينھن) جنھن کي ٻاجھاري (الله) موڪل ڏني ھوندي ۽ پوري ڳالھ ڳالھائي ھوندائين تنھن کانسواءِ (ٻيو ڪي به) نه ڳالھائيندا. | 
| ذَٰلِكَ الْيَوْمُ الْحَقُّ ۖ فَمَن شَاءَ اتَّخَذَ إِلَىٰ رَبِّهِ مَآبًا(39)اِھو ڏينھن سچ پچ (ٿيڻو) آھي، تنھنڪري جيڪو گھري سو پنھنجي پالڻھار ڏانھن (پنھنجي) رھڻ جو ھنڌ ٺاھي. | 
| بيشڪ اسان اوھان کي ويجھي عذاب (اچڻ) کان ڊيڄاري چڪاسون، جنھن ڏينھن آدمي اُھو ڏسندو جيڪي سندس ٻنھي ھٿن اڳي ڪري موڪليو ۽ ڪافر چوندو ته ھاءِ ارمان جيڪر آءٌ مٽي ھجان ھا. | 
Sindhi dili diğer sureler:
En ünlü okuyucuların sesiyle Nebe (amme) Suresi indirin:
Surah An-Naba mp3:  yüksek kalitede dinlemek ve indirmek için okuyucuyu seçerek
 Ahmed El Agamy
Ahmed El Agamy
 Saad Al Ghamdi
Saad Al Ghamdi
 Saud Al Shuraim
Saud Al Shuraim
 Abdul Basit
Abdul Basit 
 Abdullah Basfar
Abdullah Basfar
 Abdullah Al Juhani
Abdullah Al Juhani
 Ali Al Hudhaifi
Ali Al Hudhaifi
 Fares Abbad
Fares Abbad
 Maher Al Muaiqly
Maher Al Muaiqly
 Muhammad Jibril
Muhammad Jibril
 Al Minshawi
Al Minshawi
 Al Hosary
Al Hosary
 Mishari Al-afasi
Mishari Al-afasi
 Nasser Al Qatami
Nasser Al Qatami
 Yasser Al Dosari
Yasser Al Dosari
Bizim için dua et, teşekkürler





