PDF —
52 آيت Meccan PDF
Built right in your browser — download starts automatically

سورو حاقہ pdf — ڊائونلوڊ (سنڌي)

سورو حاقہ pdf سنڌي — ڊائونلوڊ سورو حاقہ ترجمو. حاقہ (Meccan) 52 آيت.



52 آيت · Meccan · سنڌي
bismillah
ﮯﮰ
69:1 قيامت.
ﮱﯓﯔ
69:2 ڇا آھي (اھا) قيامت.
ﯕﯖﯗﯘﯙ
69:3 ۽ ڪھڙي شيءِ توکي ڄاڻايو ته قيامت ڇا آھي؟
ﯚﯛﯜﯝﯞ
69:4 ثمود ۽ عاد (قوم) قيامت کي ڪُوڙ ڄاتو.
ﯟﯠﯡﯢﯣ
69:5 پوءِ ثمود (قوم) سي ته ھڪڙي رڙ سان ناس ڪيا ويا.
ﯤﯥﯦﯧﯨﯩﯪ
69:6 ۽ عاد سي ھڪ بيحد سخت واءُ سان ناس ڪيا ويا.
ﯫﯬﯭﯮﯯﯰﯱﯲﯳﯴﯵﯶﯷﯸﯹﯺﯻ
69:7 (الله) اُن (واءُ) کي ست راتيون ۽ اٺ ڏينھن لڳولڳ مٿن کڙو ڪيو پوءِ قوم کي اُن (زمين) ۾ ڪريل ڏسين ھا ڄڻ ته اُھي ڀتي کجيءَ جا ٿُڙ آھن.
ﯼﯽﯾﯿﰀﰁ
69:8 پوءِ انھن کي ڪجھ بچيل ڏسين ٿو ڇا؟
ﭑﭒﭓﭔﭕﭖﭗ
69:9 ۽ فرعون ۽ جيڪي اُن کان اڳ ھوا ۽ ناس ڪيل شھرن وارا (به) گناھ (جا ڪم) ڪري آيا.
ﭘﭙﭚﭛﭜﭝﭞ
69:10 ۽ پنھنجي پالڻھار جي رسول جي نافرماني ڪيائون تنھنڪري (الله) وڏي پڪڙ سان کين پڪڙيو.
ﭟﭠﭡﭢﭣﭤﭥﭦ
69:11 بيشڪ جڏھن پاڻي حد کان لنگھي ويو (تڏھن) اسان اوھان کي ھلندڙ ٻيڙيءَ ۾ چاڙهيو.
ﭧﭨﭩﭪﭫﭬﭭ
69:12 ھن ڪري ته اُن (ڳالھ) کي اوھان لاءِ يادگيري ڪريون ۽ ان کي ڪو ياد رکڻ وارو ڪَنُّ ياد رکي.
ﭮﭯﭰﭱﭲﭳﭴ
69:13 پوءِ جڏھن صُور ۾ ھڪڙي ڦوڪ ڦوڪبي.
ﭵﭶﭷﭸﭹﭺﭻ
69:14 ۽ زمين ۽ جبل کنيا ويندا پوءِ ھڪ ڀيرو انھن کي ڪٽيو ويندو.
ﭼﭽﭾﭿ
69:15 پوءِ اُن ڏينھن قيامت قائم ٿيندي.
ﮀﮁﮂﮃﮄﮅ
69:16 ۽ آسمان ڦاٽندو پوءِ اُھو اُن ڏينھن ڍلو ٿيل ھوندو.
ﮆﮇﮈﮉﮊﮋﮌﮍﮎﮏﮐ
69:17 ۽ ملائڪ آسمان جي ڪنارن تي ھوندا، ۽ تنھنجي پالڻھار جو تخت اُن ڏينھن اٺ ملائڪ پنھنجي مٿان کڻندا.
ﮑﮒﮓﮔﮕﮖﮗ
69:18 اُن ڏينھن اوھان کي (الله جي) آڏو ڪيو ويندو اوھان جي ڪا ڳالھ ڳجھي لڪي نه رھندي.
ﮘﮙﮚﮛﮜﮝﮞﮟﮠﮡ
69:19 پوءِ جنھن کي سندس اعمالنامون سندس سڄي ھٿ ۾ ڏنو ويو سو چوندو ته وٺو منھنجو اعمالنامو پڙھو.
ﮢﮣﮤﮥﮦﮧ
69:20 بيشڪ مون يقين رکيو ھو ته آءٌ پنھنجي حساب کي پھچندس.
ﮨﮩﮪﮫﮬ
69:21 اُھو چڱي گذران ۾ ھوندو.
ﮭﮮﮯﮰ
69:22 مٿاھين بھشت ۾.
ﮱﯓﯔ
69:23 جنھن جا ميوا ويجھا ھوندا.
ﯕﯖﯗﯘﯙﯚﯛﯜﯝ
69:24 (چئبن ته) وڻنديءَ تي کائو ۽ پيئو انھيءَ ڪري جو گذريل ڏينھن ۾ اڳي موڪليو ھيؤ.
ﯞﯟﯠﯡﯢﯣﯤﯥﯦﯧﯨ
69:25 ۽ جنھن کي سندس اعمالنامون سندس کٻي ھٿ ۾ ڏنو ويو، سو چوندو ھاءِ ارمان جيڪر منھنجو اعمالنامون مون کي نه ملي ھا.
ﯩﯪﯫﯬﯭ
69:26 نه ڄاڻان ھا ته منھنجو حساب ڇا آھي؟
ﯮﯯﯰﯱ
69:27 ھاءِ ارمان جيڪر موت نبيريندڙ ھجي ھا.
ﯲﯳﯴﯵﯶﯷ
69:28 منھنجي مال مون کي (ڪو) فائدو نه ڏنو.
ﯸﯹﯺﯻ
69:29 مون کان منھنجي بادشاھت چٽ ٿي.
ﯼﯽﯾ
69:30 (ملائڪن کي چئبو ته) پڪڙيوس پوءِ ڳچيءَ ۾ ڳٽ ٻڌوس.
ﯿﰀﰁﰂ
69:31 وري دوزخ ۾ وجھوس.
ﰃﰄﰅﰆﰇﰈﰉﰊ
69:32 وري اھڙي زنجير ۾ قابو ڪريوس جنھن جي ڊيگھ ستر گز ھجي.
ﰋﰌﰍﰎﰏﰐﰑ
69:33 ڇو ته اُھو (ماڻھو) الله وڏي کي نه مڃيندو ھو.
ﰒﰓﰔﰕﰖﰗ
69:34 ۽ نڪي (ٻـين کي) مسڪينن جي کارائڻ تي تاڪيد ڪندو ھو.
ﰘﰙﰚﰛﰜﰝ
69:35 تنھنڪري اُن جو اڄ ھت ڪو دوست ڪونھي.
ﭑﭒﭓﭔﭕﭖ
69:36 ۽ نڪي اُن جو ڦٽن جي روڳ کانسواءِ ٻيو ڪو کاڌو آھي.
ﭗﭘﭙﭚﭛ
69:37 (جو) ڏوھارين کانسواءِ (ٻيو) ڪو ان کي نه کارائيندو.
ﭜﭝﭞﭟﭠ
69:38 پوءِ جيڪي ڏسو ٿا اُن جو قسم کڻان ٿو.
ﭡﭢﭣﭤ
69:39 ۽ جيڪي نه ٿا ڏسو تنھن جو (به).
ﭥﭦﭧﭨﭩ
69:40 ته بيشڪ ھي (قرآن) ھڪ سڳوري قاصد جو سنيھو آھي.
ﭪﭫﭬﭭﭮﭯﭰﭱﭲ
69:41 ۽ اُھو ڪنھن شاعر جو ڪلام نه آھي، اوھين ٿورڙو يقين رکو ٿا.
ﭳﭴﭵﭶﭷﭸﭹﭺ
69:42 ۽ نڪي ڪنھن ڳجھ بڪندڙ جو ڪلام آھي، ٿوري نصيحت وٺو ٿا.
ﭻﭼﭽﭾﭿ
69:43 (ھيءُ) جھانن جي پالڻھار کان نازل ٿيل آھي.
ﮀﮁﮂﮃﮄﮅ
69:44 ۽ جيڪڏھن (پيغمبر) اسان تي ڪي ڳالھيون (پاڻون) ٺاھي ھا.
ﮆﮇﮈﮉ
69:45 ته ضرور سڄي ھٿ کان کيس پڪڙيون ھا.
ﮊﮋﮌﮍﮎ
69:46 وري سندس دل جي رڳ وڍي ڇڏيون ھا.
ﮏﮐﮑﮒﮓﮔﮕ
69:47 پوءِ اوھان مان ڪو ھڪڙو (اسان جي عذاب کي) کانئس جھلڻ وارو نه آھي.
ﮖﮗﮘﮙ
69:48 ۽ بيشڪ ھي (قرآن) پرھيزگارن لاءِ نصيحت آھي.
ﮚﮛﮜﮝﮞﮟ
69:49 ۽ بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا ته ڪي اوھان مان ڪوڙ ڀانئيندڙ آھن.
ﮠﮡﮢﮣﮤ
69:50 ۽ بيشڪ ھي (قرآن) ڪافرن لاءِ ارمان (جو سبب) آھي.
ﮥﮦﮧﮨ
69:51 ۽ بيشڪ ھي (قرآن) پورو سَچو آھي.
ﮩﮪﮫﮬﮭ
69:52 تنھنڪري تون پنھنجي وڏي پالڻھار جي نالي کي پاڪائيءَ سان ياد ڪر.

قرآن ڪريم


Tuesday, August 18, 2026

Don't forget us in your sincere prayers