📖 0/604 پڙهيل صفحا
فونٽ سائيز
📝 هي صفحو ياد ڪريو
📄 11
بقرہ
bismillah
قَالُواْ ٱدۡعُ لَنَا رَبَّكَ يُبَيِّن لَّنَا مَا هِيَ إِنَّ ٱلۡبَقَرَ تَشَٰبَهَ عَلَيۡنَا وَإِنَّآ إِن شَآءَ ٱللَّهُ لَمُهۡتَدُونَ  ۝٧٠ قَالَ إِنَّهُۥ يَقُولُ إِنَّهَا بَقَرَةٌ لَّا ذَلُولٌ تُثِيرُ ٱلۡأَرۡضَ وَلَا تَسۡقِي ٱلۡحَرۡثَ مُسَلَّمَةٌ لَّا شِيَةَ فِيهَاۚ قَالُواْ ٱلۡـَٰٔنَ جِئۡتَ بِٱلۡحَقِّۚ فَذَبَحُوهَا وَمَا كَادُواْ يَفۡعَلُونَ  ۝٧١ وَإِذۡ قَتَلۡتُمۡ نَفۡسًا فَٱدَّٰرَٰٔتُمۡ فِيهَاۖ وَٱللَّهُ مُخۡرِجٌ مَّا كُنتُمۡ تَكۡتُمُونَ  ۝٧٢ فَقُلۡنَا ٱضۡرِبُوهُ بِبَعۡضِهَاۚ كَذَٰلِكَ يُحۡيِ ٱللَّهُ ٱلۡمَوۡتَىٰ وَيُرِيكُمۡ ءَايَٰتِهِۦ لَعَلَّكُمۡ تَعۡقِلُونَ  ۝٧٣ ثُمَّ قَسَتۡ قُلُوبُكُم مِّنۢ بَعۡدِ ذَٰلِكَ فَهِيَ كَٱلۡحِجَارَةِ أَوۡ أَشَدُّ قَسۡوَةًۚ وَإِنَّ مِنَ ٱلۡحِجَارَةِ لَمَا يَتَفَجَّرُ مِنۡهُ ٱلۡأَنۡهَٰرُۚ وَإِنَّ مِنۡهَا لَمَا يَشَّقَّقُ فَيَخۡرُجُ مِنۡهُ ٱلۡمَآءُۚ وَإِنَّ مِنۡهَا لَمَا يَهۡبِطُ مِنۡ خَشۡيَةِ ٱللَّهِۗ وَمَا ٱللَّهُ بِغَٰفِلٍ عَمَّا تَعۡمَلُونَ  ۝٧٤ ۞ أَفَتَطۡمَعُونَ أَن يُؤۡمِنُواْ لَكُمۡ وَقَدۡ كَانَ فَرِيقٌ مِّنۡهُمۡ يَسۡمَعُونَ كَلَٰمَ ٱللَّهِ ثُمَّ يُحَرِّفُونَهُۥ مِنۢ بَعۡدِ مَا عَقَلُوهُ وَهُمۡ يَعۡلَمُونَ  ۝٧٥ وَإِذَا لَقُواْ ٱلَّذِينَ ءَامَنُواْ قَالُوٓاْ ءَامَنَّا وَإِذَا خَلَا بَعۡضُهُمۡ إِلَىٰ بَعۡضٍ قَالُوٓاْ أَتُحَدِّثُونَهُم بِمَا فَتَحَ ٱللَّهُ عَلَيۡكُمۡ لِيُحَآجُّوكُم بِهِۦ عِندَ رَبِّكُمۡۚ أَفَلَا تَعۡقِلُونَ  ۝٧٦
بقرہ
bismillah
2:70
قَالُواْ ٱدۡعُ لَنَا رَبَّكَ يُبَيِّن لَّنَا مَا هِيَ إِنَّ ٱلۡبَقَرَ تَشَٰبَهَ عَلَيۡنَا وَإِنَّآ إِن شَآءَ ٱللَّهُ لَمُهۡتَدُونَ  ۝٧٠
چيائون ته پنھنجي پالڻھار کان اسان لاءِ دُعا گھر ته اسان لاءِ چٽائي ڪري ته اُھا (ڳـئون) ڪھڙي (پارين) آھي ڇوته ڳـئون اسان وٽ (پاڻ جھڙين ۾) گڏيل آھي، ۽ جيڪڏھن الله گھريو ته اسين ضرور لھنداسين.
2:71
قَالَ إِنَّهُۥ يَقُولُ إِنَّهَا بَقَرَةٌ لَّا ذَلُولٌ تُثِيرُ ٱلۡأَرۡضَ وَلَا تَسۡقِي ٱلۡحَرۡثَ مُسَلَّمَةٌ لَّا شِيَةَ فِيهَاۚ قَالُواْ ٱلۡـَٰٔنَ جِئۡتَ بِٱلۡحَقِّۚ فَذَبَحُوهَا وَمَا كَادُواْ يَفۡعَلُونَ  ۝٧١
(موسىٰ) چيو ته الله چوي ٿو ته اُھا اھڙي ڳـئون آھي (جو) نڪي وھو آھي جو ھر کيڙي ۽ نڪي پوک پياري، اڻ وڍ آھي منجھس ڪو دٻڪ ڪونھي، چيائون ته ھاڻي تو پورو پار آندو، پوءِ اُن کي ڪُٺائون ۽ (انھي ڪم) ڪرڻ تي نه ھوا.
2:72
وَإِذۡ قَتَلۡتُمۡ نَفۡسًا فَٱدَّٰرَٰٔتُمۡ فِيهَاۖ وَٱللَّهُ مُخۡرِجٌ مَّا كُنتُمۡ تَكۡتُمُونَ  ۝٧٢
۽ جڏھن ھڪ شخص کي ڪُٺوَ تڏھن ان (جي ماريندڙ) بابت تڪرار ڪيوَ، ۽ جيڪي لڪائيندا آھيو سو الله پڌرو ڪندڙ آھي.
2:73
فَقُلۡنَا ٱضۡرِبُوهُ بِبَعۡضِهَاۚ كَذَٰلِكَ يُحۡيِ ٱللَّهُ ٱلۡمَوۡتَىٰ وَيُرِيكُمۡ ءَايَٰتِهِۦ لَعَلَّكُمۡ تَعۡقِلُونَ  ۝٧٣
پوءِ چيوسين ته سندس (گوشت جو) ڪُجھ ڀاڱو اُن (مئل) کي ھڻو، اھڙي طرح الله مئلن کي جياريندو آھي ۽ اوھان کي پنھنجيون نشانيون ڏيکاريندو آھي ته مانَ اوھين سمجھو.
2:74
ثُمَّ قَسَتۡ قُلُوبُكُم مِّنۢ بَعۡدِ ذَٰلِكَ فَهِيَ كَٱلۡحِجَارَةِ أَوۡ أَشَدُّ قَسۡوَةًۚ وَإِنَّ مِنَ ٱلۡحِجَارَةِ لَمَا يَتَفَجَّرُ مِنۡهُ ٱلۡأَنۡهَٰرُۚ وَإِنَّ مِنۡهَا لَمَا يَشَّقَّقُ فَيَخۡرُجُ مِنۡهُ ٱلۡمَآءُۚ وَإِنَّ مِنۡهَا لَمَا يَهۡبِطُ مِنۡ خَشۡيَةِ ٱللَّهِۗ وَمَا ٱللَّهُ بِغَٰفِلٍ عَمَّا تَعۡمَلُونَ  ۝٧٤
وري ان کانپوءِ اوھان جون دليون ڏاڍيون ٿيون پوءِ پھڻ وانگر بلڪ ڏاڍيون سخت آھن، ۽ پھڻن مان ڪي اھڙا (به) آھن جو منجھائن واھيون ڦاٽي نڪرنديون آھن، ۽ منجھائن ڪو ڦاٽندو آھي پوءِ منجھانئس پاڻي نڪرندو آھي، ۽ منجھائس ڪو الله جي ڀؤ کان ڪرندو آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن کان الله بيخبر نه آھي.
2:75
۞ أَفَتَطۡمَعُونَ أَن يُؤۡمِنُواْ لَكُمۡ وَقَدۡ كَانَ فَرِيقٌ مِّنۡهُمۡ يَسۡمَعُونَ كَلَٰمَ ٱللَّهِ ثُمَّ يُحَرِّفُونَهُۥ مِنۢ بَعۡدِ مَا عَقَلُوهُ وَهُمۡ يَعۡلَمُونَ  ۝٧٥
(اي مسلمانؤ! اوھين يھودين ۾) پاڻ لاءِ فرمانبردار ھجڻ جو ھِن ھوندي به اڃان آسرو رکو ٿا ڇا؟ جو بيشڪ منجھائن ھڪ ٽولي اِھڙي آھي جو الله جو ڪلام ٻڌندا آھن وري ان جي سمجھڻ کان پوءِ اُھي ڄاڻ ھوندي ان کي مٽائيندا آھن.
2:76
وَإِذَا لَقُواْ ٱلَّذِينَ ءَامَنُواْ قَالُوٓاْ ءَامَنَّا وَإِذَا خَلَا بَعۡضُهُمۡ إِلَىٰ بَعۡضٍ قَالُوٓاْ أَتُحَدِّثُونَهُم بِمَا فَتَحَ ٱللَّهُ عَلَيۡكُمۡ لِيُحَآجُّوكُم بِهِۦ عِندَ رَبِّكُمۡۚ أَفَلَا تَعۡقِلُونَ  ۝٧٦
۽ جڏھن مؤمنن کي ملندا آھن تڏھن چوندا آھن ته مڃيوسين، ۽ جڏھن ھڪ ٻئي کي ھيڪلو ملندا آھن (تڏھن پاڻ ۾) چوندا آھن ته جيڪي الله اوھان تي کوليو آھي تنھن جي ڳالھ ساڻن ڇو ڪندا آھيو ته اِن سببان اوھان جي پالڻھار وٽ اوھان تي حجت وٺندا رھن، اوھين ڇونه سمجھندا آھيو؟


📚Juz 1 📄11 / 604



Mishary Rashid Alafasy
Mahmoud Khalil Al-Husary
Abdurrahman As-Sudais
Mohamed Siddiq Al-Minshawi
Abdul Basit Abdul Samad
Ali Al-Hudhaify
Ahmed ibn Ali al-Ajamy
Abu Bakr Ash-Shaatree
Muhammad Ayyoub
Abdullah Basfar
Abdullah Al-Juhani
Maher Al Muaiqly
0:00
0:00
-

قرآن ڪريم


Wednesday, August 19, 2026

Don't forget us in your sincere prayers