📖 0/604 پڙهيل صفحا
📄 14
بقرہ

بقرہ

2:89
وَلَمَّا جَآءَهُمۡ كِتَٰبٌ مِّنۡ عِندِ ٱللَّهِ مُصَدِّقٌ لِّمَا مَعَهُمۡ وَكَانُواْ مِن قَبۡلُ يَسۡتَفۡتِحُونَ عَلَى ٱلَّذِينَ كَفَرُواْ فَلَمَّا جَآءَهُم مَّا عَرَفُواْ كَفَرُواْ بِهِۦۚ فَلَعۡنَةُ ٱللَّهِ عَلَى ٱلۡكَٰفِرِينَ ٨٩
۽ جڏھن الله وٽان ڪتاب (قرآن) انھي (توريت) جو سچو ڪندڙ آين جيڪو وٽن آھي ۽ (ھن کان) اڳ ڪافرن تي سوڀ جون (دعائون) گھرندا ھئا، پوءِ جڏھن وٽن آيو جنھن کي سڃاتائون تڏھن ان جو انڪار ڪيائون، پوءِ ڪافرن تي الله جي لعنت آھي.
2:90
بِئۡسَمَا ٱشۡتَرَوۡاْ بِهِۦٓ أَنفُسَهُمۡ أَن يَكۡفُرُواْ بِمَآ أَنزَلَ ٱللَّهُ بَغۡيًا أَن يُنَزِّلَ ٱللَّهُ مِن فَضۡلِهِۦ عَلَىٰ مَن يَشَآءُ مِنۡ عِبَادِهِۦۖ فَبَآءُو بِغَضَبٍ عَلَىٰ غَضَبٍۚ وَلِلۡكَٰفِرِينَ عَذَابٌ مُّهِينٌ ٩٠
اُھو بڇڙو (سودو) آھي جنھن ۾ پاڻ ڏئي جيڪي الله (ﷴ ﷺ تي) لاٿو آھي تنھن جو نه مڃڻ ھن (ڳالھ) جي ساڙ ڪري ڳڌائون ته الله پنھنجي ٻانھن مان جنھن تي گھرندو آھي تنھن تي پنھنجي ٻاجھ سان ڪتاب لاھيندو آھي، پوءِ (الله جي) ڏمر تي ڏمر ھيٺ وريا، ۽ ڪافرن لاءِ خواري ڏيندڙ عذاب آھي.
2:91
وَإِذَا قِيلَ لَهُمۡ ءَامِنُواْ بِمَآ أَنزَلَ ٱللَّهُ قَالُواْ نُؤۡمِنُ بِمَآ أُنزِلَ عَلَيۡنَا وَيَكۡفُرُونَ بِمَا وَرَآءَهُۥ وَهُوَ ٱلۡحَقُّ مُصَدِّقًا لِّمَا مَعَهُمۡۗ قُلۡ فَلِمَ تَقۡتُلُونَ أَنۢبِيَآءَ ٱللَّهِ مِن قَبۡلُ إِن كُنتُم مُّؤۡمِنِينَ ٩١
۽ جڏھن کين چئبو آھي ته جيڪو (قرآن) الله لاٿو تنھن کي مڃيو تڏھن چون ٿا ته جيڪو (توريت) اسان تي لٿل آھي تنھن کي مڃيندا آھيون ۽ جيڪي ان کانسواءِ آھي تنھن کي نه مڃيندا آھن، ۽ (حقيقت ڪري) اھو (قرآن) سچو آھي جيڪو (توريت) وٽن آھي تنھنجو سچو ڪندڙ (به) آھي، (اي پيغمبر) چؤ ته جيڪڏھن (توريت جا) مڃيندڙ آھيو ته الله جي پيغمبرن کي ڇو ڪُٺوَ.
2:92
۞ وَلَقَدۡ جَآءَكُم مُّوسَىٰ بِٱلۡبَيِّنَٰتِ ثُمَّ ٱتَّخَذۡتُمُ ٱلۡعِجۡلَ مِنۢ بَعۡدِهِۦ وَأَنتُمۡ ظَٰلِمُونَ ٩٢
بيشڪ مُوسىٰ اوھان وٽ چٽا معجزا آندا وري کانئس پوءِ گابي کي (خدا ڪري) ورتوَ ۽ اوھين ظالم آھيو.
2:93
وَإِذۡ أَخَذۡنَا مِيثَٰقَكُمۡ وَرَفَعۡنَا فَوۡقَكُمُ ٱلطُّورَ خُذُواْ مَآ ءَاتَيۡنَٰكُم بِقُوَّةٍ وَٱسۡمَعُواْۖ قَالُواْ سَمِعۡنَا وَعَصَيۡنَا وَأُشۡرِبُواْ فِي قُلُوبِهِمُ ٱلۡعِجۡلَ بِكُفۡرِهِمۡۚ قُلۡ بِئۡسَمَا يَأۡمُرُكُم بِهِۦٓ إِيمَٰنُكُمۡ إِن كُنتُم مُّؤۡمِنِينَ ٩٣
۽ جڏھن اوھان کان انجام ورتوسون ۽ اوھان جي مٿان طُور (جبل) کڙو ڪيوسون، (چيوسون ته) جيڪو اوھان کي ڏنوسون (يعني توريت) سو سوگھو وٺو ۽ ٻڌو، تڏھن چيائون ته ٻڌوسون ۽ نه مڃيوسون، ۽ انھن جي دلين ۾ سندن ڪفر سببان گابي جي پريت وڌي وئي، (اي پيغمبر کين) چؤ ته اوھان جو ايمان اوھان کي جنھن شيءِ جو حڪم ڪندو آھي سا بڇڙي آھي جيڪڏھن اوھين (توريت) جا مڃيندڙ آھيو.
العربيةEnglishBahasa IndonesiaTürkçeРусскийفارسیFrançaisاردوবাংলাDeutschEspañol中文हिन्दीPortuguêsItalianoภาษาไทยPolskiNederlandsShqipKiswahiliO'zbekதமிழ்MelayuBosanskiSoomaaliAzərbaycanکوردی한국어日本語SvenskaDanskNorskپښتوമലയാളംසිංහලTamazightHausaአማርኛБългарскиТоҷикӣҚазақшаFilipinoسنڌيYorùbáFulfuldeТатарчаئۇيغۇرچەКыргызчаਪੰਜਾਬੀJawaతెలుగుမြန်မာગુજરાતીOromoमराठीTiếng ViệtMalagasyНохчийнWolofދިވެހިಕನ್ನಡУкраїнськаΕλληνικάქართულიខ្មែរدریQafar afMaranaoनेपाली
قرآن ڪريم
Wednesday, August 19, 2026
Don't forget us in your sincere prayers







