PDF —
18 آيت Medinan PDF
Built right in your browser — download starts automatically

سورو تغابن pdf — ڊائونلوڊ (سنڌي)

سورو تغابن pdf سنڌي — ڊائونلوڊ سورو تغابن ترجمو. تغابن (Medinan) 18 آيت.



18 آيت · Medinan · سنڌي
bismillah
ﭑﭒﭓﭔﭕﭖﭗﭘﭙﭚﭛﭜﭝﭞﭟﭠﭡﭢﭣﭤ
64:1 جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (سڀ) الله جي پاڪائي بيان ڪندو آھي، سندس ئي بادشاھي آھي ۽ سنديس ئي ساراھ آھي، ۽ اُھو سڀڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي.
ﭥﭦﭧﭨﭩﭪﭫﭬﭭﭮﭯﭰﭱ
64:2 (الله) اھو آھي جنھن اوھان کي پيدا ڪيو پوءِ اوھان مان ڪو ڪافر ۽ اوھان مان ڪو مؤمن آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي.
ﭲﭳﭴﭵﭶﭷﭸﭹﭺﭻﭼ
64:3 آسمانن ۽ زمين کي پوريءَ رِٿ سان بڻايائين ۽ اوھانکي صُورت ڏنائين پوءِ اوھان جون صُورتون تمام چڱيون بڻايائين ۽ ڏانھس موٽڻ آھي.
ﭽﭾﭿﮀﮁﮂﮃﮄﮅﮆﮇﮈﮉﮊﮋﮌ
64:4 جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو (اُھو) ڄاڻندو آھي ۽ جيڪي لڪائيندا آھيو ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھيو سو (به) ڄاڻندو آھي، ۽ الله سينن جو ڳجھ ڄاڻندڙ آھي.
ﮍﮎﮏﮐﮑﮒﮓﮔﮕﮖﮗﮘﮙﮚ
64:5 (ھن کان) اڳ جيڪي ڪافر ھئا تن جي اوھان وٽ خبر نه آئي آھي ڇا؟ پوءِ پنھنجي ڪئي جي سزا چکيائون ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.
ﮛﮜﮝﮞﮟﮠﮡﮢﮣﮤﮥﮦﮧﮨﮩﮪﮫﮬﮭ
64:6 اِھو (عذاب) ھِن ڪري آھي جو سندن پيغمبر (چِٽن) مُعجزن سان وٽن ايندا ھئا ته چوندا ھوا ته اسان کي (اسان جھڙا) ماڻھو (سڌو) رستو ڏيکاريندا ڇا، پوءِ انڪار ڪيائون ۽ منھن ڦيرايائون ۽ الله (به) بي پرواھي ڪئي، ۽ الله بي پرواھ ساراھيل آھي.
ﮮﮯﮰﮱﯓﯔﯕﯖﯗﯘﯙﯚﯛﯜﯝﯞﯟﯠﯡﯢﯣ
64:7 ڪافر ڀائيندا آھن ته (قبرن مان) کين ڪڏھن نه اُٿاربو، (کين) چؤ ته ھائو! منھنجي پالڻھار جو قسم ته (اوھين) ضرور اُٿاربؤ وري جيڪي ڪندا ھئو تنھن جي اوھان کي ضرور سُڌ ڏبي، ۽ اھو (ڪم) الله کي آسان آھي.
ﯤﯥﯦﯧﯨﯩﯪﯫﯬﯭﯮﯯ
64:8 تنھنڪري الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آڻيو ۽ اُنھيءَ نُور (قرآن) تي به جيڪو نازل ڪيوسون، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي.
ﯰﯱﯲﯳﯴﯵﯶﯷﯸﯹﯺﯻﯼﯽﯾﯿﰀﰁﰂﰃﰄﰅﰆﰇﰈﰉﰊﰋﰌﰍﰎ
64:9 جنھن مھل اوھان کي قيامت جي ڏينھن ۾ گڏ ڪندو اُھو ڏينھن ھارجڻ ۽ کٽجڻ جو آھي، ۽ جيڪو الله تي ايمان آڻيندو ۽ چڱا ڪم ڪندو تنھن کان سندس مدايون الله ميٽيندو ۽ اھڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن اُتي سدائين رھندا، اُھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.
ﭑﭒﭓﭔﭕﭖﭗﭘﭙﭚﭛﭜﭝ
64:10 ۽ جن ڪُفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڄاتو اھي دوزخي آھن اُن ۾ سدائين رھندا، ۽ (اُھو) ھنڌ بڇڙو آھي.
ﭞﭟﭠﭡﭢﭣﭤﭥﭦﭧﭨﭩﭪﭫﭬﭭﭮﭯﭰ
64:11 الله جي حُڪم کانسواءِ ڪابه مصيبت نه پھچندي آھي، ۽ جيڪو الله تي ايمان آڻيندو تنھن جي دل کي (اُھو) ھدايت ڪندو، ۽ الله ھر شيءَ کي ڄاڻندڙ آھي.
ﭱﭲﭳﭴﭵﭶﭷﭸﭹﭺﭻﭼﭽ
64:12 ۽ الله جو چيو مڃيو ۽ پيغمبر جو چيو مڃيو، پوءِ جيڪڏھن مُنھن موڙيندؤ ته اسان جي پيغمبر تي رڳو پڌرو پيغام پھچائڻ آھي.
ﭾﭿﮀﮁﮂﮃﮄﮅﮆﮇﮈ
64:13 الله (اُھو آھي جو) اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي، ۽ مؤمنن کي جڳائي ته الله تي (ئي) ڀروسو ڪن.
ﮉﮊﮋﮌﮍﮎﮏﮐﮑﮒﮓﮔﮕﮖﮗﮘﮙﮚﮛﮜ
64:14 اي ايمان وارؤ بيشڪ ڪي اوھان جون زالون ۽ ڪي اوھان جو اولاد اوھان جو دشمن آھي تنھنڪري انھن کان حذر ڪريو، ۽ جيڪڏھن معافي ڪريو ۽ ٽارو ڪريو ۽ بخشيو ته بيشڪ الله (به) بخشڻھار مھربان آھي.
ﮝﮞﮟﮠﮡﮢﮣﮤﮥﮦ
64:15 اوھان جا مال ۽ اوھان جو اولاد رڳو پرک آھن، ۽ الله ئي وٽ وڏو اجر آھي.
ﮧﮨﮩﮪﮫﮬﮭﮮﮯﮰﮱﯓﯔﯕﯖﯗﯘﯙ
64:16 تنھنڪري جيترو ٿي سگھيوَ اوترو الله کان ڊڄو ۽ (الله جو حُڪم) ٻڌو ۽ چيو مڃيو ۽ خرچ ڪريو ته اوھان جي جِندن لاءِ چڱو آھي، ۽ جيڪي پنھنجي نفس جي حرص کان بچايا ويا سي ئي ڇُٽڻ وارا آھن.
ﯚﯛﯜﯝﯞﯟﯠﯡﯢﯣﯤﯥﯦﯧ
64:17 جيڪڏھن الله کي چڱيءَ طرح قرض ڏيندؤ ته (الله) اوھان کي اُھو (قرض) ٻيڻون (ورائي ڏيندو) ۽ اوھان کي بخشيندو، ۽ الله قدردان بردبار آھي.
ﯨﯩﯪﯫﯬﯭ
64:18 ڳجھ ۽ ظاھر جو ڄاڻندڙ غالب حڪمت وارو آھي.

قرآن ڪريم


Tuesday, August 18, 2026

Don't forget us in your sincere prayers