📖 0/604 پڙهيل صفحا
📄 135
وَهُوَ ٱلَّذِي يَتَوَفَّىٰكُم بِٱلَّيۡلِ وَيَعۡلَمُ مَا جَرَحۡتُم بِٱلنَّهَارِ ثُمَّ يَبۡعَثُكُمۡ فِيهِ لِيُقۡضَىٰٓ أَجَلٌ مُّسَمًّىۖ ثُمَّ إِلَيۡهِ مَرۡجِعُكُمۡ ثُمَّ يُنَبِّئُكُم بِمَا كُنتُمۡ تَعۡمَلُونَ  ۝٦٠ وَهُوَ ٱلۡقَاهِرُ فَوۡقَ عِبَادِهِۦۖ وَيُرۡسِلُ عَلَيۡكُمۡ حَفَظَةً حَتَّىٰٓ إِذَا جَآءَ أَحَدَكُمُ ٱلۡمَوۡتُ تَوَفَّتۡهُ رُسُلُنَا وَهُمۡ لَا يُفَرِّطُونَ  ۝٦١ ثُمَّ رُدُّوٓاْ إِلَى ٱللَّهِ مَوۡلَىٰهُمُ ٱلۡحَقِّۚ أَلَا لَهُ ٱلۡحُكۡمُ وَهُوَ أَسۡرَعُ ٱلۡحَٰسِبِينَ  ۝٦٢ قُلۡ مَن يُنَجِّيكُم مِّن ظُلُمَٰتِ ٱلۡبَرِّ وَٱلۡبَحۡرِ تَدۡعُونَهُۥ تَضَرُّعًا وَخُفۡيَةً لَّئِنۡ أَنجَىٰنَا مِنۡ هَٰذِهِۦ لَنَكُونَنَّ مِنَ ٱلشَّٰكِرِينَ  ۝٦٣ قُلِ ٱللَّهُ يُنَجِّيكُم مِّنۡهَا وَمِن كُلِّ كَرۡبٍ ثُمَّ أَنتُمۡ تُشۡرِكُونَ  ۝٦٤ قُلۡ هُوَ ٱلۡقَادِرُ عَلَىٰٓ أَن يَبۡعَثَ عَلَيۡكُمۡ عَذَابًا مِّن فَوۡقِكُمۡ أَوۡ مِن تَحۡتِ أَرۡجُلِكُمۡ أَوۡ يَلۡبِسَكُمۡ شِيَعًا وَيُذِيقَ بَعۡضَكُم بَأۡسَ بَعۡضٍۗ ٱنظُرۡ كَيۡفَ نُصَرِّفُ ٱلۡأٓيَٰتِ لَعَلَّهُمۡ يَفۡقَهُونَ  ۝٦٥ وَكَذَّبَ بِهِۦ قَوۡمُكَ وَهُوَ ٱلۡحَقُّۚ قُل لَّسۡتُ عَلَيۡكُم بِوَكِيلٍ  ۝٦٦ لِّكُلِّ نَبَإٍ مُّسۡتَقَرٌّۚ وَسَوۡفَ تَعۡلَمُونَ  ۝٦٧ وَإِذَا رَأَيۡتَ ٱلَّذِينَ يَخُوضُونَ فِيٓ ءَايَٰتِنَا فَأَعۡرِضۡ عَنۡهُمۡ حَتَّىٰ يَخُوضُواْ فِي حَدِيثٍ غَيۡرِهِۦۚ وَإِمَّا يُنسِيَنَّكَ ٱلشَّيۡطَٰنُ فَلَا تَقۡعُدۡ بَعۡدَ ٱلذِّكۡرَىٰ مَعَ ٱلۡقَوۡمِ ٱلظَّٰلِمِينَ  ۝٦٨
6:60
وَهُوَ ٱلَّذِي يَتَوَفَّىٰكُم بِٱلَّيۡلِ وَيَعۡلَمُ مَا جَرَحۡتُم بِٱلنَّهَارِ ثُمَّ يَبۡعَثُكُمۡ فِيهِ لِيُقۡضَىٰٓ أَجَلٌ مُّسَمًّىۖ ثُمَّ إِلَيۡهِ مَرۡجِعُكُمۡ ثُمَّ يُنَبِّئُكُم بِمَا كُنتُمۡ تَعۡمَلُونَ  ۝٦٠
۽ اُھو (الله) آھي جيڪو اوھان کي رات جو (ڄڻڪ) ماري ٿو ۽ جيڪي اوھين ڏينھن جو ڪمايو ٿا سو (به) ڄاڻندو آھي وري اوھان کي ان مان ھن لاءِ (جاڳائي) اٿاريندو آھي ته ٺھرايل مُدّت پوري ڪرائي وڃي، وري اوھان (سڀني) جو ڏانھس موٽڻ آھي وري جيڪي اوھين ڪندا آھيو تنھنجي اوھان کي سُڌ ڏيندو.
6:61
وَهُوَ ٱلۡقَاهِرُ فَوۡقَ عِبَادِهِۦۖ وَيُرۡسِلُ عَلَيۡكُمۡ حَفَظَةً حَتَّىٰٓ إِذَا جَآءَ أَحَدَكُمُ ٱلۡمَوۡتُ تَوَفَّتۡهُ رُسُلُنَا وَهُمۡ لَا يُفَرِّطُونَ  ۝٦١
۽ اُھو پنھنجن ٻانھن تي غالب آھي ۽ اوھان تي پنھنجا نگھبان موڪليندو آھي، ته جڏھن اوھان منجھان ڪنھن ھڪ کي موت اچي تڏھن اسان جا قاصد (ملائڪ) ان کي ماريندا آھن ۽ اُھي ڪوتاھي نه ڪندا آھن.
6:62
ثُمَّ رُدُّوٓاْ إِلَى ٱللَّهِ مَوۡلَىٰهُمُ ٱلۡحَقِّۚ أَلَا لَهُ ٱلۡحُكۡمُ وَهُوَ أَسۡرَعُ ٱلۡحَٰسِبِينَ  ۝٦٢
وري (سڀ مئل) سندن سچي ڌڻي الله ڏانھن موٽايا ويندا، خبردار ان جو حُڪم (غالب) آھي، ۽ اُھو جلد حساب وٺندڙ آھي.
6:63
قُلۡ مَن يُنَجِّيكُم مِّن ظُلُمَٰتِ ٱلۡبَرِّ وَٱلۡبَحۡرِ تَدۡعُونَهُۥ تَضَرُّعًا وَخُفۡيَةً لَّئِنۡ أَنجَىٰنَا مِنۡ هَٰذِهِۦ لَنَكُونَنَّ مِنَ ٱلشَّٰكِرِينَ  ۝٦٣
(اي پيغمبر) چؤ ته اوھان کي پَٽن ۽ دريائن جي اونداھين کان ڪير ڇڏائيندو آھي (جڏھن) کيس زاريءَ سان ۽ ڳجھو سڏيندا آھيو؟ (۽ چوندا آھيو) ته جيڪڏھن اسان کي ھن (ڏُک) کان الله ڇڏايو ته شڪر ڪندڙن مان ضرور ٿينداسون.
6:64
قُلِ ٱللَّهُ يُنَجِّيكُم مِّنۡهَا وَمِن كُلِّ كَرۡبٍ ثُمَّ أَنتُمۡ تُشۡرِكُونَ  ۝٦٤
(اي پيغمبر کين) چؤ ته الله اوھان کي ان کان ۽ سڀڪنھن ڏک کان ڇڏائيندو آھي وري به اوھين (ان سان) شرڪ ڪندا آھيو.
6:65
قُلۡ هُوَ ٱلۡقَادِرُ عَلَىٰٓ أَن يَبۡعَثَ عَلَيۡكُمۡ عَذَابًا مِّن فَوۡقِكُمۡ أَوۡ مِن تَحۡتِ أَرۡجُلِكُمۡ أَوۡ يَلۡبِسَكُمۡ شِيَعًا وَيُذِيقَ بَعۡضَكُم بَأۡسَ بَعۡضٍۗ ٱنظُرۡ كَيۡفَ نُصَرِّفُ ٱلۡأٓيَٰتِ لَعَلَّهُمۡ يَفۡقَهُونَ  ۝٦٥
(اي پيغمبر کين) چؤ ته اُھو (الله) اوھان تي اوھان جي مٿان يا اوھان جي پيرن جي ھيٺان عذاب موڪلڻ لاءِ وس وارو آھي يا اوھان کي ٽولي ٽولي ڪري وِڇڙائي ۽ اوھان مان ڪن کي ڪن جي لڙائي (جو مزو) چکائي، ڏس ته اسين ڪھڙي طرح (طرحين طرحين) دليل بيان ٿا ڪريون ته مانَ اُھي سمجھن.
6:66
وَكَذَّبَ بِهِۦ قَوۡمُكَ وَهُوَ ٱلۡحَقُّۚ قُل لَّسۡتُ عَلَيۡكُم بِوَكِيلٍ  ۝٦٦
۽ تنھنجي قوم اُن (قرآن) کي ڪوڙ ڀانيو ۽ (حقيقت ڪري) اُھو بلڪل سچ آھي، (اي پيغمبر کين) چؤ ته آءٌ اوھان جو ذمي وار نه آھيان.
6:67
لِّكُلِّ نَبَإٍ مُّسۡتَقَرٌّۚ وَسَوۡفَ تَعۡلَمُونَ  ۝٦٧
(۽) ھر ھڪ شيء لاءِ ھڪ وقت مقرّر آھي ۽ سگھو ڄاڻندؤ.
6:68
وَإِذَا رَأَيۡتَ ٱلَّذِينَ يَخُوضُونَ فِيٓ ءَايَٰتِنَا فَأَعۡرِضۡ عَنۡهُمۡ حَتَّىٰ يَخُوضُواْ فِي حَدِيثٍ غَيۡرِهِۦۚ وَإِمَّا يُنسِيَنَّكَ ٱلشَّيۡطَٰنُ فَلَا تَقۡعُدۡ بَعۡدَ ٱلذِّكۡرَىٰ مَعَ ٱلۡقَوۡمِ ٱلظَّٰلِمِينَ  ۝٦٨
۽ جيڪي اسان جي آيتن بابت اجايو بحث ڪندا آھن تن کي جڏھن ڏسين ته کانئن مُنھن موڙ جيستائين اُن ڌاران ٻيءَ ڪنھن ڳالھه ۾ بحث ڪن، ۽ جيڪڏھن شيطان توکي وسارائي ته ياد اچڻ کانپوءِ ظالم ٽوليءَ سان نه ويھ.


📚Juz 7 📄135 / 604



Mishary Rashid Alafasy
Mahmoud Khalil Al-Husary
Abdurrahman As-Sudais
Mohamed Siddiq Al-Minshawi
Abdul Basit Abdul Samad
Ali Al-Hudhaify
Ahmed ibn Ali al-Ajamy
Abu Bakr Ash-Shaatree
Muhammad Ayyoub
Abdullah Basfar
Abdullah Al-Juhani
Maher Al Muaiqly
0:00
0:00
-

قرآن ڪريم


Saturday, August 22, 2026

Don't forget us in your sincere prayers