سوره عبس به زبان سندھی
| مُنھن ۾ گُھنڊ وڌائين ۽ مُنھن موڙيائين. | 
| ھن ڪري جو وٽس نابين آيو. | 
| ۽ ڪنھن سمجھايئي جيڪر اُھو سڌرجي ھا. | 
| يا نصيحت ٻڌي ھا پوءِ اُھا نصيحت ٻڌڻ نفعو ڏئيس ھا. | 
| پر جنھن بي پرواھي ڪئي. | 
| پوءِ تنھن (جي سڌاري) لاءِ تون پٺيان پيو آھين. | 
| ھن ۾ توتي (ڪا ميار) ڪانھي ته اُھو نه سُڌرجي. | 
| ۽ جيڪو تو وٽ ڊوڙندو آيو. | 
| ۽ اُھو (پنھنجي الله کان) ڊڄي ٿو. | 
| پوءِ تنھن کان تون ويسلو ٿئين ٿو. | 
| ائين نه آھي بيشڪ اھي (قرآن جون آيتون) ھڪ نصيحت آھي. | 
| پوءِ جيڪو گھُري سو قرآن ياد رکي. | 
| (بيشڪ قرآن جون آيتون) تعظيم وارن ورقن ۾ لکيل آھن. | 
| جي مٿاھان ۽ پاڪ آھن. | 
| لکندڙن جي ھٿن ۾. | 
| كِرَامٍ بَرَرَةٍ(16)جي سڳورا ڀلارا آھن. | 
| ماڻھو ماريو وڃي جو ڪھڙو نه بي شُڪر آھي. | 
| (ڌيان ڪري ته الله) ڪھڙي شيءَ مان پيدا ڪيس. | 
| مني جي ڦڙي مان، خلقيائينس پوءِ اندازو مقرر ڪيائينس. | 
| وري (نڪرڻ جي) واٽ سنھنجي ڪيائينس. | 
| وري ماريائينس پوءِ قبر ۾ رکايائينس. | 
| وري جڏھن گھرندو تڏھن اُن کي جيئرو ڪندو. | 
| ائين نه آھي جيڪي فرمايائينس سو پورو نه ڪيائين. | 
| پوءِ جڳائي ته ماڻھو پنھنجي کاڌي ڏانھن نھاري ڏسي. | 
| ته اسان پاڻي کي چڱيءَ طرح آسمان کان پلٽيو. | 
| وري زمين کي پوري طرح چيريوسون. | 
| پوءِ منجھس اَن ڄمايوسون. | 
| ۽ ڊاکون ۽ ترڪاريون. | 
| ۽ زيتون ۽ کجيون. | 
| ۽ گھاٽا باغ. | 
| ۽ ميوو ۽ گاھ (به). | 
| اوھان جي نفعي لاءِ ۽ اوھان جي ڍورن لاءِ. | 
| پوءِ جڏھن ڪَن ٻوڙا ڪندڙ (دھشت واري) ھڪل ايندي. | 
| انھي ڏينھن آدمي پنھنجي ڀاءُ کان ڀڄندو. | 
| ۽ (پڻ) پنھنجي ماءُ کان ۽ پنھنجي پيءُ کان. | 
| ۽ پنھنجي گھر واريءَ کان ۽ پنھنجي پٽن کان ڀڄندو. | 
| انھن مان سڀڪنھن مڙس لاءِ اُن ڏينھن اھڙي حالت ھوندي جو کيس بس ھوندي. | 
| ڪيترائي منھن اُن ڏينھن روشن ھوندا. | 
| کِلندڙ ۽ (تمام) سرھا ھوندا. | 
| ۽ ڪيترائي منھن (ھوندا) جن تي اُن ڏينھن رئي پيل ھوندي. | 
| جن کي ڪارنھن ويڙھي ويندي. | 
| اھي ئي مُنڪر بدڪار آھن. | 
سورهای بیشتر به زبان سندھی:
دانلود سوره عبس با صدای معروفترین قراء:
انتخاب خواننده برای گوش دادن و دانلود کامل سوره عبس با کیفیت بالا.
 أحمد العجمي
أحمد العجمي
 ابراهيم الاخضر
ابراهيم الاخضر
 بندر بليلة
بندر بليلة
 خالد الجليل
خالد الجليل
 حاتم فريد الواعر
حاتم فريد الواعر
 خليفة الطنيجي
خليفة الطنيجي
 سعد الغامدي
سعد الغامدي
 سعود الشريم
سعود الشريم
 الشاطري
الشاطري
 صلاح بوخاطر
صلاح بوخاطر
 عبد الباسط
عبد الباسط 
 عبدالرحمن العوسي
عبدالرحمن العوسي
 عبد الرشيد صوفي
عبد الرشيد صوفي
 عبدالعزيز الزهراني
عبدالعزيز الزهراني
 عبد الله بصفر
عبد الله بصفر
 عبد الله الجهني
عبد الله الجهني
 علي الحذيفي
علي الحذيفي
 علي جابر
علي جابر
 غسان الشوربجي
غسان الشوربجي
 فارس عباد
فارس عباد
 ماهر المعيقلي
ماهر المعيقلي
 محمد أيوب
محمد أيوب
 محمد المحيسني
محمد المحيسني
 محمد جبريل
محمد جبريل
 المنشاوي
المنشاوي
 الحصري
الحصري
 مشاري العفاسي
مشاري العفاسي
 ناصر القطامي
ناصر القطامي
 وديع اليمني
وديع اليمني
 ياسر الدوسري
ياسر الدوسري
به قرآن کریم چنگ بزنید





